• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعارف جي لائق ناهيان پر.....

سهيل احمد سومرو

سينيئر رڪن
منهنجو نالو سهيل احمد آهي، اصل نوشهرو فيروز ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان، جون 2008ع کان حيدرآباد ۾ رهندڙ آهيان، تازو 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ بي ايس ڪئي آهي، آڪٽوبر 2009ع کان صحافت سان لاڳاپيل آهيان، جون 2012ع کان سنڌ ايڪسپريس سان لاڳاپيل آهيان، سب ايڊيٽر طور اسلام آباد کي ڏسندو آهيان، مطلب خبرون ٺاهيندو آهيان، قومي اسيمبلي هجي، سينيٽ، سپريم ڪورٽ يا ڪو ٻيو۔ ان کان اڳ ڪاوش اخبار ۾ 2 سال رهيو آهيان ۽ مهراڻ ٽي وي تي پڻ ڪم ڪيو آهي، تازو هڪ سماجي تنظيم طرفان 9 مهينن لا هڪ ماهوار اخبارڪڍڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جيڪا جون 2014 تائين جاري رهندي۔ هن فورم ۾ نئون آهيان، باقي ٻيو ڪل خير۔
هڪ عام ماڻهو کان سوا ٻيو ڪجهه به ناهيان۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا سهيل احمد پيارا هن پيار ڀرئي فورم تي اوهانکي ڀلي ڪار چئون ٿا ۔ صحافت سان وابستگي نه آهي ان ڪري ڀلي ڪار به سادن لفظن ۾ قبول پوي۔ هميشه سلامت رهو۔
 
صحافتي ميدان سان واڳيل محترم سهيل احمد سومرو صاحب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

هي، ملڪ، اسان جي سنڌ ۽ معاشرو هن وقت لاتعداد مسئلن جي ور چڙهيل آهي ۽ ميڊيا ان سلسلي ۾ اهي مسئلا اجاگر ڪري رهي آهي۔ اميد ته اوهان پڻ سچائي جو ساٿ ڏيندي پنهنجي قلم ذريعي اسان جي مسئلن جي صحيح اپٽار ڪندا رهندا۔

سنڌ سلامت جو هي فورم سنڌي ٻولي جي ترقي سان گڏ نوجوان ۽ نون لکندڙن کي موقعا ڏيندو آهي ته پنهنجون تخليقون پيش ڪن۔ اميد اوهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔

welcome-jpg.2489
 
سائين هن سهڻي سنگت جي جوڙيل اڱڻ تي اسان به اوهان کي دل جي گهراين سان خوشش آمديد چئون ٿا اوهان جون ڊگريون ڏسي اوهان جو تجربو پڙهي اوهان کان گهڻو علم هن اڱڻ تي ونڊ ٿيندي نظر پيو اچي
انشاءِ الله الله سٺو ساٿ رهندو۔
جاڏي پير تاڏي خير۔
 
خوبصورت خيالن جي مالڪ محترم سهيل احمد سومرو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔
سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء لاء جاکوڙيندڙ فورم آهي۔ هڪ اهڙوآڱڻ جيڪو سڀني کي لکڻ ۽ خيالن جي اظهار جو برابر جو موقعو ڏئي ٿو۔ سنڌ سلامت هڪ اهڙو فورم جتي اوهان لکڻ سان گڏ دوستن جا خيال پڙهي ۽ انهن تي پنهنجا ويچار ڏئي سگهو ٿا۔۔۔۔ اوهان جا خيال پڙهيا آهن۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي لکڻ جو عمل جاري رکندي اسان جي رهنمائي ڪرڻ سان گڏ هتان گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا۔
 
Back
Top