سنندا پشڪر جو موت ۽ مهر تارڙ جي ماٺ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    • ڏسڻو اهو آهي ته معاملو ششي ٿاروڙ کي راڪشس ٿو ثابت ڪري يا ديوتا.....
    سنندا پشڪر جو موت ۽ مهر تارڙ جي ماٺ
    ڀارت جي انساني حقن واري وزير وزير ششي ٿارور جي زال سنندا پشڪر جو اوچتو موت ۽ ان سان جـُڙيل خبرون نه رڳو ڀارت پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ميڊيا جي هيڊلائينز بڻيل آهن.
    سنندا جو لاش جمعي ڏينهن هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪمري نمبر 345 مان هٿ آيو هو، ششي ٿارور جي سيڪريٽري موجب سنندا جو لاش جمعي تي رات تقريبن ساڍي اٺين وڳي مليو، ان وقت ششي ٿارور آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد هوٽل واپس آيو هو. سيڪريٽري موجب سنندا جي ڪمري جو دروازو اندران بند هو ۽ هوٽل جي عملي کي دورازو ڀڃي اندر داخل ٿيڻو پيو.
    زال جي موت کانپوءِ ششي جي دل جي رفتار تيز ٿي وئي ۽ کيس دلي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرس سندس حالت کي خطري کان ٻاهر قرار ڏنو، جنهن بعد هو گهر منتقل ٿي ويو.
    سنندا پشڪر جون آخري رسمون نئين دلي ۾ادا ڪيون ويون ته هو انتهائي اداس نظر آيو.
    مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ آل انڊيا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڊاڪٽر سڌير گپتا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنندا پشڪر جي جسم تي تشدد جا نشان هئا.
    هن چيو ته سندس جسم مان ورتل ڪيترن ئي نمونن کي ليب روانو ڪيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ بعد حتمي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ وڌيڪ طبي جاچ ڪرڻي آهي .
    والاريل ڪشمير جي علائقي سوپور ڀرسان ڳوٺ بومائي ۾ هڪ فوجي آفيسر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنندا کي پنڪي ۽ ببلي سڏيو ويندو هو، سوپور ۾ ويڙهاڪن سنندا جي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن بعد سري نگر منتقل ٿي وئي، جتي هن سري نگر جي هوٽل تي ريسپشنٽ طور نوڪري به ڪئي.
    سنندا، ششي جي زال بڻجڻ کان اڳ به 2 شاديون ڪيون، جيڪي ناڪام ٿيون، 19 سالن جي ڄمار ۾ موسيقار سنجي رائنا سان پرڻو ڪيو ۽ بعد ۾ هن سجيت مينن نالي همراهه جو گهر آباد ڪيو، جتي به گهڻو وقت رهڻ سندس نصيب ۾ نه هو.
    سنندا جي خوبصورتي نيٺ ڀارتي ڪابينا جي نوجوان ۽ حسن پرست وزير ششي ٿاروڙ کي موهي وڌو ۽ هو ساڻس وقت گذارڻ لڳو، سنندا پشڪر پهريون ڀيرو 2009 ۾ سرخين ۾ آئي، جڏهن ششي سان هن جو افيئر هلندڙ هو ۽ آءِ پي ايل ۾ شرڪت لاءِ نئين ٽيمن کي لائسنس جاري ڪيا پئي ويا، تڏهن مٿس الزام لڳو هو ته هن هڪ ٽيم کي فرينچائز ڏيارڻ لاءِ پنهنجي واسطن جو غلط استعمال ڪيو هو. اهڙن الزامن بعد ششي ٿارور کي استعفيٰ ڏيڻي پئي ۽ سال 2010 ۾ ششي ٿارور سنندا پشڪر سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.
    ميڊيا رپورٽس موجب سنندا گذريل ڪجهه ڏينهن کان مڙس ۽ پاڪستاني صحافڻ مهر تارڙ وچ ۾ لاڳاپن واري شڪ سبب پريشاني ۾ مبتلا هئي، جيڪا ششي کان انٽرويو وٺڻ دهلي آئي، جنهن بعد ٻنهي وچ ۾ انٽرنيٽ تي رابطو به رهيو.
    سنندا ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ششي ٿارور کان طلاق وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، پر ششي ٿارور ٽوئيٽر تي وضاحت ڪندي چيو هو ته سندس گهرواري جو اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هو ۽ هو جلدئي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو.
    پاڪستاني صحافڻ مهر تارڙ به ميڊيا سان ڳالهائيندي اهڙن الزامن کي رد ڪيو هو.پر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سنندا ۽ مهر تارڙ وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ جو سلسلو تقريبن 36 ڪلاڪن تائين جاري رهيو ۽ ان صورتحال کي ويتر خراب ڪيو.
    سنندا پشڪر موت کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي مڙس ششي ٿارور سان گڏيل بيان ۾ چيو هو ته سندن ازدواجي زندگي تمام خوشگوار آهي ۽ هميشه رهندي پر جمعي واري ڏينهن آيل خبر سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
    پاڪستاني صحافڻ مهر تارڙ سنندا پشڪر جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر تي پيغام لکيو آهي ته هوءَ تمام گهڻي صدمي ۾ آهي ۽ کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هوءُ ان حوالي سان ڇا ڳالهائي.
    هُن سنندا لاءِ لکيو آهي ته ريسٽ ان پيس سنندا.
    ششي ٿارور جي پٽ يشان ٿاروڙ به ٽوئيٽر تي پيغام ذريعي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته سندس خاندان جي پرائيويسي جو احترام ڪيو وڃي.
    جيتوڻيڪ ششي ۽ مهر تارڙ وچ ۾ اي ميل ذريعي ٿيل ڳالهه ٻولهه پڌري ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ششي مسئلن بابت آگاهي ڏئي ٿو ۽ مهر دعا ڪري ٿي ته سندن گهريلو زندگي خوشگوار گذري.
    پوليس ۽ ڊاڪٽرز معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ته ڪري رهيا آهن، ڏسڻو اهو آهي ته معاملو ششي ٿاروڙ کي راڪشس ٿو ثابت ڪري يا ديوتا.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو