شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
رهڙڪي ۾ اڄ ايڪسپريس نيوز جي گاڏي مٿان حملي ۽ ان ۾ شهيد ٿيندڙ ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ايڪسپريس رهڙڪي جي رپورٽر زاهد ڀنگر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ان مظاهري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جنهن ۾ لنڊ گروپ رهڙڪي جي ڪاونسلر ۽ مکي چيتن داس سماجي اڳواڻ عبدالفتح رهڙ، ڪامريڊ رانجهن رهڙڪي يوٿ گروپ جي وقار احمد رهڙ،شفيع محمد رهڙ، ارباب علي ڀيو ۽ غلام محمد ڀيو شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ ايڪسپريس جي رپورٽر زاهد ڀنگر چيو ته اسين ان حملي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا اها هڪ بزدلاڻي ڪاروائي آهي ان سان صحافت کي ڪڏهن به ڪمزور نٿو ڪري سگهجي مظاهري کي وڌيڪ خطاب ڪندي عبدالفتح، وقار احمد، مکي چيتن ۽ ٻين چيو ته اسين انتظاميه کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪاروائي ڪري انهن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ۽ اسين ان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايڪسپريس جي ملازمن جي وارثن سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون انهن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته ايڪسپريس ميڊيا تي ٿيندڙ حملا فوري بند ڪيا وڃن. آخر ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.
