فيسبوڪ تي دوستن جو تعداد هزارن ۾ هوندي اوپن ٽائيم لائين ڏسڻ هاڻي ناممڪن ٿي پيو آهي۔ پوء به ڪجهه خاص دوستن جي ٽائيم لائين روزانو پڙهندو آهيان، جن مان اسد چانڊيو به هڪ آهي۔ هو بهادر ۽ سچ چوڻ وارو صحافي آهي۔ هن جي هر ڳالهه سان ڀلي سهمت نه به ٿجي پر سندس سچائي ۽ بيباڪي تي کيس جس ڏيندو آهيان۔ اسد چانڊيو پنهنجي فيسبوڪ ٽائيم لائين تي لکي ٿو : ڪجه عرصو اڳ، جيڪب آباد مان هندو ڀائرن جو وفد مون وٽ آيو هو، جنهن ٻڌايو ته اتان جا صحافي پنهنجون ئي پمفليٽ ٽائپ اخبارون ڪڍي شهرين ۽ خاص ڪري ڪاروباري ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، سندن ڪاروبار تباه ڪري رهيا آهن“. مون سندن مدد لاءِ، ۽ ڀتي گير صحافين کي اگهاڙو ڪرڻ لاءِ پورو آرٽيڪل لکيو. ٽيون ڏينهن آفيس ۾ هوس جو، مڪلي ٿاڻي جو انسپيڪٽر اچي پهتو جنهن ٻڌايو ته :”ٺٽي جا ڪجه صحافي ”ٺٽو سماچار“ جاري ڪري، شهرين کي خوار ڪري رهيا آهن، ڀتي لاءِ“. مان کيس چيو: ”اوهان وٽ اهڙي ايف آءِ آر داخل آهي، کين ٽَنگي ڇڏيو، جيڪو عوامي جو به سڏائي اهڙي بدمعاشي ڪري، ان سان به ساڳيو ئي سلوڪ ڪريو. مان اوهان کي خاطري ٿو ڪرايان ته، ادارو ان معاملي ۾ نه ايندو“. حقيقت اها آهي ته، سنڌ ۾ صحافي سڀ کان وڏا ڀتا گير آهن، هو به ماڻهن تي ايئن ئي ظلم پيا ڪن، جيئن ٻيا گندا ماڻهو يا ڀتاگير سياسي ڪارڪن. ۽ اخبارون توڙي صحافين جون نمائندا تنظيمون ان ڏوه خلاف مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن. کين پنهنجي مجرماڻي ڪردار مان نڪرڻو پوندو، نه ته هي گند سندن ڪنٽرول ڪري سگهڻ کان به چڙهي ويندو.
ادا هتي ڪو با ضمير پنهنجي ضمير جي پيروي ۾ بُرائي نه ڪندو هجي ته ٻي ڳالھ آهي باقي حقيقت اها آهي ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وس آهر پر جي اائين چوان ته وس کان وڌيڪ هن ذلالت ۾ ڳتيل آهي ته غلط نه هوندو۔ جڏهن معاشري جون قدرون تنزلي جو شڪار آهن ته هر فرد ان جو حصو آهي هر فرد ان ذلالت سان وابسطه آهي هر اداري ۾ اهي ماڻهون آهن پوءِ اهي تعليم سان وابسطه هجن ميونسپل سان وابسطه هجن صحت سان وابسطه هجن وغيره وغيره۔ سواءِ ان جي جيڪي پنهنجي باضميري جا عبد آهن۔ جاڏي پير تاڏي خير۔