زندگي جي برني.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2014۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تحرير:ساڃاه ڄاموٽ
    هفتيوار ڪاوش مڊويڪ مئگزين جي ٿورن سان۔

    زندگي جي برني.
    هڪ سبق ڏيندڙ ليک
    ڏهين درجي جي شاگردن جو ڪلاس ۾ آخري ڏينهن ۽ پيرڊ هوئهنن جو ڪلاس ٽيچر سائين ڏاهو ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته اڄ وٽس ڪتاب بدران شيشي جي برني ۽ ڪپڙي جو هڪ ٿيلهو هو۔
    هن شاگردن کي چيو:ٻارو،اڄ آ توهان کي الوداعي سبق ڏيندس پر اهو ڪتاب مان نه پر هڪ تجربي جي صورت ۾ آهي،ائين چئي هن برني ميز تي رکي ۽ ٿيلهي مان ٽيبل ٽينس جا بال ڪڍي اهي برني ۾ وجهڻ شروع ڪيا،جڏهن سمورا بال برني ۾ ڀرجي ويا ته هن شاگردن کان پڇيو "ڇا برني ڀرجي وئي ۔۔۔؟شاگردن چيس جي ها سائين۔"
    پو سائين ڏاهي برني کي ٿورو لوڏيو ۽ ان ۾ پٿريون برڻ لڳو۔ٿوري ڍير ۾ برني پٿرين سان به ڀرجي وئي۔هن وري به شاگردن ڏانهن ڏسي سوال ڪيو" برني ڀرجي وئي۔۔۔؟"شاگردن هڪ هائو ۾ هائوڪار ڪئي ،تڏهن وري به برني کي لوڏيو ۽ هاڻي هن ۾ واري ڀرن لڳو۔آخري واري به ان ۾ ڀرجي وئي ته هن وري به شاگردن ڏانهن سواليه انداز ۾ نياريو۔شاگردن چيو "هاڻي ته ان ۾ ڪنهن ٻي شي جي پوڻ جي گنجائش ناهي۔"تڏهن سائين ڏاهي هڪ پيالي ۾ ٿورو کير وجهي ان ۾ ڪجھ کنڊ ملائي پو اهو مٺو کير به پڻ ان ۾ برني ۾ اونائين ،جيڪو برني ۾ پڻ سمائجي ويو۔
    پو سائين ڏاهو کين سمجهائڻ لڳو،"شيشي جي هن برني کي توهان پنهنجي زندگي جيان سمجهو۔ٽيبل ٽينس جا بال توهان جون چڳايون ،ڪٽنب،دوست ۽ صحت آهن۔پٿرين مان مراد نوڪري،ڪمائي ۽ مال ملڪيت وغيره آهن ۽ واري مان مراد ننڍا وڌا جهيڙا ۽ تڪرار،اجايون ڳالهيون ۽ بيڪار عمل آهن۔هاڻي توهان اجايون ڳالهيون ۽ بيڪار عمل ڪندا رهندا ته توهان زندگي جي برني ۾ ڪم جون شيون وجهو،نه ته آخر ۾ واري کان سوا ٻيو ڪجھ به نه ورندو۔"
    "پر سائين مٺي کير مان ڇا مطلب آهي؟"هڪ شاگرد پچيو۔
    سائين ڏاهي مرڪي جواب ڏنو۔مون کي ان سوال جو انتظار هو۔مٺي کير مان مراد سڀني غلطين کان پو به ان ڳاله جي گنجائش آهي ته توهان الله ۽ پنهنجن کان معافي گهرو ۽ اهي توهان کي ۽ توهان انهن کي معاف ڪري کير کنڊ ٿي وڃو ۽ نئين سر چڳائي جو سلسلو شروع ڪيو۔"
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    سچ ته اها حقيقت آهي۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رحمت جو دروازو بند ناهي رحمت مانحون جي بخشش جي لاءِ بهانا تلاش ڪندي آهي ۔ جزاڪ الله سائين بهترين ونڊ ۔
    خوش رهو صدا۔
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو