شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
استاد هادي بخش ميمڻ
ورهاڱي کان پوءِ سنگيت سان چاه رکندڙ گهڻا ماڻهو سنڌ مان لڏي ويا ۽ انهن جي وڃڻ کان پوءِ هانڊا به ختم ٿي ويا . هانڊا سنڌ جي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ ڪرايا ويندا هئا . اها روايت ختم ٿيڻ سان سنڌ ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو اهو دور به ختم ٿي ويو . اهي جايون جتي هانڊا لڳندا هيا ، سي سالن کان ويران آهن . ثقافتي ورثي کي تحفظ ڏيڻ واريون شخصيتون اڄ ناپيد آهن .
ورهاڱي کان پوءِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ کي زنده رکڻ جي لاءِ شڪارپور جي استاد هادي بخش جو نالو قابل ذڪر آهي . جنهن هانڊن ختم ٿيڻ جي باوجود ڪلاسيڪي موسيقي سيکارڻ جو سلسلو جاري رکيو . استاد هادي بخش ميمڻ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا استاد مبارڪ علي کان ورتي . موسيقيءَ جي بنيادي ڏهن ٺاٺن ۽ انهن تي دارومدار رکندڙ ڪيترائي راڳ ۽ راڳڻيون استاد هادي بخش سکڻ کان پوءِ پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين موسيقيءَ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهيو ۽ پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن سبب موسيقارن ۾ ڪافي مقبول رهيو . موسيقيءَ جي چاه رکندڙ ڪيترائي شاگرد استاد هادي بخش وٽ موسيقي جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن . هڪ اندازي مطابق سندس شاگردن جو تعداد هڪ سو جي لڳ ڀڳ آهي . ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو هي ناميارو استاد سال 1971ع ۾ گذاري ويو .
( حوالو ؛ شڪارپور سونهن جو شهر ؛ مضمون ـــــ ” شڪارپور ۾ هولي جا هانڊا “ از ارشاد اعواڻ ص 274 ، 275 ۽ 276)