• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عالم اديب، سياستدان ۽ عظيم مفڪر سائين جي ايم سيد

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
1506819_1408946086016840_483830349_n.jpg

تحرير۔ممتاز علي وگهيو
هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙ ۾
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور
سوچي ڏسي ڏور ، آڏو آرڻ ڏينهڙا (اياز)

سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي،
، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.
سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال
سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو،
(1) جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽا.
پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ 9 صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو.
۽ ان کي ست پٽ ٿيا،
(1) سيد معروف شاه (2) موج شاه (3) سيد ڌڻي شاه (4)سيد حاجي شاه (5)سيد داد شاه (6)سيد جهنڊو شاه (7) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (1) سيد جرارشاه (2) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن.
سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر 1905ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو.
سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي
سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي،
تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله.
سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو.
شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان 20اپريل 1910ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي.
مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون.
عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن،
ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين ، مگر تقريبن 12،13 سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي.

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا
(1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.
(2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔(3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
(10)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ.........................................
(11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................
(12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................
(13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................
(14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................
(14) چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................
(15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................
(16) تحريرون ـــــ.....................................................................
(17) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.
(18) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن
(19) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
(20) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي.
(21) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي.
(22) شاه جون ڪافيون ـــ .....................................................
(23)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................

سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون
چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ...
1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔
1930ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو
1937ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ...
1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔
1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔
1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ...
1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ...
1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔

1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو
1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔
1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ...
1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين
1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين

سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد
1906ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ ( جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔
1921ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔
1924ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن 300 ماڻهون شريڪ ٿيا۔
1924ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو
1919ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔

249034_10151750196756351_14466249_n.jpg

1545930_10152126562081351_310136678_n.jpg

1525352_10152113609746351_418280078_n.jpg

1506606_10152091393611351_1053064616_n.jpg

1381496_10151925314781351_422141903_n.jpg

946929_10151595063611351_1555558318_n.jpg

601660_10151584934331351_1114160903_n.jpg

431973_10151578497956351_1297601990_n.jpg


72285_10151368119926351_900901398_n.jpg

540808_10151368119351351_190293888_n.jpg

734735_10151368118891351_691304106_n.jpg

255127_10151315824601351_2075760610_n.jpg

1509132_10151972519634565_1036720778_n.jpg

1504520_10151941820514565_689068580_n.jpg

994409_10151940182514565_1793228693_n.jpg


1673727295_09e80f853e.jpg

1674587282_7f48e6d37b.jpg



942599_10151608040946351_255175606_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

1451366_10151912382724565_824536599_n.jpg


1466139_10151900291839565_693099391_n.jpg


1454798_10151891923574565_148677604_n.jpg


1452423_10151891341179565_1838015441_n.jpg


999112_10151854492704565_309183266_n.jpg


1459291_10151841192524565_1566619709_n.jpg


183657_1702446879395_2765191_n.jpg


183657_1702446919396_3940321_n.jpg


183657_1702446959397_4352150_n.jpg


185783_1669030924017_2518079_n.jpg

1527134_10201144952968964_1366026403_n.jpg


18940_1224681095549_4553239_n.jpg


18940_1224679935520_6583501_n.jpg


4406952802_d53e415382.jpg


18940_1224682015572_7868296_n.jpg


سيدصاحب جا فـــــــــــــــــــــــــــــرمانن مان ڪجهه چــــــــــــــــونڊ

1501664_10151954055464565_1526247924_n.png


428306_10151399525176351_1100172202_n.jpg


1184936_10151786314751351_1268327508_n.png


1185256_10151798566686351_962655420_n.jpg


1174809_10151804033001351_1178820869_n.jpg


1237133_10151826998251351_484849249_n.jpg


1392992_10151969215591351_525166722_n.jpg


541519_10151929663484565_1032503220_n.jpg


1604730_10152126546486351_1184021937_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سيـــــــــــــــــــــــــــــــــد صاحب جي لکڻي جو انداز هڪ نــــــــــــــــــــــــــــــــــــمونو
1455875_10151860689629565_2080042495_n.jpg

سيـــــــــــــــــــــــــــــــــد صاحب جي پسنديده شعرن مان هڪ شعر

d988d9bad98a-d987d8b1-d987d8b1-d8acd986d985-d988d8b1d8a8d988.png
سيـــــــــــــــــــــــــــــــــد صاحب جي آخـــــــــــــــــــــــــــــــري آرامگـــــــــــــــــــــــــــاه
16400_10151476627456351_665580730_n.jpg

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌ سان عشق جي جهلڪ ڏسڻي آهي ته اهو سائين جي ايم سيد جي شخصيت ڏانهن ڏسي۔ جنهن سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان عشق ڪندي گذاريو۔ سن جي سيد جي اها خاصيت هئي ته هو جيڪو ڳالهائيندو هو ان تي اٽل رهندو هو۔ جيڪو چوندو هو اهو مڃيندو هو ته ها مان ايئن ڪيو آهي۔

هو اهو به مڃي ٿو ته مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي سياست ڪندي اسان کان غلطيون ٿيون پر اهو سڀ به ان وقت جي حالتن سبب ٿيو۔

1554371_10202712074981224_1319050146_n.jpg
 
هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي،
هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي، ڪنهن همراهه چور کي چوري ڪندي ڏٺو ۽ کيس جي سائين ايم سيد وٽ وٺي آيا، ان قرآن کڻي چيو ته مان ڳئون چوري ناهي ڪئي، سيد ان ماڻهو کي ڇڏي ڏنو، ٻن مهينن کانپوءِ ان ماڻهوءَ کي ڳئون سميت پڪڙي وري سيد وٽ وٺي آيا، پر سيد چيو ته اها ڳئون سندس ناهي پر هن جي آهي، سائين کان موقعي تي موجود ماڻهن پڇيو ته سائين سڳ سوڌو چور ٿا ڇڏيو، پاڻ چيائون “ماڻهو قرآن تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن سئو مان نوانوي ماڻهو سچ ڳالهائيندا آهن ، ان سان ماڻهن ۾ امن امان ۽ سماجي اخلاق جي صورتحال ضابطي ۾ رهي ٿي مون ڳئون تان هٿ کڻي ماڻهن ۾ قرآن جو ويساهه قائم رکيو آهي”
(آپ بيتي ـ جڳ بيتي ايم ايڇ پنهور صفحو 254 )
 
Back
Top