چون ٿا ته ايران جو مشهور بادشاهه نوشيروان جيڪو پنهنجي عدل ۽ انصاف ڪري نوشيروان عادل چورائيندو هو۔۔ هڪ ڏينهن شڪار لاءِ نڪتو۔۔۔ شڪارگاهه ۾ سندس لاءِ ڪباب تيار ڪيا پئي ويا ته اتفاق سان لوڻ کٽي پيو۔۔ شاهي باورچي هڪ غلام کي چيو ته ”وڃ ڪنهن ويجهو واري ڳوٺ مان ڪنهن کان ٿورو لوڻ وٺي آ۔۔“ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ورتي۔۔۔ پاڻ غلام کي ويجهو گهرائي تاڪيد ڪيائين ته ”قيمت ڏيڻ بنا لوڻ بلڪل نه آڻجانءِ“ غلام چيو ۔۔ ”حضور والا۔۔! ٿورڙي لوڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ۔۔۔ ڪنهن کان مفت ئي وٺي ايندس۔۔ ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي۔۔۔“ نوشيروان عادل وراڻيو۔۔۔”فرق پوي ٿو۔۔۔ ياد رک۔۔! هر برائي شروع ۾ ايئن ئي ننڍڙي نظر ايندي آهي۔۔۔ پر پوءِ وڌندي وڌندي ايتري وڏي ٿي ويندي آهي جو ان کي ختم ڪرڻ آسان نه رهندو آهي۔۔۔“ بغير حق جي جي حاصل ڪري هڪ صوف ڪو سلطان غلام ان جا وڻ اکيڙي ڇڏين پاڙون ساڻ جي ڪو بادشاهه ڪڏهن وٺي مفت پنج بيدا سپاهي ان جا ڪن هزارين مرغ حلال سبق: ڪنهن به برائي کي معمولي تصور نه ڪرڻ گهرجي۔۔۔ معمولي برائي وڌندي وڏي برائي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي۔۔ خاص طور حڪمرانن کي ته ان سلسلي ۾ انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جا ماتحت برائي ۾ انهن جي پوئيواري ڏهوڻ تي ڪندا آهن۔۔۔