• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت

ظهير احمد لنجو

سينيئر رڪن
بسم الله الرحمن الرحيم
اسلام عليڪم
سنڌ سلامت
پيارا دوستو آئون اوهان جو پنهنجو ظهير احمد لنجو ، شهر مِٺي کان ، مطلب مٺي هڪ شهر آهي ، متان اوهان سمٍجهو ته پاڻ واري مٺي کان ، ها ڳالهه پئي ڪئي تعارف جي ته، پيارا ، تهرپاڪر ضلع جي مٺي شهر جي نذديڪ ڳوٺ وي لنجا کان ، اوهان جي سنگت ۾ شامل ٿيو آهيان ، اميد اٿم ته ناچيز جي رهنمائي ڪندا ، ۽ پنهنجي سنگت ۾ سُرڻ جي اجازت ملندي ته لک لائق۔
والسلام
 
ادا مٺي جا آهيو هر مٺي شي سان محبت ۽ قربت انساني ذات ۾ ڪشش فطرتي آهي اوهان ڀلي آيا جي ڪري آيا اکيون ٿڌيون ڪوشش هوندي ته سُٺي گذري ڪڏهن اوهان احسان ڪندا ته ڪڏهن هتان جا دوست اوهان جي همراهي لاءِ سندرو ٻڌل نظر ايندا۔ اميد ته هن ڌرتي جي وجود جيان پنهنجو ساٿ رهندو۔ پنهنجو خيال رکندا جاڏي پير تاڏي خير۔
 
محترم دوست اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀيڪار ڪيون ٿا۔

هي ته اوهان جو پنهنجو ئي فورم آهي، بلڪل اوهان جي مٺي وانگر هڪ مٺڙن ماڻهن ۽ مٺڙي ٻوليء ۾ هڪ مڪمل سنڌي فورم۔ هر دوست اوهان جي مدد ڪندو ۽ اها اميد ته اوهان به سهني شيئرنگ ڪندا رهندا۔

welcome-jpg.2489
 
1528760_688719597838173_899509987_n.jpg


ادا ظهير آحمد لنجو السلام عليڪم۔ توهان سهڻن خيالات واري پيا لڳو۔ توهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔ هي ڪکائون محبتي اڱڻ سڀني سنڌ واسين جي لاء معلومات جو انيڪ خزان رکي ٿو، جيڪو هن اڱڻ جي هڏ ڏوکي ميمبرن جي محنت جو ثمر آهي۔ اوهان جي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ سان اميد ته ان خزاني ۾ اضعافو ٿيندو۔ توهان جي تحريرن جو انتظار رهندو۔
 
مٺن ماڻهن جي مٺي سر زمين تا ڀليڪار ظهير احمد کي سنڌ سلامت اچڻ تي دل سان ڀليڪار ڪجي ٿو
1508643_587184278017969_1428613399_n.jpg
 
Back
Top