هڪ هئي گوري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هڪ هئي گوري
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’

    کپري جي گوري ڀيلڻ جو هي بي ستو سرير اگهڻا ڏينهن اڳ مٽيءَ جي حوالي ٿي ويو، ان کان اڳ جو گوري ڀيلڻ لوڪ کان وسريو وڃي آئون ان جي ڏک ڪهاڻي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو.
    ساماري ڀرسان سرهندين جي ستم سندي سائي ۾ جيڪي ڀيل، چهڙا ۽ ميگهواڙ جيئن پيا، انهن ۾ کپري جي گوري ڀيلڻ به اوکو سوکو ساهه کڻي زخمي پکي جيان ڦٿڪي ۽ لڇي۔
    مٿس اسلام جي ارجمند فرزندان موهجي پيا، جن هڪ ڏينهن عمر وانگي هاڪاري مارئي جهڙي گوري ڀيلڻ کي اغوا ڪيو. اغوا بعد ساماري آڻي سرهندي پير جي بيعت تي اسلام قبولڻ جا ڌيان طلب اخبارن جي زينت بڻايا، ايئن اسلام جي وقار جي بلندي لاءِ هڪ وڌيڪ گوري ڀيلڻ کي مسلمان ڪيو ويو،
    ساماري جا سرهندي پير سرها ٿيا، ڇاڪاڻ ته هنن هڪ ڪافرياڻي کي مسلمان بڻائي پنهنجي لاءِ جنتن جا دوار کولي ڇڏيا.
    اها گوري جيڪا ڄائي، جواني جي دهليز تي پهتي، ٻن ٻارن جي ماءُ به ٿي ۽ پوءِ اغوا ٿي، سو به جهادي اسلامي سپاهين هٿان۔
    گوري جي جيون ڪهاڻي ڏک پڄاڻي سان ٿي ان جو انت ڦاهو کائڻ ڄاڻائي قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو۔
    گوري جنهن کي مسلمان بڻائي بي نظير جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو، ان جي جيون سان جيڪا جٺ ٿي، جيڪي جاڙ ٿيا، جيڪس شاهه لطيف زندهه هجي ها ته هوند وڏي ورلاپ سان ڍنڍرڪون ڏئي روئي پوي ها
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو