شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
ڊکڻ رپورٽ (سلمان صالح عيساڻي) ڊکڻ لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي،5 پورهيت زخمي، ٻن کي نازڪـ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو. رپورٽ موجب ڊکڻ لڳ ڇتو منگي لنڪـ روڊ تي بکو سيال وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج پورهيت محمد عمر، محرم علي، اعتبار سانگهرو، منظور جت ۽ ظهير راجپوت سخت زخمي ٿي پيا جنکي ڊکڻ جي هڪـ پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن تـ محمد عمر ۽ محرم سانگهرو کي نازڪـ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيوويو آهي