واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو جيئي سنڌ
    گُذريل ڇنڇر 20 مارچ 2010ع تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ غيراعلانيه 12 ڪلاڪن کان وٺي 18 ڪلاڪن تائين بجلي واري لوڊ شيڊنگ جي خلاف جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ٿي، انهي هڙتال جي وڊيو رپورٽ پيش خدمت آهي، ڪوشش گهڻي ڪئي هُئم ته هي وڊيو رپورٽ 20 تاريخ تي شام تائين توهان سان ونڊ ڪري سگهان پر افسوس ته شٽر بند هڙتال ۽ ريلي واري ڏينهن کان بجلي وارن جي مٿي تي جُون ڪانه سُري پر البته 12 ڪلاڪن واري لوڊ شيڊنگ جو دورانيو وڌائي 18 ڪلاڪن کان 19 ڪلاڪن تائين ڪيو ويو، سو رپورٽ جي ايڊيٽنگ ڪندي ۽ اپ لوڊنگ ڪندي ڪندي مونکي هن رپورٽ کي توهان سان شيئر ڪرڻ ۾ پورا پلس ٻه ڏينهن لڳي ويا۔ ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا، بجلي جا ڪرتا ڌرتا، ڪنهن هڙتال کان نٿا ڊڄن مزي جهڙي ڳالهه تي ٽنڊو محمد خان ۾ بجلي نه هُئڻ جي باوجود ڳاٽي ڀڳا بجلي جا بل شريف شهرين جي مٿان لڳايا پيا وڃن دوستو شريف شهري ان ڪري لکيم ته جيڪي بجلي جي چوريءَ کي هڪڙو گناهه سمجهي باقائدگيءَ سان بجليءَ جا بل ايمانداريءَ سان ڀرين ٿا، مان پنهنجو مثال ڏيان ٿو ته منهنجي بجلي جي ميٽر جي ريڊنگ موڪليل بجلي جي بل کان تقريبن اٺ سئو يونٽ گهٽ آهي ميٽر ريڊر اچي ئي ڪونه ٿو، جڏهن اها ڪمپلينٽ کڻي واپڊا جي چڱن مڙسن ڏانهن پهتس ته اهو نادر شاهي حُڪم صادر فرمايو ويو ته توهان جو گُذريل سال هن مهيني ۾ ايترو ئي بل هو ان ڪري انهيءَ حساب سان بل ۾ پيسا لکيا ويا آهن توهان هن مهيني اهو بل جمع ڪرايو اڳئين مهيني ٺيڪ ٿي ويندو، اهڙي طرح اهڙا ڪيترا ئي مهينا اڳئين مهيني جي انتظار ۾ پورا ٿيندا ويا ۽ نتيجي طور مان پينشن کڻندڙ پورا اٺ سئو يونٽ اضافي بجلي وارن کي ڪيش جي صورت ۾ ڏيو ويٺو آهيان، بهرحال ڦُر لُٽ جو زمانو آهي، هرڪو هر ماڻهو کي ڦُري ٿو لُٽي ٿو، مان به ڦريو آهيان لُٽيو آهيان، پياري پاڪستان جي غريب عوام ٿي، واپڊا وارن کان۔ خير توهان هي وڊيو ڏسو، وانڌڪائي کي ڌڪڻ جو ۽ لوڊ شيڊنگ ۾ دل وندرائڻ جو ان کان وڌيڪ ڪو سولو علاج مون لاءِ ٿي نٿو سگهي۔ هي ٻه وڊيو آهن۔ توهان ڏسو پنهنجي دل وندرايو، ۽ جلدي ٻُڌايو ته توهان وٽ به بجلي جي لوڊ شيڊنگ توهان جي بلڊ پريشر کي ڪيترو وڌايو آهي، جي خطري واري نشان کان وڌيڪ هُجي ته ٻيلي جلدي ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر سان لهه وچڙ ۾ اچو۔
    خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش
    بجلي جي لوڊ شيڊنگ سان يقينن توهان جو بلڊ پريشر وڌي سگهي ٿو​



    محترما راحيلا خاصخيلي چيئرپرسن مومل ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پڻ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي خلاف پنهنجا ويچار ونڊيا​

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    لڳي ٿو ته ٽنڊي محمد خان وارا، بجليءَ وارن خلام ڪونه ڪو انقلاب ضرور آڻيندا ۔۔۔ پنهنجن حقن جي ويڙهه وڙهڻ به فرض آهي ۔۔۔ ڇونه جڏهن ڳاٽي ڀڳا بل به ڏجن ۽ پوءِ به اوندهه ۽ گرميءَ ۾ گذارجي ته پوءِ ويڙهه ته يقيني آهي ۔۔۔ بس ادا سائين، اسانجون آهون ۽ دعائون سنڌ واسين سان گڏ آهن ۔۔۔
    هڪ ڳالهه منهنجي طرفان به ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو، ته جيستائين پيارو پاڪستان قائم ۽ دائم آهي ته اهو سرشتو ۽ اهو نظام ائين ئي هلندو رهندو ۔۔۔ انشاء الله ۔۔۔جيستائين اسين جيئرا آهيون ته هڪٻئي کي ياد ڏياريندا رهنداسون ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    سائين سنڌ جي هر حصي ۾ اهو قهر هلي پيو۔۔۔ عوامي حڪومت ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ جي نعري کي خوب نڀائي رهي آهي۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    واقعي سائين هاڻي ته اسان وٽ ڪراچي ۾ پڻ لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    ادا نثار ابڙا مٺا هن هڙتال مان ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو، بس واندا مل هُئاسين ڀائو عبدالغفور سمون هوسڙي شهر کان اچي نڪتو سو هينڊي ڪئم کڻي واندڪائي کي ڌڪو ڏيڻ نڪتاسين، پوٌءِ سنڌ سلامت لاءِ مڙئي رپورٽڙي ڪري ويٺاسين۔ پر دوست مون وٽ اهي مٿيان ٻئي وڊيو هلن ئي ڪونه ٿا، ارر پيا ٻُڌائين ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان ڊاريڪٽ يو ٽيوب جي هوم سائٽ کُلي ٿي اتان ئي وڊيو ڏسون پيا۔ توهان جي مهرباني۔جوادا وحيد ڦلپوٽي وانگر هر پوسٽ تي نظر رکنداپيا اچو
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    بجلي جي لوڊ شيڊنگ پياري پاڪستاني عوام لاءِ هر حڪومت جي طرفان سڀ کان بيسٽ تحفو هوندو آهي، پياري عوام بقول سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب جي ته صبرن جميلا، شڪرن وسيلا
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: واپڊا ٽنڊو محمد خان جي خلاف ريلي ۽ شٽر بند هڙتال رپورٽ

    جي ادا طاهر بلڪل اڄ مان ڪراچي ۾ هُئس اهو لوڊ شيڊنگ ڏسڻ وارو مشاهدو نفس نفيس براهه راست مطلب لائيو ڪراچي ۾ ڏسي آيو آهيان، بلڪل سچا آهيو، جنهن فليٽ ۾ رهياسين بجلي جي وڃڻ کان پوءِ پگهر اگهندا رهياسين مڇر ڀڄائيندا رهياسين، لياري وارن سان ساٿ نڀائيندا رهياسين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو