اهڙي قسم جو مسئلو هيٺين سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿو
1۔ جيڪڏهن توهان جي پاور سپلائي تي ضرورت کان وڌيڪ لوڊ هجي۔ جيئن پاور سپلائي 450 واٽ جي هجي ۽ لوڊ 500 واٽ هجي۔ ڪامپيوٽر ۾ هر هڪ پرزو 50 واٽ تائين بجلي کڻندو آهي۔ هاڻ ڏسو ته ڪيتريون شيون توهان جي پاور سپلائي ساڻ ڳنڍيل آهن۔ هارڊ ڊسڪ 50 واٽ ، سي ڊي روم 50 واٽ ۽ مڌر بورڊ 24 واٽ وغيره
2۔ جيڪڏهن ڪامپيوٽر اهڙي هنڌ رکيل هجي جتان ان ۾ مٽي تمام گهڻي ويندي هجي ته ان جا ڪنيڪشن مٽي جي ڪري صحيح بجلي سپلائي نه ڪري سگهندا آهن۔
3۔ ڪامپيوٽر جي عملي نظام ( آپريٽنگ سسٽم ) ۾ ڪو نئون پروگرام وجهڻ ساڻ جيڪو شروع ٿيندي هي ڪامپيوٽر ري اسٽارٽ ٿي وڃي
4۔ ڪجھ پاور سپلائي پراسيسر کي الڳ ساڻ 12 وولٽ جو ڪرنٽ هڪ ننڍي ڪنيڪٽر وسيلي ڏيندا آهن جيڪو پراسيسر جي ويجهو لڳل هوندو آهي جنهن جي نشاني اها آهي ته ان جي هڪ تار ڪاري رنگ جي ته ٻي ڦڪي رنگ جي ٿيندي آهي
ان جي ڍري ٿيڻ تي ڪامپيوٽر جو پراسيسر بند ٿي ويندو آهي ته ڪامپيوٽر به وري ري اسٽارٽ ٿي ويندو آهي۔
مٿين سببن مان جيڪڏهن جو سبب توهان لا ڪارائتو نه ٿئي ته پو بهتر اهو ٿيندو ته ڪنهن ڪامپيوٽر جي ڄاڻو کي ڪامپيوٽر ڏيکاريو ته بهتر ٿيندو