”اچو ته ڪجهه ڪريون“ جي عنوان هيٺ ڪانفرنس هڪ رپورٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    آمريڪا ۾ سنڌين جي تنظيم سانا طرفان ڪراچي ۾ ”اچو ته ڪجهه ڪريون“ جي عنوان هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي، مقررن چيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جو معيار انتهائي خراب آهي هن وقت ڪجهه نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ بهتري نه ايندي. سانا طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ آمريڪي سفارتڪار مائيڪل ڊاڊمين، سانا صدر جميل دائودي، عبدالله حسين هارون، نثار کهڙو، مهراڻ ٽي وي جو سرواڻ غلام نبي مورائي، گل محمد رند ۽ ٻيا شريڪ آهن. ڪانفرنس کي سانا جي صدر جميل دائودي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، جيڪڏهن ان کي هاڻي بهتر نه بڻايو ويو ته ان ۾ ڪڏهن به بهتري اچي نه سگهندي. هن چيو ته سانا جا ميمبر پاڻ ۾ پئسا گڏ ڪري سنڌ اندر تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا.. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي عبدالله حسين هارون چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، جيڪڏهن حڪومت ان ۾ ناڪام ٿي وئي ته آئيني طرح به ناڪام بڻجي ويندي. عبدالله حسين هارون چيو ته سنڌ ۾ تعليم تي وڏو ڪم ٿي رهيو آهي، پر ان جا نتيجا نه ملي رهيا آهن، سنڌ ۾ امن امان کانپوءِ تعليم جي وڏي تباهي ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ فنڊ ملڻ مسئلو ناهي، پر نتيجو ملڻ وڏو مسئلو آهي، سنڌ اندر تعليم جي تباهي جو هڪ نه پر هزارين سبب آهن. آمريڪي سفارتڪار مائيڪل ڊاڊمين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن سميت ڪراچي جي 5 علائقن ۾ يو ايس ايڊ تحت تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي، تعليم جي بهتري لاءِ هو سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته انگريزي ٻولي جي سکيا لاءِ سڄي ملڪ جي 5 هزار شاگردن کي سکيا ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ جا 17 سئو شاگرد به شامل آهن. سانا طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس جا 3 سيشن ٿي رهيا آهن، جنهن کي مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو