• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ڪهڙي طرح ڳولا ڪندي آهي۔۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه ڏينهن اڳ سائين نثار ابڙو سان اسڪائيپ تي گفتگو ٿي۔۔۔ گفتگو جي دوران سائين هڪ سوال ڪيو ته ”سنڌ سلامت فورم تي ڪي ميمبر گوگل اسپائيڊر جي نالي سان اچي رهيا آهن۔۔۔ ٿي سگهي ٿو انتظاميه جو رڪن هجڻ ڪري صرف مون کي ڏسڻ ۾ ايندا هجن۔۔۔ اهي ڇا آهن۔۔۔ ؟ ڪاٿي ڪنهن وائرس وغيره ته حملو نه ڪيو آهي۔۔۔؟“
جواب ۾ مون کين مطمئين ڪندي آگاهي ڏني ته دراصل سنڌ سلامت طرفان گوگل کي دعوت ڏنل آهي ته اها پنهنجي نمائندن موڪليندي رهي ته جيئن انهن جا نمائندا (جن کي گوگل اسپائيڊرس چيو ويندو آهي ) سنڌ سلامت تي روز روز ايندڙ نواڻ کي پاڻ وٽ نوٽ ڪندا رهن ۽ جڏهن ڪو سنڌي سڄڻ گوگل تي سنڌي لفظ لکي ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس سندس جي مطلب جي ڳولا ڏيندي سنڌ سلامت جي لنڪس ذريعي فورم تي وٺي اچي ۔۔۔ جتي اچي يقينن کيس پنهنجي مطلب جون شيون ته ملنديون پر ان کان علاوه پڻ مفيد، ڪارائتي ۽ دلچسپ معلومات پنهنجي مادري زبان ۾ حاصل ٿيندي۔۔۔
ٿي سگهي ٿو ته اهي ٽيڪنيڪل ڳالهيون سائين نثارابڙو جن کي مان صحيح طريقي سان سمجهائي نه سگهيو هجان۔۔۔ ان ڪري هتي هڪ وڊيو لڳائي رهيو آهيان جنهن جي ذريعي سائين نثار ابڙو سميت سمورا دوست اهو معلوم ڪري سگهندا ته گوگل ڪهڙي طرح ڳولا ڪندي آهي۔۔۔؟

http://www.youtube.com/watch?v=BNHR6IQJGZs

اهڙي قسم جون وڌيڪ معلوماتي وڊيوز ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
 
جواب: گوگل ڪهڙي طرح ڳولا ڪندي آهي۔۔۔؟

ادا هن ويڊيو ۾ ته ايرر پيو اچي
باقي شيئرنگ ته لاجوا ب آهي

سدائين گڏ
 
جواب: گوگل ڪهڙي طرح ڳولا ڪندي آهي۔۔۔؟

سائين وڊيو هلي نه ٿي ۔۔۔ ادا ڦلپوٽو جي ڳالهه صحيح آهي۔۔
 
Back
Top