معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ييڙا ۽ پڇتاءُ
’’’’’’’’’’’’’’’’
ندامت جو احساس ڪاني جي ڇيت جيان پيو منهنجي من کي چڀي رهيو آهي ته آئون جيڪو وڏي رواني سان ”سنڌي“ ڳالهايان توڙي لکان ٿو پر منهنجي پنهنجي گهر ۾ منهنجا ٻار ”سنڌي“ ڳالهائي نه ٿا سگهن، اهي هڪ اهڙي ”سنڌي“ ڳالهائن ٿا، جنهن ۾ اڙدو اوتيل پوتيل هجي ٿي.
آئون سوچيندو هان ته هي جيڪو اسين هڪ هڪ کي وتون ٿا تلقين ڪندا ته ”ٻيلي! سنڌي لکو، سنڌي پڙهو“ سو سڀ ڄڻ اجايو آ۔ جڏهن منهنجا پنهنجا ٻار گهر ۾ ئي “سنڌي“بدران ا”ڙدو“ڳالهائن ٿا ته مان ڏسان ٿو پنهنجو تماشو۔
ها منهنجي پاڇيءَ ۾ پڇتاءَ ۽ ندامت کان سواءِ ڪجهه به ته ناهي.
آئون اهو به سوچيندو هان ته ”سنڌي“ ۾ جيترو مان سڀاويڪ انداز سان اظهار ۽ اپٽار ڪريان ٿو، ايترو مون پنهنجي ٻارن تي ”مادري ٻولي“ سکڻ ۽ ڳالهائڻ تي ذري جو به ڌيان نه ڌريو آهي، ان ڏس ۾ آئون اقرار ڪريان ٿو ته مون کان قومي ڏوهه ٿيو آهي ۽ ان ڏوهه جي پاداش ۾ پيڙا ۽ پڇتاءُ کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو. سڄي ڄمار ندامت جو احساس ڪاني جي ڇيت جيان پيو من کي چڀندو رهندو