وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأْمُرُكُمْ أَنْ تَذْبَحُوا بَقَرَةً ۖ قَالُوا أَتَتَّخِذُنَا هُزُوًا ۖ قَالَ أَعُوذُ بِاللَّهِ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْجَاهِلِينَ . ۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو.(امروٽي) ڳئون چارينديس ڳوٺ جون ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ۔اها روح رهاڻ من ڀيِ ميلي محب سان سچل سرمست رحملين ڊالر جو سوال آهي ته مستقبل ۾ ڳئون کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو ڇاڪاڻ ته ڳئون اهڙو کير ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انساني کير جون خاصيتون پڻ شامل آهن يعني ڳئون جي کير ۾ ماءُ جي کير واريون سموريون خاصيتون شامل آهن. ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه پروفيسر نينگ لي جو چوڻ آهي ته اسين ڪلوننگ ٽيڪنالاجي ڪتب آڻيندي انساني ڊي اين اي ذريعي هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اهڙو نسل ايجاد ڪيو آهي جنهن جي کير ۾ انساني کير جون سموريون خاصيتون شامل آهن. پروفيسر لي جو چوڻ هو ته هن مهل اسان وٽ نئين نسل جون 300 کان وڌيڪ ڳئون موجود آهن ۽ اسين هنن جي کير جي مقدار وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن مارڪيٽ ۾ اِهو کير آساني سان ملي سگهي. هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اصل وطن هالينڊ آهي ۽ هن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کير ڏيندڙ نسل سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ڊيري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳئون جو کير استعمال ڪيو ويندو آهي. چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ايگرو بائيو ٽيڪنالاجي واري کاتي جا سائنسدان طويل عرصي کان جاري ريسرچ بعد 300 ڳئون تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا آهن جيڪي انساني خاصيتن وارو کير ڏينديون آهن. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته 10 سالن ۾ مارڪيٽن ۾ انساني کير ميسر هوندو. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته جديد کير جو ذائقو عام ڳئون جي کير کان بهتر آهي. هن ۾ ماءُ جي کير ۾ موجود پروٽين Lysozyme انساني تناسب ۾ موجود آهي. اِهو پروٽين ننڍي ٻارڙن کي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جديد کير ۾ Lactorerrin ۽ Alpha-lactalbumin قدرتي طور شامل آهي. ويچار ڊيسڪ هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي، هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي، ڪنهن همراهه چور کي چوري ڪندي ڏٺو ۽ کيس جي سائين ايم سيد وٽ وٺي آيا، ان قرآن کڻي چيو ته مان ڳئون چوري ناهي ڪئي، سيد ان ماڻهو کي ڇڏي ڏنو، ٻن مهينن کانپوءِ ان ماڻهوءَ کي ڳئون سميت پڪڙي وري سيد وٽ وٺي آيا، پر سيد چيو ته اها ڳئون سندس ناهي پر هن جي آهي، سائين کان موقعي تي موجود ماڻهن پڇيو ته سائين سڳ سوڌو چور ٿا ڇڏيو، پاڻ چيائون “ماڻهو قرآن تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن سئو مان نوانوي ماڻهو سچ ڳالهائيندا آهن ، ان سان ماڻهن ۾ امن امان ۽ سماجي اخلاق جي صورتحال ضابطي ۾ رهي ٿي مون ڳئون تان هٿ کڻي ماڻهن ۾ قرآن جو ويساهه قائم رکيو آهي” (آپ بيتي ـ جڳ بيتي ايم ايڇ پنهور صفحو 254 ) سنڌ جي سيلاني الطاف شيخ جي سفر نامي ۾ ڳئون جو ڪيل ذڪر ”هونءَ هتي ٻن قسمن جو بيف (ڳائو گوشت) هلندو هو. هڪ ملائيشيا جي ڍڳين جو تازو ڪٺل گوشت جيڪو ڏهن ڊالرن (سٺ رپئي) ڪلو ۽ آسٽريليا کان آيل فروزن (ٿڌو ٿيل) گوشت ـــ جيڪو اٺين ڊالرن هلي ٿو. پر اهو به سٺو آهي ۽ ڀلين ڍڳين جو آهي. پر هاڻ ڪجهه مهينن کان انڊيا وارن ڳائو گوشت اسان جي ملڪ ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۾ ته ڳئون کي ڪهي رڌي نٿا سگهن سو غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ هيڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو اٿن. پر افسوس جو سندن ڍڳيون پوڙهيون آهن يا بيمار ۽ ڏٻريون جو گوشت ۾ بنهه مزو ناهي. ۽ شايد ان ڪري اهو گوشت فقط پنج ڊالرن ۾ ڪلو ملي ٿو. سستو هجڻ ڪري اڄڪلهه هتي جي هوٽل وارن جو زور ان گوشت تي آهي. پر منهنجي دل اهڙو گوشت پچائي گراهڪن کي کارائڻ تي نٿي چوي. مانيون گهڻيون ڏيانوَ؟“ (جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل) هندو مذهب ۾ ڳئون جو تصور هندو سنڌ جا هجن يا هندستان جا ٻنهيء وٽ ڳئون جو وڏو احترام آهي، هندو ڳئون کي پنهنجي ماء سمجهندا آهن، ۽ ان ڪري ڳئون جي قرباني جي مسئلي تي هندو مسلم فسادات به ٿيا آهن۔ هندن جي خيال ۾ ڳئون جو خيال رکڻ ماء جو خيال رکڻ آهي، ۽ هندن ۾ به ڪجهه اهڙا توهم پرست ماڻهون آهن جيڪي ڳئون جو نه صرف احترام ڪن ٿا مگر ڳئون جو پيشاب پيئڻ به نعمت سمجهندا آهن جيڪو ڪم عقل جي خلاف آهي، ۽ اهيا هڪ حقيقت آهي، جنهن جي وڊيو پڻ هيٺ ڏجي ٿو۔ ڳئون ۽ سوئر جي خيال تي هڪ انگريزي ۾ بهترين مووي آهي جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آهي، https://www.facebook.com/video.php?v=800089330017577 مسلمانن ۾ ڳئون جي قرباني واري وڊيو
الطاف شيخ جي هن ڪالم ۾ ڳئن بابت دلچسپ ڳالهيون پڙهيون هيم۔ هندستان ۾ جن ڳالهين تي حيرت ٿي الطاف شيخ منهنجي پڙهندڙن کي مون وانگر ان ڳالهه تي ضرور حيرت ٿيندي، ته انڊيا ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج ڳئون جي ڇيڻي يا ان جي پيشاب (جنهن کي هو گئومترا سڏين ٿا) سان ڪيو وڃي ٿو ۽ آيورويديڪ طب جي ڪيترين دوائن ۽ گورين ۾ گئومترا استعمال ٿئي ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي هڪ فنڪشن ۾ منهنجي انڊيا جي هڪ مشهور آيورويدڪ ڊاڪٽر پيوش مشرا(Dr. piyush Mishra)سان ملاقات ٿي، جيڪوB.A.M.Sآهي. يعني بيچلر آف آيورويدڪ ميڊيسن ائنڊ سرجري آهي. کانئس ۽ سندس ٻين ڊاڪٽر دوستن سان مون سندن پروفيشن بابت خبرچار ڪئي، جنهن ۾ ڳئون ماتا جو به ذڪر نڪتو. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڪجهه نقطا لکي رهيو آهيان. جيڪي مون هنن جي ڳالهين مان حاصل ڪيا آهن يا گهٽ ۾ گهٽ مون سمجهيا آهن ته هنن جو اهو مطلب آهي. ·ويد(Vedas)هندو ڌرم جا قديمي ۽ پوتر ڪتاب مڃيا وڃن ٿا. آيرويد(Ayurveda)انهن ويدن جي هڪ شاخ آهي، جيڪا انسان جي صحت بابت آهي. انسان جي صحت معنيٰ فقط جسماني صحت نه پر ذهني ۽ روحاني تندرستي پڻ. بقول ڊاڪٽر مشرا جي آيرويد طب ۾ ڳئون ۽ ان جي شين جو تفصيل سان ذڪر آهي. ·ڳئون جون پنج بنيادي شيون پنچگاويا(Panchagavya)سڏجن ٿيون. اهي آهن: کير، ڌنئورو، گيهه، ڇيڻو ۽ ڳئومترا. ·هندو ماڻهو، ڳئونءَ کي ڪام ڌينو(Kamdhenu)به سڏين ٿا. معنيٰ سڀني خواهشن جو پورائو ڪندڙ. ان بابت ڊاڪٽر صاحب سنسڪرت جو هڪ قول ٻڌايو، ته ”متراه سروا ڀوتانم، گاواه سروو سک پراڌا“ يعني ڳئون ڪائنات جي سڀني جانورن جي ماءُ آهي، جيڪا هر هڪ جون سَڌون پوريون ڪري ٿي. ·انسان سميت دنيا جي جانورن جا پيشاب ڏٺا وڃن، ته سڀ ۾ بهتر ۽ ڪارآمد ڳئون جو آهي. آيورويد طب ۾ جتي به پيشاب جو ذڪر آهي، ته اهو ڳئومترا سان آهي. ويدن ۾ ڪيترن هنڌن تي اهو بيان ٿيل آهي ته، ڳئون اسان جي ماءُ آهي. اسين هن جا ٻالڪا آهيون. ان ڪري ان جو پيشاب اسان لاءِ ڪارآمد آهي. ·ويدن ۾ آهي ته هن جهان ۾ ست مائرون آهن: ”ادائو ماتا، گُرو پتني، برهمني، راجا پتنيڪا، ڌينور، ڌاتري تَٿا پِرٿوي سپتائتا متراه.“ اهي آهن: اصلي ماءُ (جنهن اسان کي ڄڻيو آهي)، گُروءَ جي زال (استاد يا روحاني مرشد جي زال)، برهمني (برهمڻ جي زال) ۽ راجا پتنيڪا (راڻي صاحبه). ڌينو (ڍڳي)، ڌاتري (نرس) ۽ هيءَ ڌرتي. ڌرتي به ماءُ وانگي آهي، جو اها اسان لاءِ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ڪري ٿي. سو اهي ست شيون هر انسان جون مائرون آهن. ·ڳئونءَ جو کير ۽ ٻيون شيون، ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ ڪرامت جو درجو رکن ٿيون. ·”يتوا گاسٿي گتم پاپم ديهي تِشٿٽي مامڪي پراسنات پنچگاوَسيا دهاساگ نريوَينڌنام“ منهنجي جسم جي کَل کان هڏن تائين جيڪي بيماريون ۽ پاپ موجود آهن، انهن کي پنچا گاويا ائين ختم ڪريو ڇڏي جيئن باهه ڪنهن ٻارڻ(Fuel)کي (پنچاگاويا ڇا آهي. ان بابت مٿي لکي آيو آهيان ته؛ کير، ڌنئورو، مکڻ، ڇيڻو ۽ ڳئومتر آهي، جيڪي ڍڳي ڏئي ٿي.) ·ڳئونءَ جو مُٽ(Urine)دوا خاطر ٻن طريقن سان استعمال ۾ اچي ٿو. هڪ ڳئومترا عرق سڏجي ٿو. اهو ڍڳيءَ جي پيشاب جوdistillateآهي. ڳئونءَ جي پيشاب کي ٽهڪائي، سندس ٻاڦ کي ٺاري عرق تيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو بازار ۾ بوتلن ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه ڳئونءَ جي پيشاب مان ٺهيل گوريون(Tablets) وڪامن ٿيون، جن کي گناوتي سڏيو وڃي ٿو. ·ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته؛ هي گوريون ٿولهه گهٽائڻ، ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، ٻارن کي کنگهه ۽ ٻين بيمارين کان شفا ڏين ٿيون. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته آيور-ويدڪ دوائن ۾ ڳئومترا عرق (ڳئون جي مٽ جي عرق) جون ٻه اهڙيون دوائون آهن، جيڪي“US Patent”آهن، جيڪيUSA(آمريڪا) جي حڪومت ريسرچ ڪرڻ بعدAuthorizeڪيون آهن. اهي آهن: USA Patent No: 1-6410059-25-06-2002 USA Patent No: 2-6896907-24-05-2005 ·آيور-ويدڪ طب (يعني هندن جي پاڪ ڪتابن ويدن جي ميڊيڪل سائنس) ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته؛ بيماريءَ جو اهم سبب انسان جي جسم جي ٽن شين جو هيٺ مٿي(Imbalance) ٿي وڃڻ آهي. اهي ٽي شيون آهن، واتا يعني هوا (Air)، پت (Bile) ۽ کاپها (Mucous). ڳئونءَ جو مُٽ انهن ٽنهي شين کي بئلينس ۾ رکي ٿو ۽ بيمارين جو خاتمو ڪري ٿو. ”ساميا دوشاروگتا“ يعني جڏهن اهي ٽي شيون سڪون ۾ آهن ته ڪا به بيماري نٿي ٿئي. ·ڳئومترا سان بلڊپريشر، ذيابيطس، موڪا، سائي، بدهضمي، نڪ جي ٻوسٽ، سهڪي ۽ ٻين بيمارين جو علاج ٿي سگهي ٿو، ڇو جو: Cow urine is Antifungal, antibacterial, Antibiotic, antiallergic, antimicrobial, etc. مون سان گڏ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهندڙ جرمن پروفيسر پڻ هو، تنهن کان مٿيون ڳالهيون ٻڌڻ دوران صبر نه ٿيو. تنهن مرڪندي چيو، توهان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪهڙا عجيب آهيو. ڪهڙين گندين شين مان دوائون ٺاهيو ٿا. ان تي ڊاڪٽر پِيوش مشرا سان گڏ آيل بايا بلونت سنگهه چيو: ”ائين ته توهان جي مغربي طب (ايلوپيٿڪ) جون دوائون ته الائي ڪهڙين شين مان ٺهن ٿيون، جن جي اسان ماڻهن کي خبر پوي ته، اهي انگريزي دوائون کائڻ جي بدران موت کي ترجيح ڏين.“ انهن سان گڏ بيٺل هڪ فريش گرئجوئيٽ کي چيم: ”پر ڍڳيءَ جي مُٽ جو ٻڌي عجيب نٿو لڳي؟“ ”سر! اها فقط سوچ آهي،“ هن لاجڪ پيش ڪيو،”ڪنهن به جانور جو جهڙو مُٽ خراب آهي، تهڙو ڇيڻو. پوءِ ڇو توهان مسلمان هڪ شيءِ کي خراب سمجهو ٿا، ته ٻيءَ ۾ يعني ڇيڻي ۾ هٿ وجهي سڪايو ٿا. انهن تي ماني پچايو ٿا! ۽ هي يورپي وري اسان ٻنهي جي ڪمن تي حيرت کائن ٿا.“ بهرحال پاڻ هي سڀ ڳالهيون ڳئون ماتا جي پوڄا کان شروع ڪيون، جنهن لاءِ هندو ٻڌائين ٿا ته، هو ڳئون جي پوڄا نه باقي بيحد گهڻي عزت ڪن ٿا، جو هن جانور جو درجو ماءُ برابر سمجهيو وڃي ٿو. هڪ ڏينهن سانتا ڪروز جي اسٽيشن تي لهي ٻاهر نڪتس، ته فٽ پاٿ تي ڀاڄين وارن جي اسٽالن اڳيان هڪ ڍڳي ڦِري رهي هئي. مون ڏٺو ته ڪيترا ئي مسافر جيتوڻيڪ هو جلدي ۾ هئا، پر ڍڳيءَ کي ڏسي ڪجهه گهڙيون ترسي ٿي پيا ۽ سندس اڳيان هٿ ٻڌي هن کانBlessingٿي ورتائون. آئون ۽ ڪجهه ٻيا، ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ، ڪا دير اهو لقاءُ ڏسندا رهياسين. هڪ ٻن ڄڻن ته ڪجهه رپين جي ڀاڄي خريد ڪري انھيءَ ڳئونءَ کي کارائي، جنهن جي ڳچي ۾ هار پڻ هو. اتي ئي وشال جويلرس ناليM.Gروڊ تي دڪان هو، جنهن جي مالڪ ٻڌايو ته؛ ڳئون وانگر سندس نر يعني ڍڳي جو به وڏو مان مرتبو آهي. هندو ڌرم ۾ ڍڳو(Nandi)سڏجي ٿو ۽ هنن مطابق ناندي شوَ ڀڳوان جي سواري سان گڏ سندس چيلو به مڃيو وڃي ٿو. ناندي کي شوَ ڀڳوان جي گهر جو چوڪيدار به سمجهيو وڃي ٿو. شو ۽ ناندي جي هڪ ٻئي سان ويجهڙائي هجڻ ڪري، شو مندر جي گيٽ وٽ ناندي جوStatueنظر اچي ٿو. ناندي ڏکڻ هندستان جي زبانن تامل، تيلگو ۽ ڪنهڙ وغيره جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اها شيءِ جيڪا رستو روڪي، سو شو مندر جي ٻاهر بيٺل ڍڳو ناندي آهي، جيڪو شِوَ جي مندر ۾ آيل پوڄارين جو رستو روڪي ٿو. ٻين لفظن ۾ شِوَ ڀڳوان جي پوڄا ڪرڻ کان اڳ نانديءَ کان Blessing حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ممبئي جي سانتا ڪروز ريلوي اسٽيشن جي سامهون گلاب باغ واري علائقي جيVishalنالي جوئيلرس دڪان جي مالڪ سندس دڪان جي ٻاهرانM.G roadتي بيٺل ڳئون ماتا تان ناندي يعني نر ڍڳي جي مٿين ڳالهه ٻڌائي. هن ٻڌايو ته؛ انڊيا ۾ ڪيترا ئي مندر آهن، جن ۾ نانديءَ جي تمام وڏي مورتي(Statue)رکيل آهي. خاص ڪري هندستان جي ڏاکڻين شهرن ۾، جھڙوڪ؛ بئنگلور جي ناندي مندر ۾، ڪيرالاجي واڌا ڪنناٿ مندر ۾ يا ڪرناٽڪ جي هوسا ليسور ۽ شانٿا ليسور مندرن وغيره ۾. ”اهو ناندي هو، جنهن لنڪا جي راڪشش (راڪاس) راوڻ کي پٽيو هو، ته تنهنجي سلطنت کي هڪ ڀولڙو باهه ڏيندو،“ وشال جوئيلرس جي مالڪ مون کي ٻڌايو، ”۽ پوءِ سگهو ئي هنومان باندر سيتا کي راوڻ جي قيد مان ڀڄائڻ لاءِ سڄي لنڪا کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.“ هندن جي ڌرمي ڪتابن پِراڻن ۾ ڪهاڻي آهي ته؛ هڪ دفعي شِو ديوتا ۽ پاروتي نَوٽِڻ راند کيڏي رهيا هئا. هنن ناندي (ڍڳي) کي ايمپائر طور رکيو، جيئن هو راند جو فيصلو ڪري سگهي. ناندي شِو جو فئوريٽ آهي، جو ناندي هميشھ شِو ديوتا جي سواري(Vehicle)رهيو آهي. جيتوڻيڪ شِو راند هارائي ويو، پر نانديءَ شِو جي سوڀ قرار ڏني. پِراڻن ۾ لکيل آهي ته پاروتيءَ کي نانديءَ جي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن کي پٽيو ته، شل اهڙي بيماري وگهي مري وڃين جيڪا لاعلاج هجي. ان تي ناندي ڍڳو، پاروتي جي پيرن تي ڪري پيو ۽ کانئس معافي وٺڻ لڳو ته؛ ”ماءُ مون کي معاف ڪر. آئون مجبور ٿي ويس. ڀلا آئون پنهنجي مالڪ جي خلاف ڪيئن ٿي سگهان ٿو. پنهنجي مالڪ جي عزت بچائڻ لاءِ مون کي ڪوڙ ڳالهائڻو پيو.“ ان تي پاروتيءَ هن کي ان شرط تي معاف ڪيو، ته چترداسي واري ڏينهن تي جڏهن هوءَ پنهنجي پٽ جو جنم ڏينهن ملهائيندي ته تحفي طور نانديءَ کي اها شيءِ آڻڻي آهي، جيڪا هن لاءِ سڀ کان اعليٰ آهي. يعني تازو سائو گاهه. مقرر ڏينهن تي نانديءَ گنپتي جي پوڄا ڪري، ان کي سائي گاهه جو تحفو پيش ڪيو ۽ پاروتيءَ کيس معاف ڪري ڇڏيو... ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ناندي چاق چڱو ڀلو ٿي ويو... مٺي ٿرپارڪر جي ديوان تارا چند ڪوٽاڪ ٻڌايو، ته شِو(Shiv)ديوتا کي سنڌ جا هندو مهيش به سڏين ٿا. ”هندو ڌرم ۾ ٽي وڏا ديوتا مڃيا وڃن ٿا. سڀ کان اهم برهما آهي، جنهن کي اسين برهم به سڏيون ٿا. جنهن جو ڪم پيدا ڪرڻ آهي. يعني هو اتپتي آهي،“ تارا چند وڌيڪ ٻڌايو؛ ”ٻئي نمبر تي وشنو اچي ٿو، جنهن جو ڪم پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي. شِو ديوتا يعني مهيش ٽئين نمبر تي آهي، جنهن جو ڪم سهار ڪرڻ، سنگهار ڪرڻ يعني ختم ڪرڻ آهي. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهائش دوران منهنجي ڪمري جي صفائي ڪندڙ نينگر مڪيش ٻڌايو ته؛ هو ڪرناٽڪ صوبي جي گاديءَ واري شهر بئنگلور جو رهاڪو آهي، جيڪو شهر ناندي مندر کان مشهور آهي. ”هن مندر ۾ 18 فٽ ڊگهو ڍڳي جوStatueرکيل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر روز ڪيترا ئيملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا،“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”وڏا ڳالهه ٿا ڪن ته هن هنڌ تي بوهي مڱن(Peanuts)جي پوک ۾ هڪ ڍڳو اچي هريو. هو روز غريب هاريءَ جو فصل چٽ ڪري ويندوهو. هڪ ڏينهن هاريءَ ڪاوڙ ۾ اچي هن کي ڪوڏر وهائي ڪڍي. ان ئي وقت هي ڍڳو ويهي رهيو ۽ پنڊ پهڻ ٿي ويو. اوسي پاسي جا غريب هاري حيران ٿي ويا ۽ هنن کي سخت احساس جرم ٿيو. هنن ڏٺو ته پٿر جو هي ڍڳو روز روز سائيز ۾ وڌي رهيو هو. هنن شِو (مهيش) ديوتا کان دعا گهري جنهن هنن کي ٻڌايو ته، چند قدمن جي فاصلي تي زمين اندر هڪ هار دفن ٿيل آهي. اهو هار ٻاهر ڪڍي هن ڍڳي جي نرڙ تي ٻڌندئو ته هو وڌيڪ وڌڻ بند ٿي ويندو. هارين ائين ڪيو ته هن وڌڻ بند ڪري ڇڏيو. ان بعد سڀني چندا گڏ ڪري، ان جاءِ تي هي مندر ٺهرائي ڇڏيو ۽ اڄ تائين دنيا جا ماڻهو هن مندر ۾ ناندي جي ديدار لاءِ اچن ٿا.“ هي مندر 16 صدي جو ٺهيل آهي ۽ ڍڳي جوstatueگرانائيٽ پٿر جي يڪي بلاڪ مان ٺهيل آهي. مندر لاءِ چون ٿا، ته دراويدي آرڪيٽيڪچر جو هڪ شاهڪار آهي. هر سال بوهي مڱن جي پوک وارن ڏينهن ۾، يعني نومبر ڊسمبر ڌاري ڪاليڪائي نالي ساليانو جشن ملهايو وڃي ٿو.