سنڌي پنهنجي تباهي جا پاڻ ذميوار آهن!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌي پنهنجي تباهي جا پاڻ ذميوار آهن!
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    غلامي جي هڪڙي نشاني اها سوچ به آهي ته سنڌي پنهنجي تباهي جا پاڻ ذميوار آهن! ڏسو نه ٿا سنڌي استاد گوسڙو آهن، ٽي ايم اوز سنڌي آهن پر شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي بنهه ناهي، ڊاڪٽر سنڌي آهن پر دوائون به کپائي ڇڏين ٿا، اين جي اوز وارا سنڌي فائيو اسٽار هوٽلن جي ڪمائي جو مک ذريعو ٿي ويا آهن پر اڃا تائين capacity building نه ٿي ٿئي، صحافي ڇسا ۽ بليڪ ميلر آهن، سنڌي پوليس وارا پاڻ ماڻهو ماراين ۽ اغوا ڪرائن ٿا پوءِ وڏيرن، ڀوتارن ۽ مولوي سڳورن جا نالا کڄندا. انهن سڀني دوستن کي گذارش آهي ته اهي غلام قومن جي تاريخ پڙهن ته ڪيئن انهن جا فيصلا سامراجي ڪندا آهن. تمام گهڻا مثال آهن
    پولينڊ تي روس ۽ جرمن سامراجين جو قبضو سنڌ جي صورتحال سان بلڪل ملي ٿو. روسي ۽ جرمن سامراج پولش قوم جا سڀ اسڪول بند ڪري ڇڏيا ۽ ادارا تباهه ڪري ڇڏيا جيئن انهن کي اپاهج ۽ لاچار ڪري ڇڏجي!
    ڇا توهان نه ٿا سمجهو ته هن ملڪ ۾ سنڌين جي قسمت جا فيصلا به ڌاريا ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ هڪ ڪرپٽ ۽ ناڪارا سسٽم پروان چاڙهيو ويو آهي...؟
    جن استادن کي ضياءَ ۽ پرويز مشرف ويزا تي موڪليو اهي هاڻي ڇو پڙهائيندا؟
    جن ٽي ايم اوز کي پرويز مشرف ڀرتي ڪيو ته اڌ تنهنجو اڌ ناظم جو ... اهو هاڻي پاڻي ڇو ڏيندو...؟
    لڳاتار مارشل لائن عوام کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو اهي پاڻ مان ئي پئدا ڪيل ٻه منهين بلائن کان جان ڇڏائڻ جي طاقت به نه ٿا رکن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو