ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
دادو ضلعي جي تاريخ تي لکيل انگريزي ڪتاب
”Dadu at a Glance“ تي هڪ نظر
تابش بخاري
”Dadu at a Glance“ تي هڪ نظر
تابش بخاري

دادو ضلعي تي مختلف اديبن جا ڪجهه ڪتاب سنڌي ۾ ڇپيل آهن، پر مستند، مدلل۽ مفصل نه هجڻ ڪري ملڪي يا عالمي سطح تي مڃتا ماڻڻ کان محروم رهيا آهن، جنهنڪري بهرحال اهڙي ڪتاب جي سخت ضرورت ڪافي سالن کان محسوس ٿي رهي هئي،پر جڏهن فيبروري 2011ع ۾ هڪ ادب شناس تاريخي ۽ ادبي سوچ رکندڙ سنڌ دوستمهربان آفيسر محترم ڊاڪٽر نياز علي عباسي صاحب دادو ضلع جي ڏهين “DCO” ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر طور پنهنجون ذميورايون سنڀاليون ته مصروف عمل ٿيويا. انهن ڪمن ۾ قابل تحسين ڪم هي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ آهي، جيڪو اڄاسان جي هٿن ۾ آهي
آءٌ ان ڪتاب جو مختصر تعارف پيش ڪرڻ چاهيندس ته جيئناسان جا پڙهندڙ هن تاريخي دلڪش ڪتاب کان واقف ٿي سگهن. هي ڪتاب 312 صفحنتي مشتمل پڪي جلد، خوبصورت رنگين ٽائيٽل سان بهترين پيپر ۽ مضبوط بائينڊنگ،رنگين تصويرن سان ڇپيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 21 تاريخي مضمون شامل آهن جيڪيضلع دادو جي مختلف نامور اديبن ۽ تاريخ نويسن جا لکيل آهن.
سڀ کان پهرين هن ڪتاب جي ايڊيٽر سرواڻ ڊاڪٽر نياز علي عباسي صاحب جن جو دادو ضلع جي وجود ۾اچڻ کان اڄ تائين جو تاريخي پسمنظر ۽ جائزو شامل آهي، جنهن ۾ نهايت مدلل ۽جامع مواد شامل آهي. چئني تعلقن جي مکيه تاريخي شهرن ۽ ماڳن مڪانن جو تصويرن سان ذڪر ڪيل آهي. نامياري ڊرامه نويس عزيز ڪنگراڻي جا 08 مضموننهايت خوبصورت انداز ۾ رنگين تصويرن سان شامل آهن، خاص ڪري تعلقه جوهي جاتاريخي ماڳ مڪان، قبرستان، ڳوٺ، شهر، واهڻ وستيون! جهڙوڪ ميانوالي تحريڪ،بلاولي تحريڪ، جوهي ۾ قديم زماني جي حُر مجاهدن جي جدوجهد جو پڻ تفصيلي ذڪرٿيل آهي. ان کان سواءِ ضلع دادو جا شاعرن اديبن ليکڪن جو مختصر تعارف، ڄم ۽وفات جي تاريخ سان شامل آهي، جنهن ۾ مخدوم بلاول شهيد کان وٺي چئني تعلقنجون نامور ادبي ليجنڊ شخصيتون شامل آهن، ۽ اٽڪل 160 شاعر اديب صحافي سماجيشخصيتون شامل آهن.
ڪن اديبن شاعرن جي وفات کي به اڌ صدي کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي ان ڪري تصويرون ملڻ به مشڪل ڪم آهي. خير عزيز ڪنگراڻي صاحب جي محنت قابل تعريف آهي، ان کان پوءِ 03 تاريخي مضمون شامل آهن، انجينيئرعزيز رانجهاڻيءَ جا، جن ۾ضلع دادو جون ڍنڍون، جن ۾ ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر ۽ حمل ڍنڍ جو تفصيلي تاريخي پسمنظر شامل آهي. ٻيو مضمون وري دادوءَ ضلع جون قديم نديون، نئيون،بندرگاهون شامل آهن. هي مضمون به ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا وڏي ڄاڻ ڏيندڙ آهن. ٽئينمضمون ۾ دادو جي صحافتي دور تي روشني وڌل آهي. دادو جي سينيئر ۽ جونيئرصحافين جي نالن جي لسٽ ۽ صحافتي تاريخ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ نامورآرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري جو پڻ تاريخي مضمون ڪلهوڙا دورآرڪيالاجي جي روشني ۾ شامل آهي. هن مضمون ۾ ڪلهوڙا دور جي حڪمرانن ۽ آثارقديمه تي روشني وڌي وئي آهي جن ۾ ميان نصير محمد، ميان دين محمد ڪلهوڙو،فتح فقير جو مقبرو، شاهه پنجو سلطان جو مقبرو ۽ تاريخي پس منظر، شاهه گودڙيو، گاجي شاهه، شاهه عنايت، حامد شاهه، ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ سندس مقبريلڳ تاريخي مسجد تصوير سميت شامل آهي.
ان کان سواءِ نامور ليکڪ اشتياق انصاري جو پڻ تحقيقي مضمون “گورک” جبل ۽هل اسٽيشن تي لکيل به پڙهڻ جوڳو آهي. گورک جبل جو جاگرافيائي ۽ تاريخيلحاظ کان مڪمل، معلوماتي مضمون وڏي اهميت رکي ٿو. گورک لفظ تي پڻ تفصيليبحث ٿيل آهي. ان بعد نامور دانشور ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي جو لکيل مضمون ”ضلع دادو جي معاشيات“ پڻ دادو جو معاشي منظرنامو پيش ڪري ٿو. دادو ضلع جيماڻهن جو ذريعه معاش رهڻي ڪهڻي ڪرت، ڪڙمت، تجارت، وغيره تي تصويرن سانمضمون کي سجايو ويو آهي.
ڪتاب ۾ دادو جي نوجوان صحافي قربان علي خشڪ جا پڻ 03 تحقيقي مضمون شاملآهن جن ۾ خدا آباد ڪلهوڙا دور جو راڄ ڌاني ”تخت گاهه“، ”دادو ضلع جا جبل، لڪ۽ تفريح گاهون“، ”فاسلز کيرٿر قطارون“. هنن موضوعن تي تحقيقي ۽ خوبصورترنگين تصويرن سان مضمون شامل آهن.
ان کان سواءِ جوهي تعلقه جي معاشي حالتن تي نوجوان ڪهاڻيڪار ليکڪ ماڻڪڪنگراڻي جو مضمون به شامل آهي جنهن ۾ جوهي جي ماڻهن جي معاشي حالتن جومنظرنامو تصويرن سان شامل آهي. هن مضمون ۾ ڪاڇي جي جاگرافيائي، سماجي ۽تاريخي بيهڪ تي پڻ تفصيلي بحث ٿيل آهي. ڪاڇي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪِرتوغيره جو تصويرن جي روشني ۾ احوال تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ٿيل آهي.
هي خوبصورت ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ملڪي ۽ عالمي سطح تائين ڪيئن پهچي اهاذميواري دادو ضلع جي موجوده ڊپٽي ڪمشنر جي آهي. جيئن هي انگريزي ۾ لکيل خوبصورت ڪتاب انهن ماڻهن تائين پهچي جنهن جي هن ڪتاب کي به ضرورت آهي تهجيئن دنيا جا ماڻهو دادو ضلع جي شاهوڪار تاريخ ۽ تهذيب کان روشناس ٿي سگهن.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: