نوابشاھ ۾ پيش آيل حادثي ۾ قيمتي انساني زندگين جي اڻپورائو ٿيندڙ نقصان روح رنجائي رکيو آھي، ڪيترن گھرن جا چشم و چراغ اجھائجي ويا، ڪيترا ننڊڙا پتڪڙا خواب ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويا، معصوم مُرڪون وڇڙي ويون، اڄ کان آئيندو رُسي، وڇڙي ويو... ۽ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو... انا الله و انا عليه راجعون... الله سائين هر انسان کي ان درد کان پنهنجي پناھ ۾ رکي، رب پاڪ کان دعا آهي ته انهن معصومن جي والدين کي صبرِ جميل عطا فرمائي ۽ انهن معصومن جي صدقي سندن والدين جي مغفرت فرمائي. الله سائين ان حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي. آمين
آمين سائين اجتمائي اموات قربِ قيامت جي نشانين مان هڪ آهي۔ اسان جون غفلتون لاقانونيت جي بنان تي آهن اهي حوادث جنم اسان کي جاڳائڻ گهرن ٿا۔ دنيا جي ڪنهن قانون ڀريئي ملڪ جي اهڙي قسمت ناهي جهڙي اسان جي قسمت آهي ڇو جوجتي لاقانونيت هوندي آهي اتان جي قسمت ابتر لکيل آهي۔ بس هي حادثا به جي سماج کي نه ٿا جاڳائين ته هن سماج کان وڌيڪ ڪو بدقست سماج ناهي۔ الله انهن ننڍڙ گلڙن جي تفيل اسان جي ستل ضميرن کي جاڳڻ جي توفيق عطا ڪري مرحومين جي درجات ۾ بلندي عطا ڪري سندن والدين کي صبرِ جميل عطا ڪري اسان سڀني کي صفرِ آخرت جي تياري جي توفيق عطا ڪري۔ جاڏي پير تاڏي خير۔
تمام گهڻو دلي صدمو رسيو آهي۔۔دعا آهي ته الله پاڪ اسان سڀني کي حادثن کان محفوظ رکي ۽ جيڪو هي سانحو ٿيو آهي انهني جي لواحقين کي صبر و جميل عطا ڪري۔۔ آمين