ايتري تعداد ۾ گلن جهڙا ٻار جڏهن موت جي هنج ۾ آرامي ٿيا ته پنهنجن سان گڏ ڪيترا ئي پرايا به روئي پيا، هر اک آلي ٿي پئي، روڊن تي وکريل پين، پينسلون، بيج، ميڊل ڀڄي به پيا هئا ۽ رت ۾ به آلا هئا۔۔ ايترا پيارا ٻار جيڪي چونڊي چونڊي هڪ اسڪول ۾ ٻئي شهر چٽاڀيٽي جي مقابلي لاءِ ويا، اهي اسڪول ڏانهن واپس نه موٽي سگهيا، نه ئي وري گهرن ڏانهن زنده واپس آيا۔۔ گهرن ۾ انهن جا بسترا هاڻي سدائين لاءِ خالي هوندا ۽ اسڪول ۾ انهن جي ”چيئرس“ کي ڏسي باقي شاگردن جي چهرن تي اداسي هوندي۔۔۔ هميشه اهڙا حادثا۔۔ خاص ڪري وين جهڙي سواريءَ جا حادثا وڏي تعداد ۾ رونما ٿيندا رهيا آهن، اسان ته شايد انهن جو نوٽس وٺڻ انهن تي ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو آهي، گهڻا حادثا ۽ لاشن جون تصويرون ڏسي اسان بيحس ٿي ويا آهن۔ ٿوري تعداد ۾ ماڻهو مريا ته خير، ٻار مريا ته به خير، انهن تي اسان نه ڳالهائيندا آهيون، شايد انهن ڳالهين کي ڏسي اسان جي روح کي جاڳرائڻ لاءِ عزرائيل ايتري ساري گُلن کي موت جي سمهاري اسان جو امتحان ورتو ته اسان اڃان به انسان آهيون يا مرڳو ئي جانورن کان وڌيڪ بيحس ٿي ويا آهيون۔۔ منهنجو سوال اهو آهي ته اسان جي روڊن تي ٿيندڙ اهڙن حادثن جو ذميوار ڪير آهي، تيز رفتار گاڏين جا تڪڙا ڊرائيور، هاءِ وي جا اُکڙيل رستا يا وري اڃان ٻيو ڪو عنصر ان جو ذميوار آهي؟؟؟
ذميواري ڪنهن تي ڏيون ۔۔ بس روئندا رهون ٿا ۽ ڳوڙها ڳاڙيندا رهون ٿا۔۔۔۔ ذميواري ته وين ۽ ڊمپر ڊرائور جي به هجڻ گهربي هئي ۔۔۔ ذميواري ته روڊ ٺاهيندڙن جي به هجڻ گهرجي جو اتي روڊ جي ري ڊزائن جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ پر سڀ ڪجهه نقصان ٿيڻ کانپوء ٿيندو۔
ادا معاملو لاقانونيت آهي هر اداري ۾ ڪرپٽ ڪردار مجود آهن۔ قانون آهي ته ان تي عمل جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي۔ اسان کي ته هڪ هن جملي به ماري ڇڏيو آهي ته اسان جي قسمت ائين آهي۔ جن قومن وٽ اهرا جملا ناهن سي قومون وڙهنديون آهن اتي قانون تي عمل ٿيندا آهن جاهل اسان جا سردار آهن نتيجا اوهان اسان آڏو بس شال ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڪيئن چوان جاڏي پير تاڏي خير۔