خدا تعالى جي معرفت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خدا تعالى جي معرفت انسان لاءِ بي حد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته معرفت ئي ظلمت جي پردن کي چيري، انسان کي روشنيءَ جي دنيا ۾ آڻي ٿي. معرفت هڪڙي قسم جو عارفانه شعور آهي، جنهن ۾ تجربهءِ وحدت جو آسماني جام ڇلڪي ٿو. ”معرفت ۾ زوال“ جي معنى آهي – حق کان منقطع ٿيڻ. معرفت اجتماعي قوتن کي نئين راهه ڏيکاري ٿي ۽ انهن قوتن کي هڪ نئين شڪل ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪندي آهي. ڪوبه شخص ان وقت تائين صاحب فضيلت ٿي ڪونه سگهندو جيستائين هو خدا تعالى کي نه سڃاڻي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:

    وَ لَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ نَسُوا اللہَ فَاَنۡسٰہُمْ اَنۡفُسَہُمْ ؕ اُولٰٓئِکَ هُمُ الْفٰسِقُوۡنَ ﴿۱۹﴾. (الحشر: 19)

    (ترجمو: توهان انهن ماڻھن جھڙا نه ٿجو، جن خدا کي وساري ڇڏيو آهي ۽ خود پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺا آهن. اهي ئي ته ماڻهو فاسق آهن
    فاسق نڪتل آهي فسق مان. يعني اهو ماڻهو، جيڪو حق جي دائري مان نڪري وڃي. پڪل انب تي غور ڪريو. انجي مٿان هڪڙي کل ٿيندي آهي، جنهن جي اندر اهونشو و نما پائي پختگي تائين پھچي ٿو. اها کل، ميوي جو قالب آهي جنهن جي اندر ان جي صلاحيتن جي تڪميل ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح خدا تعالى جي معرفت هڪ اهڙو قالب آهي، جنهن جي اندر رهڻ کان پوءِ انسان ڪمال کي حاصل ڪري سگهي ٿو. قرآن حڪيم جي مٿين آيت جا هي لفظ غور چاهن ٿا:
    ”جن خدا کي وساري ڇڏيو آهي ۽ خود پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺا آهن“
    خدا جي حقيقت نه سمجھڻ ڪري، انسان کي پنهنجي حقيقت به سمجهه ۾ ڪونه ايندي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن انسان پاڻ کي ڪونه سڃاتو ته پوءِ هو ڪمال تائين پهچي ڪونه سگهندو. پنهنجي حقيقت کان غافل انسان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪوبه صحيح فيصلو ڪري ڪونه سگهندو. خدا تعالى جي سڃاڻپ اهڙي روشني آهي جنهن ۾ انسان سڌي راهه تي هلي سگهي ٿو:
    پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميھار
    تزهو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.

    اندر جنين اڃ، پاڻي اڃيو ان کي،
    تو تنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
    خدا شناسيءَ لاءِ خود شناسي ۽ خود شناسيءَ لاءِ خدا شناسي لازمي آهن. انسان پنهنجي فطرت کي سمجھڻ سان ئي خدا جي فطرت کي سمجھي سگھي ٿو.

    پنھون ٿيس پاڻ، ويو سسئي جو سينگار
    من عرف نسفه فقد عرف ربه اهوئي آچار
    جو وندر ۾ واپار، سو سودو سرئس هتهين


    انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ۾ به خدا تعالى جي حقيقت کي ڄاڻڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.

    ”۽ هميشه جي زندگي اها آهي ته اهي تو خدائي واحد ۽ برحق...... کي ڄاڻن.“(يوحنا 30:17)

    خدا تعالى جي معرفت بابت ٻن آسماني ڪتابن جي تعليم کان پوءِ اچو ته سيّد لطيف جي مئيخاني تي ٿا هلئون. پاڻ به ساڳيو ئي آسماني جام پيش ڪن ٿا:

    معرفت جي ماٺ سين، ڏساندڙ ڏورين،
    سک نه ستا ڪڏهن، ويهي نه ووڙين،
    ڪلهون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

    کنيل ٽڪرو۔ ڪتاب شاهه لطيف جو تصور ڪائنات سنڌيڪا اڪيڊمي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    الله کي سڃاڻڻ لا اسان کي رسول الله کي سڃاڻڻو پوندو۔ رسول الله کي سُڃاڻڻ لا اسان کي اصحابي سڳورن کي به سُڃاڻڻو پوندو، انهن کي سُڃاڻڻ لا اسان کي تابعين، تبع تابعين، ولين، بُزرگن، غوثن ، قلندرن ۽ دويشن کي به سُڃاڻڻو پوندو۔
    الله کي سُڃاڻڻ جا اهي سڀ وسيلا جيستائين استعمال نه ڪيا ويندا تيستائين الله به سمجهه ۾ نه ايندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو