اين جي او سنڌ جي شعور تي ضرب سنڌ ۾ ته اين جي اوز جو ڌنڌوڙي روپ بنهه وائکو ٿي پيو آهي. ٻه ٽي سال اڳ اسان جڏهن بوڏ سٽيل علائقي (جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن ۾) ڏانهن ويا هئاسين تڏهن اتي متاثرن اسان کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو تنهن ته اسان جا ڍڪر ئي ڍرا ڪري ڇڏيا هئا. سنڌ ۾ شهدادڪوٽ اهڙو شهر آهي جتي لڳ ڀڳ چاليهارو فعال غير فعال سماجي تنظيمون آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهن اين جي اوز جا ڪرتا ڌرتا اهڙا آهن جن کي لوڪ لڄا سان به ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي. زال ۽ ڀيڻ کي تشدد کان وٺي ڀاڄائي تي ڪارنهن جي تهمت مڙهي اڳلي کان جرڳو يعني فيصلو ڇڪائيندڙ اهي سماجي سيوڪ بالي ووڊ جي ڪنهن فلمي ولين کان گهٽ ناهن. مون کي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون آڏو اهو انڪشاف ٿيو ته رضوانا مستوئي نالي ڇوڪريءَ کي شهدادڪوٽ جي ئي هڪ نام نهاد سماج سيوڪ صلاح ڏني ته هوءِ پنهنجي پيءُ تي بدڪاريءَ جو الزام هڻي يعني هاءِ گهوڙا ڪري ته ابي مون ۾ هٿ وڌا آهن. ان شخص جي مڪروهه قسم جي مشوري تي رضوانا به عمل ڪيو نتيجو ڇا نڪتو، اهو اوهان سڀني کي پتو هوندو. سو اهو شخص جيڪو اين جي او جو هٽ هلائي ٿو، مهيني ۾ ٻه ٽي لک رپيا ڪمائي ٿو سو گهر ۾ پنهنجي زال کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندو آهي، پنهنجي گهر ۾ ئي پنهنجي جوان نيناڻين جي موجودگي ۾ نامحرم عورتن کي گهرائي بند ڪمري ۾ ڳجهي ملاقات ڪندو آهي ۽ گهر وارن کي چوندو آهي ته ”ڪير به رخنو نه وجهي ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ جي اهم مسئلي تي گفت شنيد آهيون.“ شهدادڪوٽ ۾ اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اهڙو شخص به آهي جنهن پنهنجي زال کي رڳو ان ڪري نولفٽ ڪرايو جو هوءَ ويچاري گهٽ پڙهيل ۽ سادي عورت آهي، ان شخص پنهنجي سنڌياڻي سيبتي سگهڙ زال کي سيکت ڏيڻ لاءِ هڪ پنجابڻ سان پرڻو ڪيو ۽ اڄ ڪلهه ان سان گڏقاسم آباد ۾ هڪ مسواڙي گهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ اها سادي عورت جنهن جي مٿان پهاڄ جي وڄ ڪڙڪي سا اڄ به پنهنجي ڪانڌ جي ڊگهي ڄمار ۽ ان جي ڪامراني توڙي ڪاميابي لاءِ ڌڻي در ٻاڏائي ٿي. شهدادڪوٽ ۾ ته اڪيچار ڪردار آهن اين جي اوز جي پليٽ فارمز تي، جن کي جيڪڏهن جاچبو ته حيرت اچيو ويندي. اهڙا ماڻهو جن کي نه ڊگري آهي نه وري فصاحت ۽ بلاغت، اهي سماجي سيوڪ آهن جيڪي چورن ۽ لوفرن جا يار آهن، جيڪي اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کي غلط نموني استعمال ڪن ٿا، جيڪي شهر جي نياڻين کي موبائل فونز تي تنگ ڪري بليڪ ميلنگ جو ڌنڌو ڪن ٿا، جيڪي وڇون چانڊيي جهڙن سماجي غلاظتن کي هر خبر فراهم ڪن ٿا، جيڪي مري ويل ماڻهوءَ جي ڪفن جا پئسا به پنهنجي کيسي ۾ رکڻ جا خواهشمند آهن........ آئون ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي دڪانداري سمجهڻ سان گڏ سنڌ جي شعور تي ضرب سمجهان ٿو. متان سمجهو ته اين جي او ڪا سماجي متڀيد جو انت آڻيندي، متان سمجهو ته اين جي او وارا سماجي تبديلي آڻيندا، متان سمجهو ته اين جي او سنڌ ۾ معاشي بهتري آڻيندي!!! بلڪل به نه پر اها توقع ڪجي به ته ڇو؟
اهو شخص جيڪو اين جي او جو هٽ هلائي ٿو، مهيني ۾ ٻه ٽي لک رپيا ڪمائي ٿو سو گهر ۾ پنهنجي زال کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندو آهي، پنهنجي گهر ۾ ئي پنهنجي جوان نيناڻين جي موجودگي ۾ نامحرم عورتن کي گهرائي بند ڪمري ۾ ڳجهي ملاقات ڪندو آهي ۽ گهر وارن کي چوندو آهي ته ”ڪير به رخنو نه وجهي ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ جي اهم مسئلي تي گفت شنيد آهيون.“ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان جي مٿين ڪجهه ڳاليهن سان اسان کي به اتفاق آهي،