• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نئون چونڊجي آيل چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽننٽ جنرل راحيل شريف جو تعارف

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
1472859_715329571812966_2045330100_n.jpg

راحيل شريف 16 جون تي 1956ع تي ڪوئيٽا ۾ ميجر محمد شريف جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جنهن جي عمر هن وقت 57 سال آهي، هي هن جو ڀاءُ ميجر شبير شريف نشانِ حيدر ۽ ستارهِ جرئت سان نوازيل آهن، سندس ٻئي ڀاءُ ڪئپٽن ممتاز شريف ستارهِ بسالت حاصل ڪيو، هن جو وڏي ڀاءُ ميجر شبير شريف 1971ع وارو جنگ ۾ شهيد ٿي ويو، جيڪو رٽائرڊ ميجر جنرل پرويز مشرف سان ڪورس ميٽ رهيو،
جنرل راحيل شريف پنهنجي شروعاتي تعليم لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج مان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هو پاڪستان آرمي ملٽري اڪيڊمي ويو، هن ليفٽننٽ جنرل طور ڪور ڪمانڊر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ کيس هلالِ امتياز سان پڻ نوازيو ويو آهي، جيڪو ملڪ جو ٻيو وڏو سويلين ۽ ملٽري ايوارڊ آهي،راحيل شريف 1976 ۾ مشهور بٽالين ايف ايف آر فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ ڪميشن ڪئي ۽ گلگت ۾ مقرر ٿيو، هن جرمنيءَ مان ڪمپني ڪانڊر ڪورس ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڪيناڊا جي ڪمانڊر اينڊ اسٽاف ڪاليج مان گريجوئيشن جي سند حاصل ڪئي، جنرل راحيل سيالڪوٽ بارڊر ۽ لائينس آف ڪنٽرول جي ٻن انفينٽري يونٽن کي به سنڀاليو، هن برطانيا جي ڊفينس اسٽڊيز جي رائل ڪاليج مان پڻ گريجوئيشن ڪئي، پاڻ بهترين ، تازو ۽ شڪار جو شوقين به آهي، ليفٽيننٽ جنرل طور راحيل ڪور ڪمانڊر سان گڏ گڏ ٻن سالن تائين انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايوليشن رهيو آهي، جنهن دوران هن پاڪستان آرميءَ کي ٽريننگ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

lt-gen-raheel-sharif-with-american1.jpg


General-Raheel-Sharif.jpg


52985d06764d4.jpg


Raheel-Sharif.jpg

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top