دوستو اڄ ڪلھ منهجي سسٽم کي نه ڄاڻ ڪهڙي بيماري ٿي وئي آهي جو هر سٽارٽ اپ تي تاريخ ۽ ٽائيم صحيع ڪرڻ جو ٿو چوي۔۔ نئي ونڊوز به ڪري ڏٺم پر مسئلو حل نه ٿيو۔ جيڪڏهن بغير ٽائم سيٽ ڪرڻ جي آن ٿو ڪيان ته ڪافي ساريون ايپليڪيشنز نه ٿيون هلن۔ ڪو حل ٻڌايو۔
اسان جي دوست عرس پريو وٽ سڀني مسئلن جو هڪ ئي حل هوندو آهي۔۔۔ ونڊوز کي ٻيهر انسٽال ڪرڻ۔۔۔ شايد توهان به سندس جي استاد جا ئي شاگرد آهيو۔۔ مٺا ڪجهه مسئلن جو حل ونڊوز به ناهي هوندي۔۔۔ توهان کي گهرجي ته سي پي يو ۾ موجود بيٽري کي تبديل ڪريو۔۔۔
ڏيو منهن ڪمپيوٽري ۾ وري بيٽري به هوندي آهي هي ته بجلي تي هلندو آهي بجلي بند ڪمپيوٽر بند ۔اسان ته بجلي وڃڻ کان پوءِ اهو ئي سمجهندا هيا سين ته هاڻي جاڏي پير تاڏي خير۔
ادا مهرباني ڪري ان فارسي عبارت جو ترجمو به هڻي ڇڏيو ته اسان جهڙا ڪمعلم به فيضياب ٿين ۔الله خوش رکيوَ بس پوءِ هاڻي جاڏي پير تاڏي خير۔
سائين هي فارسي عبارت مولانا عبدالرحمىن جامي عليه رحمه جي لکيل آهي۔ هن جي پهرين لائن جو مطلب اهو آهي ته ”يا رسول الله (عزوجل و صلي الله عليه وسلم) اوهان کان دوري هجڻ جي ڪري منهجو تن افسرده ۽ جان ذرا ذرا ٿي وئي آهي۔ ٻي لائن جو مطلب آهي ته : يا رسول الله (عزوجل و صلي الله عليه وسلم) منهجي دل گناهن جي ڪري مُرجهائجي وئي آهي ۽ آواره ڀٽڪي رهي آهي۔
سائين صدائين مالڪ ٻاجھ ڪري اوهان تي اوهان جي عشق کي سلام اهي پر اسان جو حال مڙوئي هيڻو آهي اسان سان اها ڪيفيت ڪانهي اسان ته گناهن مٿان گناه ڪري وري انهن گناهن مان ٻيا گونچ ڪڍيو ويٺا آهيون الله ڪري اوهان جو اهو مقام قائم رهي جاڏي پير تاڏي خير۔