سنڌ جتي سج لٿي مهل روڊ ويران ٿي وڃن ٿا اقبال ملاح ان ۾ ٻي ڪا راءِ ناهي ته اڄ جي حالتن ۾ پاڪستان نه رڳو خطرناڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر وڌندڙ بنياد پرستيءَ ۽ دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ سموري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو ڌيان دهشتگردي ۽ توانائي جي بحران جهڙن مسئلن تي هجي ٿو، چوڌري اسلم کي جڏهن ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو ته پاڪستان جي سموري ميڊيا ان کي رپورٽ ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان وٺي ميان نواز شريف تائين پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو، يقينن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٿيل ان دهشتگرديءَ واري واقعي تي ردعمل اچڻ گهربو هو، پر انهن سمورين ڳالهين جي باوجود جڏهن حيدرآباد کان سکر ڏانهن سفر ڪجي ٿو ته سنڌ ۾ امن جو نه هجڻ واري ڳالهه ايتري اهم لڳي ٿي، جيتري سنڌ سميت پاڪستان اندر وڌندڙ بنياد پرستي کي روڪڻ آهي، پيپلز پارٽي سميت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سموريون پارلياماني جماعتون سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي سياسي معاملن تي ڳالهائين ٿيون، وڏا سياسي تڪرار ۽ انهن جا نبيرا به ٿين ٿا، پر افسوس اهو آهي ته حڪومت ۾ ويٺل جماعت سميت مخالف ڌر ۾ ويٺل سياسي جماعتن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ناهي ته سنڌ اندر اغوا، صنعت وارو روپ اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سج لهڻ بعد هڪ ٻن ضلعن کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ جا ماڻهو پنهنجيون ڪاروباري سرگرميون وقت کان اڳ بند ڪري گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا، اغوا ٿيندڙ ماڻهو ڪيئن ۽ ڪيترو ڀوڳي ٿو، ان جو احساس فقط ان ماڻهو يا ان جي خاندان کي ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي يا ان جي ڪنهن مٽ مائٽ کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو هجي، جيئن ته سنڌ ۾ اغوا ٿيندڙ ماڻهن جي اڪثريت واپارين، ڊاڪٽرن، سرڪاري ملازمن ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي هجي ٿي، تنهن ڪري اغوا جي وارداتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوف معاشي طور سنڌ جي ماڻهن کي اڌ مئو ڪري وڌو آهي، جيئن ته سنڌ کي چئو کنڀو ڦاسايو ويو آهي، اقتدار جي ڊوڙ واري دائري کان ٻاهر موجود مختلف سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ عوامي طاقت جي اڻاٺ باوجود سنڌ جي قومي معاملن جهڙن اشوز ۾ جدوجهد ڪندڙ آهن، تنهن ڪري سنڌ جو امن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا وارو هي سنڌ جو اهم مسئلو سياسي پارٽين جي ايجنڊا تي ناهي، نتيجي ۾ بي هٿيار امن پسند ماڻهو لاوارث آهن ۽ سندن ڪو به داد فرياد نٿو ٿئي. سنڌ ۾ امن نه هجڻ بابت هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سکر ۾ صحافين جي هڪ ڪنوينشن ۾ پئي وياسين، اسان سپر هاءِ وي بجاءِ نوابشاهه کان سکر ڏانهن ويندڙ مهراڻ هاءِ وي روڊ تي سفر ڪري رهيا هئاسين، منظر بيان ڪرڻ جهڙا ڪونهن، سج لٿي مهل سمورا شهر بند ٿيل هئا ۽ اسان جي ٽن گاڏين کان سواءِ ورلي ڪا گاڏي روڊ تي نظر پئي آئي، سبب فقط هڪ ئي آهي ته رات جو روڊ ڏوهارين حوالي ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهو رستن تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. جيڪڏهن هڪ مهيني جي سنڌي اخبارن جو جائزو وٺبو ته سنڌ ۾ 30هن کان 40 يا ان کان مٿي اغوا جون وارداتون ٿين ٿيون، گهڻي ڀاڱي اغوا ٿيندڙ ماڻهو ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا ۽ سندن بازيابيءَ بعد پوليس سدائين مقابلي جي دعويٰ ڪري ٿي، اغوا ڪندڙن ته سينيئر صحافي ارشاد چنا جي هاري اڳواڻ ڀاءُ ڪامريڊ ولايت حسين چني کي به بخش نه ڪيو ۽ سکر ويندي کيس اغوا ڪيو ويو، هي ڪامريڊ فقير به پنهنجي گهر جو سامان وڪڻي ڀنگ ڀري آزاد ٿيو، باڊهه جي صحافي شان ڏهر جي تعزيت لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو، اتي وڃي خبر پئي ته لاڙڪاڻي ضلعي مان 9 ماڻهو اغوا ٿيل هئا، پر پوليس کي فقط پنجن ماڻهن جي اغوا بابت اطلاع مليل هو، هڪ نجي ڪچهري ۾ مون جڏهن هڪ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر کان پڇيو ته ڇا سنڌ ۾ اوهان جهڙن آفيسرن کي ڪي مضبوط سياسي هٿ ڪم ڪرڻ نٿا ڏين جو ايتريون اغوا جون وارداتون ٿين ٿيون ته هن معنيٰ خيز مسڪراهٽ سان چيو ته ڪنهن ٻئي ڀيري ان تي ڳالهائينداسين. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جو سکر ۾ ڪنوينشن هو صحافين پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه آڏو دانهون ڪندي سنڌ جي ماڻهن جي هينئن ترجماني ڪئي ته شڪارپور سميت اتر سنڌ ٻري ٿي پئي، لاڙڪاڻي کان هن ڪنوينشن ۾ ايندڙ صحافين کي ڏينهن ڏٺي جو ڦريو ويو آهي، حالتون ان حد تائين خراب آهن جو ڊکڻ جي صحافي اصغر ٿهيم کي به اغوا ڪيو ويو هو ۽ هو بازياب ٿيڻ بعد اڄ هن ڪنوينشن ۾ موجود آهي، دوستن سان سهمت ٿيندي خورشيد شاهه سان مخاطب ٿي مون هيءَ ڳالهه رکي ته رڳو اتر نه سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري ٿي پئي، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته هو ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري ساڻس صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا ۽ ڌاڙن جهڙين وارداتن تي مک سياسي جماعتن جي خاموش هجڻ جا ڪارڻ منهنجي نظر ۾ ٻه ٿي سگهن ٿا، هڪ ته حڪومت ۾ شامل جماعتن جا اڳواڻ، وزير ۽ صلاحڪار پروٽوڪول ۾ هجن ٿا، سندن اڳيان ۽ پويان ٻه ٻه پوليس موبائلون تحفظ لاءِ هجن ٿيون ۽ کين اهو احساس نٿو هجي ته سنڌ ۾ هاڻ بنا سيڪيورٽي جي سفر ڪري نٿو سگهجي، ٻيا سنڌ جا مک سياسي اڳواڻ ۽ جاگيرداراڻو پسمنظر رکندڙ سردار جڏهن سفر تي نڪرن ٿا ته 8، 8 هٿياربند سندن محافظ هجن ٿا، نتيجي ۾ کين سنڌ ۾ امن امان نه هجڻ وارو مسئلو نظر نٿو اچي، روز اغوا جي وارداتن واريون خبرون ڇپجن ٿيون، پر اڄ تائين مون کي ياد ناهي ته حڪومت سان واسطو رکندڙ ڪنهن مک سياسي جماعت جي اڳواڻ اغوا ٿيندڙ ماڻهو جي گهر وڃي پريس ڪانفرنس ڪئي هجي يا ڪنهن ردعمل جو اظهار ڪيو هجي، متاثر ماڻهو پاڻ ئي لوڙي، منٿون ڪري پنهنجا پيارا موٽائين ٿا، صورتحال جڏهن ان حد تائين خراب ٿي وڃي ته نه رڳو سنڌ جا ماڻهو ڀوڳين ٿا، پر سرمائي جي چرپر به بند ٿي وڃي ٿي، اغوا جي ان صنعت ۾ شامل پنهنجا ئي ماڻهو پنهنجيءَ سنڌ کي تڪليف ۾ وجهي رهيا آهن، جڏهن حالتون ان حد تائين خراب ٿي وڃن، جو پرڏيهي سياح سنڌ جي تاريخي ماڳ مهين جي دڙي ڏانهن به وڃي نه سگهن ته باقي بچيو ڇا؟ ڪيترن ئي فورمن تي ڏات ڌڻي اها ڳالهه رکندا آيا آهن ته سنڌ حڪومت جي وس ۾ ئي اها ڳالهه ناهي ته اها سنڌ جي سمورن بيروزگارن کي روزگار ڏئي سگهي، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت رڳو سنڌ کي امن ڏئي ۽ ماڻهو واپار سانگي آزاداڻي نموني سان اچي وڃي سگهن ۽ اغوا بجاءِ سنڌ ۾ امن ٿي وڃي ته سنڌ ۾ اڄ به ايتري سگهه موجود آهي ته اها معاشي طور پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي، تنهن ڪري جيئن ته سنڌ جي ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي ۽ سنڌ کي امن ڏيڻ به پيپلز پارٽي جي ئي مک ايجنڊا هجڻ گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي خاص طور تي سنڌ ۾ امن بابت گهڻ رخي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، سنڌ يا وفاقي حڪومت آئين موجب ان ڳالهه جي پابند آهي ته اها پاڪستان جي هر شهريءَ کي تحفظ فراهم ڪري. حڪومت پنهنجون ذميواريون ڪيتريون نڀائي ٿي، تنهن بابت ماڻهو گهڻا پراميد نظر نٿا اچن، جيڪڏهن حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندي هجي ته ٻي ذميواري انهن سياسي جماعتن تي هجي ٿي جيڪي حڪومت جو حصو ناهن، سنڌ جي ماڻهن کان اها ڳالهه ناهي وسري ته نواز شريف جي پهرين دفعي اقتدار ۾ اچڻ واري دور ۾ سڄي سنڌ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي عتاب هيٺ هئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ساٿين سميت سنڌ ۾ امن لاءِ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ ڪيو هو، تن ئي ڏينهن ۾ رسول بخش پليجي جي سرواڻي هيٺ سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ٿيو هو، ٻئي مارچ تاريخي هئا، جنهن سان سنڌ ۾ وڏي سياسي اٿل پٿل آئي هئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ته حڪومت کي اپيل ڪئي ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کي عام معافي ڏني وڃي، اڄ وري سنڌ کي اهڙي ئي امن مارچ جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سنڌ ۾ رهندڙ سمورن طبقن، پارٽين ۽ ماڻهن کي هٿ ادب جا ٻڌي هي عرض ڪجي ته سنڌ ۾ امن اسان جي قومي ضرورت آهي، هن قومي ڪم ۾ ته انهن سردارن وٽ به جهولي جهلي وڃي سگهجي ٿو، جيڪي هٿيارن جي ڇپر ڇانوءَ هيٺ هجن ٿا ۽ اهڙن باضمير ماڻهن وٽ به ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃي سگهجن ٿا جن کي اغوا جي ان صنعت ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، پر اڄ به سندن ضمير جاڳيل آهي. بحث ڪندي ڪجهه دوست دليل ڏيندا آهن ته غربت ڪري ڏوهه وڌن ٿا، جي ائين هجي ها ته سڀ کان وڌيڪ ڏوهه ۽ اغوا جون وارداتون بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿين ها، جتي سڀ کان وڌيڪ غربت آهي، پر اتان جا ماڻهو ڏوهن کان گهڻي ڀاڱي پاسائتا آهن ۽ انهن ٻنهي ضلعن جي ڀيٽ ۾ ته وڌيڪ ڏوهه اتي ٿين ٿا، جن ضلعن ۾ بدين ۽ ٿرپارڪر کان معاشي طور حالتون بهتر آهن، تنهن ڪري ڏوهن جو واسطو غربت سان ناهي، ڏوهارين ۽ ڏوهن کي روڪڻ بابت دنيا ۾ هر حوالي سان وڏو ڪم ٿيو آهي، اهي ڌريون جن وٽ اختيار ۽ اقتدار آهي، تن کي ڏوهاري نفسيات ۽ ان کي روڪڻ بابت هيٺان کان مٿين سطح تائين سوچڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ عملي ڪم ڪرڻ گهرجي، شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ ڏوهاري سرگرمين سنڌ جي ماڻهن کي معاشي ۽ نفسياتي طرح وڏو نقصان پهچايو آهي، سنڌ حڪومت کي هاڻ پنهنجين ذميوارين نڀائڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه ڪرڻ گهرجي. WITH THANX FROM DAILY awamiawaz.net
انا لله و انا اليه راجعون... ڳالهه موئن جو دڙو جي هجي ها ته واه واه ڪجي ها.. ڳالهه ڪالا باغ ڊئم يا ڪنهن سنڌ خلاف بيان بازي جي هجي ها ته هُل هنگامو ڪيون ها... پر هتي ڳالهه ظلم ۽ موت جي آهي ته اسان جو ڇا وڃي بابلا.. ڇا جي لاء جلوس ڪڍون.. ڇا لاء بيان ڏيون.. ڇا لاء اتحاد ڪيون.. سنڌ لاء جان ڏينداسين.. سنڌ تي ڪا ميري اک کڻي ڏسي ته خبر پويس.. پراڻي تاريخ، پراڻي ثقافت... بس جيئي سنڌ باقي مڙئي خير آهي.... سنڌي مرن ته ڀلي مرن.. ...
بلڪل صحيح چيئو۔ الاءِ ڇو ڪڏهن به ڪنهن سنڌي سياسي پارٽي بد امني، ڦُر ۽ ڌاڙن جي خلاف ڪا مزاحمت ناهي ڪئي۔ ڳالهه موئن جي دڙي کان به هاڻ چڙهيل آهي۔ هر سال ڪنهن وڏي ڏهاڙي تي ماڻهو وڃي انهي فخرِ سنڌ جي لتاڙ ڪن ٿا۔ نقصان پُهچائن ٿا۔ ڪڏهن ڪنهن پارٽي ان خلاف رسمي بيان به نه ڏنو۔ ميري اک پرائي به هوندي آهي پنهنجن جي به هوندي آهي۔ ميري سان پُڄن ڪونه پنهنجن تي اک ڪونه ٻُڏي۔
سياسي خاص ڪري قوم پرست پارٽين کان ڪهڙي اميد رکجي ۔۔۔۔ پهرين جنوري کان سچل ڳوٺ جي هڪ گيٽ بند ڪري اتي ڪيمپ لڳايو ويٺا آهن۔ ايندڙ ويندڙ پريشان، اها ڪئمپ مين روڊ تي يا ڪٿي سائيڊ سان به لڳائي سگهجي پئي ۔۔۔ پر يار جسقم وارا سدائين بضد هوندا آهن ته سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪجي۔