ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأْمُرُكُمْ أَنْ تَذْبَحُوا بَقَرَةً ۖ قَالُوا أَتَتَّخِذُنَا هُزُوًا ۖ قَالَ أَعُوذُ بِاللَّهِ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْجَاهِلِينَ .۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو.(امروٽي)
ڳئون چارينديس ڳوٺ جون ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ۔اها روح رهاڻ من ڀيِ ميلي محب سان
سچل سرمست رح
ملين ڊالر جو سوال آهي ته مستقبل ۾ ڳئون کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو ڇاڪاڻ ته ڳئون اهڙو کير ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ انساني کير جون خاصيتون پڻ شامل آهن يعني ڳئون جي کير ۾ ماءُ جي کير واريون سموريون خاصيتون شامل آهن.ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه پروفيسر نينگ لي جو چوڻ آهي ته اسين ڪلوننگ ٽيڪنالاجي ڪتب آڻيندي انساني ڊي اين اي ذريعي هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اهڙو نسل ايجاد ڪيو آهي جنهن جي کير ۾ انساني کير جون سموريون خاصيتون شامل آهن.
پروفيسر لي جو چوڻ هو ته هن مهل اسان وٽ نئين نسل جون 300 کان وڌيڪ ڳئون موجود آهن ۽ اسين هنن جي کير جي مقدار وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن مارڪيٽ ۾ اِهو کير آساني سان ملي سگهي.
هال اسٽين نسل جي ڳئون جو اصل وطن هالينڊ آهي ۽ هن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کير ڏيندڙ نسل سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ڊيري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳئون جو کير استعمال ڪيو ويندو آهي.
چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ايگرو بائيو ٽيڪنالاجي واري کاتي جا سائنسدان طويل عرصي کان جاري ريسرچ بعد 300 ڳئون تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا آهن جيڪي انساني خاصيتن وارو کير ڏينديون آهن.
پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته 10 سالن ۾ مارڪيٽن ۾ انساني کير ميسر هوندو. پروفيسر لي جو چوڻ آهي ته جديد کير جو ذائقو عام ڳئون جي کير کان بهتر آهي. هن ۾ ماءُ جي کير ۾ موجود پروٽين Lysozyme انساني تناسب ۾ موجود آهي. اِهو پروٽين ننڍي ٻارڙن کي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جديد کير ۾ Lactorerrin ۽ Alpha-lactalbumin قدرتي طور شامل آهي. ويچار ڊيسڪ
هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي،
هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي، ڪنهن همراهه چور کي چوري ڪندي ڏٺو ۽ کيس جي سائين ايم سيد وٽ وٺي آيا، ان قرآن کڻي چيو ته مان ڳئون چوري ناهي ڪئي، سيد ان ماڻهو کي ڇڏي ڏنو، ٻن مهينن کانپوءِ ان ماڻهوءَ کي ڳئون سميت پڪڙي وري سيد وٽ وٺي آيا، پر سيد چيو ته اها ڳئون سندس ناهي پر هن جي آهي، سائين کان موقعي تي موجود ماڻهن پڇيو ته سائين سڳ سوڌو چور ٿا ڇڏيو، پاڻ چيائون “ماڻهو قرآن تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن سئو مان نوانوي ماڻهو سچ ڳالهائيندا آهن ، ان سان ماڻهن ۾ امن امان ۽ سماجي اخلاق جي صورتحال ضابطي ۾ رهي ٿي مون ڳئون تان هٿ کڻي ماڻهن ۾ قرآن جو ويساهه قائم رکيو آهي”
(آپ بيتي ـ جڳ بيتي ايم ايڇ پنهور صفحو 254 )
سنڌ جي سيلاني الطاف شيخ جي سفر نامي ۾ ڳئون جو ڪيل ذڪر
”هونءَ هتي ٻن قسمن جو بيف (ڳائو گوشت) هلندو هو. هڪ ملائيشيا جي ڍڳين جو تازو ڪٺل گوشت جيڪو ڏهن ڊالرن (سٺ رپئي) ڪلو ۽ آسٽريليا کان آيل فروزن (ٿڌو ٿيل) گوشت ـــ جيڪو اٺين ڊالرن هلي ٿو. پر اهو به سٺو آهي ۽ ڀلين ڍڳين جو آهي. پر هاڻ ڪجهه مهينن کان انڊيا وارن ڳائو گوشت اسان جي ملڪ ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۾ ته ڳئون کي ڪهي رڌي نٿا سگهن سو غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ هيڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو اٿن. پر افسوس جو سندن ڍڳيون پوڙهيون آهن يا بيمار ۽ ڏٻريون جو گوشت ۾ بنهه مزو ناهي. ۽ شايد ان ڪري اهو گوشت فقط پنج ڊالرن ۾ ڪلو ملي ٿو. سستو هجڻ ڪري اڄڪلهه هتي جي هوٽل وارن جو زور ان گوشت تي آهي. پر منهنجي دل اهڙو گوشت پچائي گراهڪن کي کارائڻ تي نٿي چوي. مانيون گهڻيون ڏيانوَ؟“
(جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل)
هندو مذهب ۾ ڳئون جو تصور
هندو سنڌ جا هجن يا هندستان جا ٻنهيء وٽ ڳئون جو وڏو احترام آهي، هندو ڳئون کي پنهنجي ماء سمجهندا آهن، ۽ ان ڪري ڳئون جي قرباني جي مسئلي تي هندو مسلم فسادات به ٿيا آهن۔ هندن جي خيال ۾ ڳئون جو خيال رکڻ ماء جو خيال رکڻ آهي، ۽ هندن ۾ به ڪجهه اهڙا توهم پرست ماڻهون آهن جيڪي ڳئون جو نه صرف احترام ڪن ٿا مگر ڳئون جو پيشاب پيئڻ به نعمت سمجهندا آهن جيڪو ڪم عقل جي خلاف آهي، ۽ اهيا هڪ حقيقت آهي، جنهن جي وڊيو پڻ هيٺ ڏجي ٿو۔
ڳئون ۽ سوئر جي خيال تي هڪ انگريزي ۾ بهترين مووي آهي جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آهي،
مسلمانن ۾ ڳئون جي قرباني واري وڊيو

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: