رضوان گل جي ڪتاب تي تبصرو سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون محمد سليمان وساڻ مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي. پر پوء نيٽ تي ۽ مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کانپوء سندس ڪهاڻين جو ڪتاب سپنن جو انت مونکي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو. ڪهاڻي جيڪا ادب جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي ان کي پيش ڪرڻ جا هر ليکڪ وٽ پنهنجا انداز هوندا آهن. اسان وٽ ڪهاڻيڪار ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن مان عوامي مقبوليت تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ملي آهي يا اهڙي چند نالا ئي آهن جيڪي اسان کي ياد رهن ٿا. رضوان به مونکي لڳي ٿو ته ڪهاڻي صف جي انهن ليکڪن مان هڪ هوندو جيڪو سڀني کي ياد رهندو. هو پنهنجي ڪتاب لاء لکي ٿو ته هي ڪهاڻيون من جي شانتيء خاطر لکيل آهن پر يقين ڄاڻو ته رضوان هڪ انقلابي ماڻهو آهي، جنهن ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ گهڻن کي همٿايو آهي ۽ گهڻن کي صحيح رستي تي آندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان جنهن کي هن ادب دوستي طرف آندو. رضوان گل جي ڪتاب سپنن جو انت ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چوگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻي لاء ضروري آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ ان کي ڪهاڻي ۾ گم ڪري ڇڏي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪتاب هڪ ئي ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيم. هن ڪردارن جا مڪالما اهڙي ته انداز ۾ لکيا آهن جو انهن مان شاعري پئي جهلڪي ۽ لڳي ٿو ته هي ڪهاڻيون نه پر شاعري آهي. ڇو ته هو حساس شاعر به آهي تڏهن ئي ته هن لفظن جي چونڊ به توري تڪي ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ استعمال ڪيل ٻولي به سادي ۽ سهڻي آهي، اها ٻولي جيڪا اسان جي عام ماڻهوء جي ٻولي آهي. هن ڪهاڻي کي فلاسافي بجاء سڌو سنئون پيش ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. ٻيو ته هن ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ يڪسانيت نه هجي، تنهنڪري مختلف ڪردار مختف ڪهاڻين ۾ مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿا. سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي دور جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاء جي آهي جيڪو پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس. سچ ته اهو آهي ته رضوان جي ڪهاڻين جو هن ڪتاب اسان جي معاشري جي هر ڪردار کي سمايئي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻوڏ کان غريبي، اميري ۽ فقيري سان گڏ استاد، ڪلرڪ، ڊرائيور، عشق، ڪوڙ، ٺڳي ۽ سچائيء ۽ عورت جري مختلف روپن جي داستانن تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب رشتنن جي مختلف روپن کي اهڙي ته انداز ۾ ڏيکاري ٿو جو لڳي ٿو ته هي منهنجي ئي حياتيء جا لکيل مختلف داستان آهن. مونکي پڪ آهي ته رضوان گل ادب جي آبياري ۾ اڳ کان به اڳرو رهندو ۽ سندس قلم بنا ڪنهن بريڪ جي لکندو رهندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي معاشري کي سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.