انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي وڏي ۾ وڏي ويب سائيٽ وائيس آف سنڌ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، اهو خوشي ڏيندڙ لمحو اسان سڀني لا ساڳي معني رکي ٿو۔۔۔۔ وائيس آف سنڌ تي ڳڻپ کان مٿي سنڌي ڪتاب، مضمون، ڪهاڻيون، شاعري، انٽرويوز، سافٽ ويئر، فونٽس، تصويرون ۽ ٻيو متفرقه مواد موجود هيو، جيڪو اسان جي اکين کان پري هليو ويو هو، سو به تمام جلد ٻيهر ڏسي سگهندا۔ نوٽ: ويب سائيٽ هاڻِي روزاني بنياد تي اپڊيٽ ڪئي ويندي۔ لنڪ لا هتي ٺڙڪ ڪريو
لک قرب ۔۔۔مون ان ڏينهن ئي ڀيرو ڀريو هو جڏهن اوهان فيسبوڪ تي لنڪ موڪلي هئي۔ وائس آف سنڌ هڪ اهڙي ويب سائيٽ هئي جنهن اسان کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ بابت اتساهه ڏنو هو۔ اميد ته هي ويب پنهنجي پهرين واري حيثيت ماڻي وٺندي۔
توڙي جي هي اهائي وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ واري سائيٽ نه آهي نه وري وائيس آف سنڌ وارو مواد موجود آهي پر خوبصورت سنڌي فونٽس سان سجايل ورڊ پريس جو هي بلاگ به سنڌي ٻولي جي سائيٽس ۾ سٺو اضافو پيو لڳي۔۔۔ آفتاب ٽالپر جي ٻاهر وڃڻ کان پوءِ وائيس آف سنڌ نه سنڀلي سگهي ۔۔۔ سندس طرفان ڪيل شروعات کي ڪو ٻيو ساٿي نه سنڀالي سگهو ۽ نه روان ڪري سگهيو۔۔۔ اميد ته وائيس آف سنڌ نالي کي سنڀاليندي موجوده سائيٽ کي به لڳاتار سجائيندا رهندا ته جيئن وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ واري چس واري واپس اچي۔۔
سائين ذيشان رشيد! هي اها ئي ويب سائيٽ آهي جيڪا ڪجهه سال پهريان پنهنجي جوهر سان روشن هئي، اهو ساڳيو مواد آهستي آهستي هن ويب جي زينت بڻبو۔ مون صرف اها ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي صرف دعوى ڪئي آهي، پر دوست آفتاب ٽالپر جي ڪجهه مصروفيتن جي ڪري ڪم ۾ تيزي نه آهي، هي اها ئي ساڳي ويب سائيٽ هوندي، جنهن تي اهو ساڳيو مواد اپلوڊ ڪيو ويندو۔
هن ويب سائيٽ کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ذاتي طور ڪوششون ورتيون ويون آهن، سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي صلاح مشورن سان نئون ڊومين نالو پسند ڪيو ويو آهي۔ هيءَ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ بنيادي حيثيت واري ويب سائيٽ هئي، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي اي بوڪ، ڪهاڻِيون، مضمون، ڪالم، تاريخ، ناول ۽ ٻيو متفرقه مواد انٽرنيٽ تي آندو ويو۔ ان کوٽ کي نظر ۾ رکندي سائين شاهه نواز سومري، آفتاب ٽالپر ۽ عباس ڪوريجي جي ذاتي ڪوششن سان ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي۔ ساڳيو پراڻو مواد هڪ دفعو ٻيهر آندو ويندو۔۔۔۔۔۔ پر ان لاءِ ٿورڙو انتظار باقي!!!! نوٽ: هاڻي ويب سائيٽ روزاني بنيادن تي اپڊيٽ ڪئي ويندي آهي۔