اسلام عليڪم دوستو! اگر مان انٽرنيٽ تان ڪا به ونڊوز ڊائونلوڊ ٿو ڪريان ته اها آئون انسٽال ڪيئن ڪريان پنهنجي پي سي ۾۔ ٻيو ته يو ايس بي مان ونڊوز ڪيئن انسٽآل ڪجي۔۔۔۔۔
توهان انٽرنيٽ تان ونڊوز جون فائلز ڪهڙي فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪري رهيا آهيو۔۔۔؟ عام طور تي اهڙيون فائلز ISO فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ٿينديون آهي۔۔۔ جيڪو دراصل ڊي وي ڊي يا سي ڊي اميج ڪمپريسڊ فائيل فارميٽ آهي۔۔ جنهن کي ڪنهن سي ڊي يا ڊي وي ڊي تي رائيٽ ڪندي بوٽ ايبل سي ڊي يا ڊي وي ڊي بڻائي ويندي آهي۔۔۔ يو ايس بي فليش ڊرائيو جي عام ملڻ ڪري سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز جو استعمال ختم ٿيندو پيو وڃي۔۔ هاڻي ته توهان ونڊوز به يو ايس بي ذريعي انسٽال ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ڊي وي ڊي اسڪريچ اچڻ تي جلد خراب ٿي ويندي آهي پر يو ايس بي جي استعمال سان اهڙو ڪو مسئلو نه ٿو ٿئي۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ادا فاروق سومرو هڪ موضوع ونڊ ڪيو جنهن ۾ ونڊوز انسٽاليشن فائلز کي يو ايس بي منتقل ڪرڻ لاءِ ”ون ٽو فليش“ سافٽويئر آگاهي ڏني وئي هئي۔۔ هي سافٽويئر ونڊوز ڊي وي ڊي يا سي ڊي مان سموريون فائلز مڪمل طور تي يو ايس بي منتقل ڪري ڇڏيندو آهي۔۔ ان کان علاوه يو ايس بي کي بوٽ ايبل پڻ بڻائي ڇڏيندو آهي۔۔۔ ته جيئن توهان آساني سان ونڊوز انسٽال ڪري سگهو۔۔۔ هتي ان سافٽويئر ذريعي يو ايس بي فائيلز منتقل ڪرڻ جي سکيا لاءِ هڪ وڊيو پيش ڪجي ٿي۔۔ ان کانپوءِ پي سي کي يو ايس بي (فليش ڊرائيو) ذريعي بوٽ ڪريو۔۔۔ ۽ هدايتن تي عمل ڪندي ونڊوز انسٽاليشن مڪمل ڪريو۔۔۔ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
ادا رشيد آخرڪار يو ايس بي ذريعي ونڊوز ٿي وئي۔iso فائيل ٺاهي refus ذريعي بوٽ ڪراايو۔ تمام جلد توهان سڀني دوستن جي سامهون ان جي سکيا به ڏيندم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين هي سوفٽويئر تمام بهتر آهي! هن سوفٽويئرجي مدد سان توهان بنا سي ڍي روم جي بنا يوايس بي جي ونڍوز انسٽال ڪري سگهو ٿا! سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ http://www.4shared.com/get/Xq1dkhbb/easybcd_22.html هن وڍيو جي ذرعي توهان ان سوفٽويئر استعمال پڻ ڏسي سگهوٿا! download.html