انتظامين پاران ايندڙ وضاحت وڌيڪ جامع هوندي باقي جيڪا ذاتي طرح ڄاڻ اٿم اُها اها ته سڌو سنئون تصوير اپلوڊ ڪرڻ سان سنڌ سلامت تي بار پئي ٿو۔ هن وقت ته سنڌ سلامت وٽ ڊيٽا بيس رکڻ لاءِ لا محدود ڄڳهه آهي پر اهو صرف ٻن مهينن لاءِ آهي۔ جيڪڏهن ڪو سهڪار جو سسٽم نه ٺهيو ۽ اڳي جيان انتظاميه سنڌ سلامت لاءِ محدود اسپيس وٺڻ لاءِ پنهنجي ذاتي کيسن تي بار وِڌو ته صورتِحال وڌيڪ ڏُکي ٿي ويندي۔ ۽ انهي دؤران اپلوڊ ٿيل مواد مناسب جاءِ حاصل نه ڪري سگهڻ جي ڪري پاڻ وڃائي ويهندو۔
انهي ڪري فلحال اهو مُشڪل ٿو لڳي۔ جيڪڏهن لا محدود اسپيس مستقل بنيادن تي وٺڻ جو بِلو ٿي ويو ته پوءِ يقينن انتظاميه اها سهولت بحال ڪندي۔
اوهان کي صلاح آهي ته minus.com تي پنهنجو اڪاونٽ ٺاهيو جنهن کي فيس بُڪ سان لنڪ ڪري ڇڏيو۔ سڀ کان تيز ۽ آسان اپلوڊنگ سائيٽ آهي۔ هاڻي ته اپلوڊ ڪرڻ ڱان پوءِ لنڪ کڻي اچڻ جي به ضرورت ناهي۔ بس اوهان اپلوڊ ٿيل تصوير کي ڪاپي ڪري ايڊيٽر ۾ پيسٽ ڪريو۔