سائين جي ايم سيد جو انٽرويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    ( سائين جي ايم سيد جو نانءُ سنڌي ادب ۾ وڏي مانَ ۽ مرتبي واري جاءِ والاري ٿو. سائين جي. ايم سيد ”سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ڪلچرل مرڪز ( ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ) جهڙا وڏا ادارا سنڌي قوم جي وجود ۽ ثقافت کي برقرار رکڻ لاءِ جوڙيا، ان کان علاوه پاڻ پنهنجي اکين جو نور نچوڙي، رت ولوڙي سنڌي ادب جي ترقي لاءِ (60) کن ڪتاب لکي ”سنڌ جي تاريخ“ کي وقار ڏنائون. مگر افسوس آهي، اسان سنڌي قوم کي جو سياسي حوالي جيان، ادبي محاذ تي به سائين جي. ايم سيد جو ڪو خاص قدر نه ڪيوسين. سائين جي. ايم سيد سان ادبي شام يا ڪا روح رهاڻ به نه رچائي سگهياسون، ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي ميارون ضرور ڏبيون.
    ”بحيثيت اديب“ جي سنڌي رسالن، اخبارن ڪڏهن به سائين کان مڪمل تفصيلي نج ادبي انٽرويو نه ورتو. تنهن ۾ ٽه ماهي ” مهراڻ“ کان وٺي ”نئين زندگي“ کان وٺي ماهوار ”ڪينجهر“ رسالي تائين ”عبرت مئگزين“ کان وٺي ”برسات مئگزين“ تائين ڪڏهن به ان ڳالهه کي محسوس نه ڪيو ويو.مون سائين جا مختلف سياسي انٽرويو پڙهي، تن مان ڪو هڪ ٻه سوال جيڪي ادبي حوالي سان شايع ٿيل آهن، تن کي ۽ سائين جي ڪتابن ۽ سائين جي تقرير ” سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ“ مان ڪجهه سوال جواب ترتيب ڏيئي سنڌي ادب ۾ سائين جو ادبي انٽرويو جو خال ڀرڻ لاءِ مڪمل ڪوشش ڪئي آهي. توقع ٿو ڪريان، ته سائين جو هي انٽرويو سنڌي ادب جي مورچي تي ”سج جيتري روشني نه ئي سهي. مگر ڏيئي جيتري روشني ضرور ڏيندو.“ اميد آهي ته پڙهندڙ حضرات کي پسند ايندو… جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ وڏي خوشي جو باعث ٿيندي.
    راجا رياض احمد سومرو.)
    سوال: ادب ڇا آهي؟ سنڌي ادب تي نظر وجهندا؟
    جواب: هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪ ٻئي سان لاڳاپن قائم ڪرڻ رکڻ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ جذبن جي اظهار لاءِ عام ٻولي هوندي آهي، جا سندن ابتدائي دور ۾ خام ۽ اڻ پوري هوندي هئي، ليڪن جڏهن ماڻهو بدويانه زندگيءَ مان ترقي ڪري دريائن جي ڪنارن يا شهرن ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳندا آهن، تڏهن هو آهستي ڪري ان کي قلمبند ڪرڻ لاءِ رسم الخط ايجاد ڪري لکندا آهن، جنهن ۾ قصن، ڪهاڻين، پهاڪن، شعرن، افسانن، علمي ڳالهين ۽ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو ڪٺو ٿيو وڃي، جنهن جي مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب ۽ ساهت سڏيو ويندو آهي.
    ساڳئي وطن ۾ رهي هڪ زبان ڳالهائڻ ذريعي هڪ ٻئي سان لاڳاپو رکڻ سبب ماڻهن ۾ هم آهنگيءَ جي نسبت جو مادو پيدا ٿيندو آهي، جنهن مان ڪلچر جنم وٺي ٿو، جو قوم بنجڻ لاءِ مکيه مواد جو حاصل ٿئي ٿو.
    هر قوم جي جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب جي ذريعي محفوظ رهي ٿو. ماڻهن جو ڪوبه مجموعو، زبان ۽ ادب قوم جي وجود کان علحده رهي نٿا سگهن.
    عام طرح ادب کي ٻن شعبن (1) ادب تفريح طبعي لاءِ (2) ادب قومي ترقيءَ لاءِ ورهائي ذڪر ڪيو ويو آهي.
    جذبات ۽ اصولن جي مواد ميسر ڪرڻ لاءِ ٻنهي قسمن جي ادب جي ضرورت پوي ٿي. پر ڏسڻو آهي ته ان مان ترجيح ڪنهن کي ڏيڻ گهرجي.
    سنڌي ادب تي نظر ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ اديبن پوئين قسم جي ادب تي خاص توجه ڏنو آهي.
    خوشتران باشدڪ سر دليران
    گـفته آيـد در حـديث ديگران! (مولانا روم)
    ”دلي ڳالهين ۽ اعلى خيالن جي اظهار جو بهترين طريقو ٻين جي قصن، ڪهاڻين ۽ تشبيهن ذريعي پيش ڪرڻ آهي.“
    شاهه لطيف، سچل سرمست، روحل فقير، شاهه نصير، بيدل فقير، مصري شاهه، سامي ۽ دلپت جهڙن شاعرن اعلى سلوڪ جون ڳالهيون، سرويچي جي تعليم، ملڪ ۽ قوم لاءِ قرباني، حب الوطني ۽ قومپرستي جي جذبي رکڻ، مشڪلات کي منهن ڏيڻ، قومي روايت، محبت، سادگي ۽ اتحاد انساني لاءِ ڪم ڪرڻ جون ڳالهيون سهڻيءَ، سسئيءَ، ليلا چنيسر، مارئيءَ، ڄام تماچي، هير رانجهي وغيره جي ڪهاڻين ذريعي ڪيون آهن، اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن مان ڪنهن به ادب جي ان قسم کي نه ڇڏيو آهي.
    ليڪن اڳتي هلي اسان جي ادب ۾ جاگيردارانه نظام جي عياش زندگيءَ جي تفريع طبعي لاءِ ڪجهه وقت کان اهڙو به رجحان پيدا ٿيو، جو اردو ۽ فارسيءَ جي تنزل واري دور جي شاعريءَ وانگر دماغي عياشيءَ خاطر هتي جي دور جي شاعرن گل و بلبل، يار جي زلفن، رخسارن ۽ ناز و انداز کي سڀ ڪجهه سمجهي، ان نموني جو اظهار خيال ڪرڻ شروع ڪيو؛ ٻئي طرف نثر نويس واري ادب کي ديون پرين ۽ بادشاهن وغيره جي قصن ۽ ڪهاڻين سان ڀري ڇڏيو.
    پر وري به شڪر آهي جو مغربي ملڪن جي اثر، ٻاهرين حاڪمن جي ظلمن ۽ تڪليفن، نوجوان گروهه جي هڪ حصي کي تحريض ڏياري آهي ته ادب کي نين ضرورتن- قومپرستيءَ، سماجي سڌاري، اخلاق دوستيءَ، آزاديءَ جي جذبي ۽ جديد ترقي پسند خيالن طرف موڙي، ملڪ ۽ قوم ۾ بيداري پيدا ڪن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ رجحان جي ابتدا ۾ ڪن دقيانوسي، ڪٽر فرقي پرست ۽ رجعت پسند ليکڪن ۽ شاعرن طرفان، مخالف ٿي آهي ۽ ٿيندي، پر اڳتي هلي اهي ”حشرات الارض“ جي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر ختم ٿي ويندا.
    اڄ جيڪڏهن پير حسام الدين راشدي (مرحوم) جمال ابڙي، محمد ابراهيم جويي، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ ٻين محب وطن اديبن ۽ شاعرن جي صحيح سڃاڻپ نه ٿي آهي ته فڪر نه آهي. پر مون کي اهو ڏينهن پري ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن سندن آواز سنڌ جي گهر گهر ۾ بلند ٿيندو ۽ رجعت پسند، ڌارين جا دلال ۽ وڪاڻيل اديب ختم ٿي ويندا. پر اهو ڪم اهڙو سولو نه آهي، جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جملي شاگردن، ماسترن، پروفيسرن، عالمن، اهل علم ۽ صاحب ذوق ماڻهن کي هڙان وڙان ڪوشش ڪري، ان صحيح ادب جي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. اسان جو موجوده سنڌي- دان تعليم يافته نوجوان، اردو دان گروهه جي مقابلي ۾ گهڻو پوئتي پيل آهي. هيءَ ڳالهه خاص ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي، ته رجعت پسند ملا جي تشريح وارو مذهب ۽ ڪميونسٽ سامراجي گروهه جو قومپرستيءَ خلاف پچار، مار آستين جو ڪم ڏيندو آهي. قومپرست اديبن جو اولين فرض اهو آهي، ته اهي ساده دل نوجوان کي انهن ڌارين جي ايجنٽن جي چالبازين کان واقف ۽ خبردار ڪن.

    سوال: سنڌي ادب کي ڪيئن ترقي وٺرائجي؟
    جواب: هر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب ذريعي محفوظ ٿئي ٿو. ڪو به ماڻهن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کان سواءِ قوم سڏائڻ جي لائق نه ٿو ٿئي. ساڳئي طرح زبان يا ڪلچر قوم جي وجود کان عليحده رهي نه ٿا سگهن. دنيا جو هر ڪم ضرور ڪنهن ڪنهن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آهي.
    ادب به انهيءَ عام قانون کان جدا ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن توهان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ توهان کي ئي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون. هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزاديءَ کان سواءِ ترقي ڪري نه ٿي سگهي. ساڳئي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمت سان وابسته رهي ٿو.
    دنيا ”وڙهي جيئڻ جو ميدان“، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زنده رهن ٿيون. ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيون وڃن. جن قومن جو وجود سلامت آهي ته ادب به سلامت رهي سگهندو. پر جي قوم خطري ۾ آهي، ته پوءِ کڻي سئو ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتابن لکجن پر ادب بچي ڪين سگهندو. حاڪم جي قلم جي هڪ نوڪ محڪوم جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيرن لاءِ ڪافي ٿئي ٿي.
    پاڪستان هن وقت ننڍين ۽ وڏين قومن لاءِ پاڻ ۾ ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان زار بڻيل آهي، ڪي ماڻهو ان ۾ سنڌي قوم جي وجود کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن ۽ اهي سنڌ جي برسر اقتدار طبقي جي خود مطلبي ۽ ڪمزوري ڪري سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ( هي ڳالهه سائين جي. ايم سيد ڪري ٿو ون يونٽ واري دور جي ) ۽ سندن ٻيو وار سنڌ جي ڪلچر، زبان ۽ ادب تي ٿيڻ وارو آهي. آئينده سنڌي ادب کي موت ۽ حياتيءَ جا مقابلا ڪرڻا پوندا. ريڊئي، سينيما ۽ اخبارن ۾ حڪومت جي سرپرستيءَ کي سندن برخلاف ڪتب آندو ويندو. هن وقت ته صرف سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تان لاٿو ويو آهي. ليڪن اڳتي هلي شايد ان جي ذريعي ابتدائي تعليم ڏيارڻ کان به سنڌين کي محروم رکيو وڃي. ڪراچي ۾ اختيار ڪيل برتاءُ جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. اهڙين حالتن هيٺ سنڌي زبان ۽ ادب کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم ڪونه آهي. اوهان جا سياسي ”عيوضي“ سنڌ کي ڌارين جي ماتحت ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. هاڻ اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي، جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيئڻ گهرو ٿا ته اوهان کي ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو.
    منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهيءَ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا.
    (1) سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ.
    (2) سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجهڻ. ۽
    (3) سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنياد جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي اڏڻ.
    سڀ کان اول اديبن کي هن مسئلي بابت پنهنجي ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو ته آيا سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهي يا نه؟
    جي سنڌي قوم نه آهن ته پوءِ سندن جداگانه زبان ۽ ادب هئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي

    سوال: قومي جذبو (قومي شعور ) پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌي ادب جو ڪهڙو مقصد هجڻ گهرجي؟
    جواب: جيڪڏهن سنڌي ادب ۽ زبان کي بچائڻو آهي ته سنڌي ادب جي مقصدن ۾ هڪ ڳالهه داخل ڪرڻ لازمي آهي. اها هيءَ ته عوام ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪري منجهن آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ ادب جو لازمي مقصد هجڻ گهرجي.
    اسان جو مٿيون طبقو مردار ۽ نڪمو ٿي چڪو آهي، ڪن صاحبن حالتن جي بدلجڻ ڪري گهرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ به ڇڏي ڏني آهي ؛ ڪن وري ٻين صوبن مان شادي ڪرڻ ۽ سنڱ ڏيئڻ کي پسند ڪيو آهي؛ جنهن مان لازمي طور اهو نتيجو نڪرڻو آهي ته آهستي آهستي ٿي انهن ماڻهن جي گهرن مان سنڌي غائب ٿي ويندي، تنهنڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان جا شعر، مضمون، افسانا ۽ ڪتاب سمورا حب الوطني ۽ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور هئڻ گهرجي.
    هاڻ اسان جو توجه سنڌي ادب کي عشقيه مضمونن جي بلاغت ۽ فصاحت، جي عيوض قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي ۽ قوم مان پروانه وار قرباني ڏيڻ وارين ڳالهين ڏانهن هئڻ گهرجي. زنده قومن جي ادب ۾ روح ۽ زندگيءَ ٿئي ٿي. مرده ۽ پست پيل قومن جو ادب مرثيه خواني، دنيا جي فاني هجڻ، آخرت جي قصن ۽ محض درد فراق ۽ معشوق جي ساراهه سان ڀريل ٿئي ٿو.
    تازو آءُ ( يعني 1955ع يا 1956ع ۾ ) اڀرندي بنگال مان ٿي آيو آهيان، اتي سياسي بيداري پيدا ٿيڻ ڪري ادب جي نثر ۽ نظم جو گهڻو حصو قومي حب، آزاديءَ جي جذبي، عوام جي ڀلي، هاري ۽ مزدور طبقي جي همت افزائي لاءِ صرف ڪيو وڃي ٿو. اتي معشوق جي نازن نخرن، بلبلن ۽ گل، چنڊ تارن جي ساراهه وغيره جهڙا موضوع پنهنجا اثر گهڻي قدر وڃائي ويٺا آهن. ايئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ هڪ نوجوان قوم نئون پيغام ساڻ ڪري صفحه هستيءَ تي ظاهر ٿي رهي آهي، اسان کي انهن مان سبق وٺڻ گهرجي. هنن جا مسئلا گهڻي قدر اسان جي مسئلن جهڙا آهن. اسان سان ڪافي نا انصافيون ٿي چڪيون آهن؛ سنڌ جي وجود کي ختم ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ ٻوساٽيون ويو آهي، سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي نون بئراجن جي زمينن تي ٻاهرين جي ڪالونين بنائڻ جا سانباهه ٿي رهيا آهن ۽ ( جيڪي پوءِ حقيقت بڻيا ) سنڌ جي تعمير جي جملي نين تجويزن کي بند ڪيو ويوآهي، نوڪرين، واپار ۽ ڪارخانن ۾ سنڌين سان ماٽيجي ماءُ وارو برتاءُ اختيار ڪيو ويو آهي، اوهان جا سياسي عيوضي قومي غيرت وڃائي طوق غلامي پائڻ لاءِ رضامند ٿي چڪا آهن. هاڻ اديبن تي ڇڏيل آهي ته قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪري منجهن آزاديءَ جو امر جذبو پيدا ڪن. اسان جي اديبن ۽ عالمن کي به انهن ڳالهين نسبت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي، مسلم ليگ، علامه اقبال ڪيترن پنجابي ۽ يوپي جي حضرات جي ڪتابن ۽ مضمونن جي سموري ڪوشش ادب کي پهرئين نظريي جي رنگ ۾ رنڱڻ طرف رڌل آهي. ”اسلام“، ”پاڪستان“، ” مسلمان قوم“ جي حربن کي هو پنهنجي جدوجهد ۾ استعمال ڪن ٿا.
    انڌي قوم، ان جي ڪلچر، زبان ۽ ادب جا سوال ساڳئي وقت مٿين قسم جي تعليم سان گڏ هلي ڪونه سگهندا. جيڪڏهن پاڪستان جي مسلمانن کي هڪ قوم ڪري قبول ڪبو ته پوءِ يا انهن جو ڪلچر ، زبان ۽ ادب کي بچائڻو آهي يا سنڌين جي جداگانه قوميت کي بچائڻو آهي، جنهن لاءِ سنڌين جي جداگانه قوميت جي اصول کي مڃڻو پوندو.

    سوال: اوهان تي اهو به الزام آهي ته اوهان پنهنجين تحريرن ۾ فاتح سنڌ محمد بن قاسم کي ڊاڪو ۽ راجا ڏاهر کي وادي مهراڻ جو هيرو قرار ڏنو آهي. ڇا اوهان ان الزام جي ترديد ڪري سگهو ٿا؟
    جواب: ڪنهن شخص کي بدنام ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي باري ۾ اجايا سجايا الزام ٺاهيا ويندا آهن. هينئر منهنجي سياسي مخالفن منهنجي باري ۾ الزام تراشيءَ جي مهم شروع ڪر ي ڏني آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي نئين نسل ۾ سنڌي قوميت جو رجحان شدت سان پيدا ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري اهي واليءَ سنڌ راجا ڏاهر کي پنهنجو هيرو قرار ڏين ٿا. سنڌي قوم جي ان تحريڪ جو پس منظر ڪن اسلام پسند جماعتن جا اهي نعرا آهن، جيڪي انهن سنڌي عوام جي سياسي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ هنيا ۽ انهن جي حقن ۽ مطالبن جي جنگ کي اسلام ۽ حب الوطنيءَ جي منافي قرار ڏنو. انهيءَ الزام تراشيءَ سان اسان جا سنڌي نوجوان اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته محمد بن قاسم ۽ اسلام جو نالو وٺي اسان کي ڪافر ۽ مفتوح قرار ڏيڻ وارا اصل ۾ استحصال پسند آهن ۽ اهي انهن نالن جي آڙ وٺي سنڌ ۾ پنهنجي ڦرمار جي اڏن کي برقرار رکڻ چاهين ٿا. آءُ سمجهان ٿو ته محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي باري ۾ منهنجي راءِ ڪا به حيثيت ڪا نه ٿي رکي؛ اهو تاريخدانن جو ڪم آهي ته هو انهن ٻنهي جي ڪارنامن جي تشريح ڪن ۽ سندن شخصيتن جي مقام جو تعين ڪن.

    سوال: مخدوم بلاول جي لاءِ تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿو ملي ته کيس گهاڻي ۾ پيڙهايو ويو هيو؛ اوهان جو رايو ڇا آهي؟
    جواب: افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مخدوم بلاول تي ڪوبه ڪتاب لکيل نه آهي. باقي اها ڳالهه اٽڪل ٻن صدين کان ٻڌندا اچون ٿا ته مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهايو ويو، ان کي 28-929ع ڌاري شهيد ڪيو ڪيو ڪيو. اسان جو حيدر شاهه سنائي مخدوم بلاول جو خليفو هو. اڄ کان اٽڪل سئو ورهيه اڳ جي هڪ ڪافي آهي ته:
    ”شاهه بلاول گهاڻي پيڙهايئي، ترس نه آيئي!“
    اٽڪل 150 ورهيه کن ٿيندا جو نواب ولي محمد خان پارسيءَ يا سنڌيءَ ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته اها مشهور ۽ معروف ڳالهه آهي، اسان به صرف اهو ٻڌو آهي ۽ ٻي ڪا به لکيل سند يافته ثابتي ڪانه ملي سگهي آهي.هڪ هندو لکيڪ 1905ع ۾ تعليم اخبار ۾ “Articles Series” لکڻ شروع ڪيا ويا هئا. پر 4- 5 مضمون لکي پوءِ بند ڪري ڇڏيائين. انهن مضمونن ۾ به ان مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن تاريخ جي کوجنا جي اجازت هجي ته سندن قبر کوٽائي کوجنا ڪرڻ سان پتو پئجي ويندو ، جيئن تيمور لگ جي قبر کوٽائي ڏٺو ويو ته واقعي سندس ڄنگهه ڀڳل نڪتي !“

    سوال: اديبن سان اوهان جي جيڪا رفاقت رهي آهي، ان ۾ توهان کي اديبن ۽ سياستدانن جي مزاجن ۾ ڪو فرق ڪا وٿي محسوس ٿي؟
    جواب: سياستدان به ٻن قسمن جا آهن ۽ اديب به، هڪڙا پرئيڪٽيڪل، معنى ابن الوقت سياستدان، ٻيا نظرياتي ۽ اصول پرست، اسان جو واسطو سنڌ جي سياست سان آهي. ۽ ادب اهو ڪارگر آهي، جيڪو اسان لاءِ ڪارگر ٿئي، ان کان سواءِ سنڌي ادب تي گفتگو پسند ئي ڪانهي.
    سوال: توهان پنهنجي فلسفي تي مختصر روشني وجهندا ته مهرباني؟
    جواب: جيڪو مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي سو مون پيش ڪيو آهي؛ دنيا جو علم عقل ٺهيل ٺڪيل نه ٿيندو آهي، فطرت جو بحر آهي، انهيءَ مان جنهن کي جيڪا ڳڙي هٿ اچي ٿي، ان جو اظهار ڪري ٿو، تنهنڪري مون پنهنجو فڪر ڪو ٺاهي ڪونه پيش ڪيو آهي. پر جيڪو مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي، سو ئي پيش ڪيو آهي.
    سوال: سائين توهان پنهنجي ڪن ڪتابن ۾ مهاجرن جي خلاف لکيو آهي، توهان جو هاڻ ان بابت ڪهڙو خيال آهي؟
    جواب: توهان جي هن سوال جو جواب تمام وڏو ۽ ڊگهو ٿيندو. پر مان هر حال ۾ مختصر چوڻ گهرندس. مان ته رڳو استحصال ۽ ڦرلٽ جي خلاف آهيان. اردو ڳالهائيندڙن جڏهن استحصالي طبقن سان اتحاد ڪيو ته مون انهن جي خلاف ضرور لکيو پر حقيقت جي وائکي ٿيڻ کان پوءِ مان ان جي ترديد ٿو ڪريان. اردو ڳالهائيندڙ به مظلوم آهن بلڪ سنڌين کان وڌيڪ مظلوم آهن. ڇاڪاڻ جو انهن ته ڌوڪي ۾ اچي پنهنجو وطن ۽ گهر ٻار ڇڏيو، ايستائين جو پنهنجن ابن ڏاڏن جون قبرون به ڇڏي آيا، انهن سان به وڏو دوکو ٿيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اردو ڳالهائيندڙن ۾ منهنجا تمام بهترين دوست هئا. مثال طور: راجا محمود آباد، ۽ مولانا جمال ميان فرنگي محلي وغيره انهن ماڻهن کي پنهنجن غلطين جو احساس ان وقت ٿيو. جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو. راجه محمود آباد هڪ ولي الله هو. هو پاڪستان ٺاهڻ واري ڏوهه ۾ ايترو ته پشيمان هو جو پوءِ پاڪستان ۾ رهي نه سگهيو ۽ ديار غير ۾ وڃي دم ڏنائين. مولانا جمال ميان زنده آهي. پنهنجي ان فعل تي ايترو نادم آهي جو گوشه نشين ٿي ويو آهي. ڪڏهن نه ملڻ ٿو اچي. ۽ نه ڪڏهن مون کي گهرايو اٿس ته جيئن ٻه وڇڙيل عندليب ملي آهه و زاري ڪن.
    سوال: اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اوهان جي لکيل ڪتابن مان، پاڪستان ۾ اڌو اڌ بندش هيٺ آهن؟
    جواب: ها! مون 52 ڪتاب لکيا آهن، جن مان 35 ڪتاب بندش هيٺ آهن.
    سوال؛ سائين! انهيءَ ڳالهه کي بين الاقوامي سطح تي مڃتا مليل آهي ته ”ٻاراڻو ادب“ بنيادي ادب آهي پر ڏٺو ويو آهي ته اسان جا گهڻا وڏا اديب ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ لکڻ کان لنوائين ٿا. اهڙي حالت ۾ هنن ڏانهن سنڌ جي ٻارڙن جو رويو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟
    جواب: جيئن ماءُ پٽ کي روئڻ کان سواءِ ٿڃ نه ڏيندي آهي؛ تيئن سنڌ جي ٻارن کي اهڙين اديبن سان احتجاج ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻارڙن لاءِ نٿا لکن؟
    سوال: جيئن ته توهان جي به هڪ مڃيل ليکڪ واري حيثيت آهي ان حوالي سان توهان سنڌي ٻارڙن لاءِ ڇا لکيو آهي؟
    جواب: سچ ته مون ٻاراڻي ادب لاءِ لکيو ته ڪجهه به ڪونه آهي، پر هڪڙي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته هر ماڻهوءَ کي سڀني ڳالهين تي مهارت به نه هئڻ گهرجي، جيڪو سڀني ڳالهين ۾ هڪ ئي وقت حصو وٺندو ته ڪامياب نه ٿيندو پر ماڻهو کي هميشه هڪ شعبو حاصل ڪري، ان ۾ ئي مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي. مثال طور: هڪ واڍو پنهنجو واڍڪو ڪم ڪندو ئي رهندو ته ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويندو. پر جي ساڳئي وقت لوهارڪو، ڊکڻڪو ۽ ٻيو ڪو ڪم ڪندو ته ڌيان جي ورڇ ٿيڻ ڪري ڪنهن به شعبي ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو مطلب ته مڙني طرفن کان ناڪام ويندو.

    سوال: شيخ اياز جي شاعريءَ جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    جواب: فرسٽ ڪلاس شاعري آهي.

    سوال: شيخ اياز جو هڪ گيت ” سنڌ ديش جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان…“ اوهان جي پارٽيءَ انهيءَ کي قومي گيت جو درجو ڏنو هو. پر پوءِ اهو گيت ڳائڻ بند ڪيو ويو، انهيءَ جو سبب؟
    جواب: شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو. ڀٽي جي شهادت- مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت جي شهادت کان مٿي آهي، اها هڪ قسم جي گستاخي هئي، جن بزرگن سنڌ جي لاءِ قربانيون ڏنيون؛ انهن جي …. سنڌ کي پنجابين وٽ وڪرو ڪندڙ … سان ڀيٽ ڪرڻ بيڪار هو، تنهنڪري مون حڪم ڪيو ته اهو گيت، قومي گيت ڪري نه ڳايو وڃي. پوءِ سنڌ جي مک شاعرن جي هڪڙي ڪاميٽي مقرر ڪئي سين، جنهن ۾ نياز همايوني، استاد بخاري، راشد مورائي ۽ ٻيا به ڪي شاعر هئا، ڪل ست ڄڻا هئا، اسان انهن کي چيو ته ٻيو قومي گيت ٺاهيو ته اياز جي گيت بدران اهو ڳايو وڃي، ٻه ٽي ميٽنگون ڪيائون مطلع ٺاهيائون.پر ڪوبه اياز جي گيت جو نعم البدل نه ٿي سگهيو، تنهنڪري گذريل سالگرهه تي مون ساڳيو اياز جو گيت ڳارايو. اياز جي ڪارنامن سان اسان کي چڙ آهي. شاعريءَ سان چڙ ڪانهي.
    سوال: سنڌي نثر ۾ اوهان ڪهڙن نثر نويسن کي پسند ڪريو ٿا ۽ نثر جا ڪهڙا ڪتاب اوهان کي پسند آهي؟
    جواب: نثر ۾ ڪهڙي موضوع تي؟

    سوال: فڪشن ته اوهان ڪونه پڙهندا هوندا؟
    جواب: فڪشن پڙهيو اٿم.
    سوال: جيڪو به اوهان پڙهيو آهي، ورهاڱي کان پهرين، ورهاڱي کان پوءِ ؟
    جواب: ورهاڱي کان پهرين مرزا قليچ بيگ جيڪي ترجما ڪيا آهن، مرزا قليچ بيگ گهڻي ڀاڱي ترجما ڪيا آهن، جيڪي ٻه ٽي ڪتاب شخصيتن تي لکيا اٿس زينت يا ٻيا، سي مون کي پسند آهن، ٻيا گهڻائي آهن. پر هيئنر نالا ياد ڪونه اٿم.

    سوال: اوهان ٻاهريون ادب به پڙهيو آهي، ٻاهريان ليکڪ يا ڪتاب اوهان کي پسند آهن؟
    جواب: اڙدو، فارسي يا ٻيون ٻوليون؟
    سوال: ڪي به انگريزي ادب، آمريڪي يا روسي ادب.
    جواب: ٽالساءِ گورڪي ۽ ٻيا گهڻا آهن.

    سوال: منهنجي خيال ۾ اوهان پهريان عالم آهيو، جنهن پيغام لطيف ۾، شاهه جي شعرن جي انقلابي معنى ڪڍي آهي. گهڻن ئي عالمن شاهه جي رسالي کي مرتب ڪيو آهي. اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو شاهه جو رسالو جامع آهي؟
    جواب: منهنجي نظر ۾ ٻه رسالا هيستائين بهترين آهن، جيڪي تشريح سان لکيا ويا آهن آهن. هڪڙو ڊاڪٽر گربخشياڻيءَ جو، ٻيو ڪلياڻ آڏواڻي جو.

    (ڪمپوز ۽ موڪليندڙ: سعيد سنڌي، جيڪب آباد)۔۔بشڪريه وائيس آف سنڌ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جنوري 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو