مختصر ڪهاڻي آخري سين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! رسول بخش جوڻيجو بادل سنڌي منهنجو روم ميٽ آهي، روز مون کي پنهنجي يونيورسٽي جي نئين عشق جو قصو ٻڌائيندو آهي۔ پاڻ کي ته سنڌ يونورسٽي جووڏو اجگر ڪامريڊ سمجهندو آهي۔۔ بادل جي هرمهيني ڪنهن نئين ڇوڪريء سان پنهنجي نئين عشق جي شروعات ٿيندي آهي۔ هڪ ڏينهن مون کان پڇڻ لڳو ۔ ” يار ڪهاڻي ڪيئن لکبي آهي؟ ، مون کي به لکيڻي آهي“۔ ”يار ڪهاڻي لکڻ گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي“ مون سندس شيطاني منهن ڏانهن ڏسندي جان ڇڏائڻ لاء چيو۔ ”اهو وري ڪيئن؟“ هن وري پڇيو ”يار بادل ڏس نه ڪهاڻي لکڻ لاء سچو عشق ڪرڻو پوندوآهي ، اُهو ته تون ڪري نه پيو سگهين؟ مون هن کي سوچي جواب ڏنو۔ ” اهو ته منهنجي لاء مسئلو ئي ڪونهي، اهڙا ته هزارين عشق ڪيان پيو“۔ ” بادل سچو عشق ڪنهن هڪ سان ڪبو آهي ، هزارن سان ته ڪون ڪبو“۔ ” ها ٺيڪ آهي ادا ڪوشش ڪندس“ ساهي کائيڻ کانپوء وري چوڻ لڳو ”مون ڪهاڻيون لکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي پر الائي ڇو ڪهاڻي جو آخري سين لکڻ ناهي ايندو“ ” بادل تو جڏهن سچو عشق ڪيو تڏهن تنهنجي لاء ڪهاڻي جو آخري سين به لکڻ آسان بڻجي ويندو“ هن کي مون سمجهائيندي چيو۔ ” پوء تون ئي ٻڌاء يار ! ته ڪهاڻي جو آخري سين ڪيئين لکبو آهي“۔ هي وري مون کان ڪهاڻي جي آخري سين بابت پڇي ٿو۔ مون پنهنجي سوچ ويچار کانپوء بادل جي پچيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ”يار ڪهاڻي جو آخري سين به توکي لکڻ اچي ويندو، جڏهن تون ڪنهن اپسرا سان سچو عشق ڪرڻ کانپوء ، ان ئي اپسرا کي ٻي جي ڀاڪرن ۾ ڏسندين“۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪهاڻي ۔۔۔ ڪهاڻي جي انداز ۾ سهي آهي ۔۔۔۔ باقي ڪهاڻي لاء ڪنهن عشق جي ضرورت ناهي۔ ڇو ته ڪهاڻي ته اندر جو آواز آهي ،،، زماني جي ڏکن، سکن، سورن ۽ ڪردارن جي عڪاسي آهي۔
هن ڪهاڻي ۾ مقصد اهو ڏنو آهي بادل جيڪو هر مهيني نئون عشق ڪندو آهي ۽ ٻين پراڻن کي ڇڏي ڏيندو آهي، آخري سين جو مطلب جڏهن هي سچو عشق ڪرڻ کانپوء هن سان ساڳي ڪار ٿئي ته تڏهن هن جي دل جا ڪهڙا احساس جاڳندا آهن۔۔۔۽ اهي ئي ساڳي احساس انهن جي دلين تي به اڀريا هوندا جن کي هي ڇڏي چڪو آهي۔۔۔۔۔