• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فڪري طالبان

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
فڪري طالبان
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
هي طالبان ضروري ناهن ته جبل ۽ جهنگ ۾ لڪيل هجن، هي آفيس ۾ اوهان جي لڳولڳ سيٽ تي ويٺل هجن ٿا، اوهان جا اهي ڪلاس فيلو به ٿي سگهن ٿا جيڪي پنهنجي ڪنهن ڪلاس فيلو جي عشق ۾ گم سم هوندا آهن پر پنهنجي ڀيڻ لاءِ اسلامي طرز واري زندگي جا خواهشمند هوندا آهن.
هي واٽ ويندي يا ويگنن، بسن ۽ رڪشن ۾ تعصب ۽ تنگ نظري جو زهر اوڳاڇيندي اوهان کي نظر اچي سگهن ٿا.
هي ڪنهن پرڏيهي اين جي او جي تقريب ۾ حد کان وڌيڪ کاڌو کائڻ بعد اوڳرائي ڏيندي شريعت جا فائدا بيان ڪندي ملي وڃن ٿا۔
 
Back
Top