عبدالحئي چاچڙ واديءَ مهراڻ جو مشهور نعت خوان الحاج امدادالله ڦلپوٽو مهراڻ جي ماٿري علم ادب جي سرزمين جي نالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي تهذيب ۽ تمدن جي امين هن ڌرتيءَ تي ڪيترن عبقري ۽ اعليٰ پائي جي فردن کي جنم ڏنو آهي جن نه صرف پنهنجو ۽ قوم جو پر سنڌ جو نالو نه روشن ڪيو آهي ۽ انهن جي خدمتن کي سنڌي ماڻهو صدين تائين ياد ڪندا رهندا ۽ انهن جو نالو تاريخ جي سونهري ورقن ۾ لکيل هوندو انهن فردن ۾ سنڌ جو مشهور ۽ مڃيل نعت خوان الحاج امدادالله ڦلپوٽو به هڪ آهي. هيٺ زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو. ماڻهو سڀ نه سهڻا،پکي سڀ نه هنجهه ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي حسب ونسب پيدائش: سنڌ جو بي تاج بادشاھ نبي ڪريم ﷺ جو سچو عاشق الحاج امدادلله ولد حاجي مولابخش ولد رب ڏنوولد الله بخش ولد مولابخش جي پيدائش 1959ع ۾ خيرپور ميرس لڳ مولا آباد (ڊاڀو(1)) ۾ ٿي. تعليم: سنڌ جو جڳ مشهور نعت خوان الحاج امداد الله ڦلپوٽوناظره قرآن شريف جي تعليم مولانا اميرالدين انڍڙ وٽ حاصل ڪئي ان کانپوءِ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولانا محمد صديق هنجراھ (ميرڪ واري) وٽ پرايائين.ان کان بعد راضي ڳوٺ ۾ مولانا حامدالله ڦلپوٽو وٽ هدايه تائين ڪتاب پڙهيو.حاجي صاحب،مناظرالاسلام حضرت مولانا سيد عبدالله شاه بخاري جي مدرسي ”جامعه بدرالعلوم“ بچل شاھ مياڻي ۾ داخلا ورتائين هن مدرسي ۾ موقوف عليه تائين تعليم حاصل ڪيائين.ننڍي عمر ۾ مولود چوڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيس پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ان سبب جي ڪري دوره حديث نه پڙهي سگهيو بس موقوف عليه تائين تعليم حاصل ڪيائين. حاجي صاحب جن عالمن کان علم پرايو انهن ۾ حضرت مولانا سيد عبدالله شاه بخاري،مولانا حامدالله ڦلپوٽو،مولانا محمد صديق هنجراھ،مولانا امير الدين انڍڙ،مولانا عبداللطيف پٺاڻ جا نالا قابل ذڪر آهن. سنڌ جو مشهور عالم،محقق،دانشور حضرت علامه مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ لکي ٿو ته: سنڌ سونهاري کي دعا ٿيل آهي.دنيوي اسباب ۽ ديني ضروريات ۾ سنڌ خود ڪفيل رهندي آئي آهي.هن وقت به سنڌ ۾ ڪنهن به لحاظ کان ڪائي ڪمي نه آهي بشرطيڪ سنڌ جا ماڻهو احساس ڪمتري جو شڪار يا اکين ٻوٽ نه ٿين نه عالمن،مدرسن،نصيحتن۽ واعظن جي کوٽ آهي۽ نه وري ديني شاعرن ۽ نعت خوانن جي ڪمي آهي.جيڪڏهن ديني شاعر چوٽي جا آهن ته نعت خوان ۽ مولود چوندڙ به اوچي درجي جا آهن.جن جو هن وقت سرتاج الحاج امداد الله ڦلپوٽو آهي.انهيءَ کي الله تعاليٰ ايتري ته مقبوليت ۽ بلند مقام عطا ڪيو آهي جو ڪيترا شعله بيان خطيب به انهيءَ تي رشڪ ۽ ريس ڪندي ڏٺا ويا آهن.حاجي امدادالله ۾ دين جو جذبو،رسول الله ﷺجو عشق صحابه ڪرام جي حب ۽ حق سان وابستگي ايتري ڪمال جي آهي جنهن تي اسين ديوبندين کي فخر آهي.حاجي امدادالله جي پائي جا توحيد ڳائڻ وارا،نعت خوان ۽ صحابه جو شان آلاپڻ وارا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.سنڌ کي هن عظيم انسان تي فخر آهي ۽ رهندي دنيا تائين نسل در نسل ان تي فخر ٿيندو رهندو(2) صحابا جو سپاهي حضرت مولانا علي شير حيدري شهيد رحه لکي ٿو ته: آءُ سمجهان ٿو ته ڀلي آواز وارا ماڻهو ته کوڙ آهن پر اسان جي حاجي صاحب کي جيڪا عظمت ملي آهي اها سندس اخلاص سان گڏ ڪيترن ئي الله وارن جي دعائن سببان آهي،جنهن خوش نصيب لاءِ حضرت سائين هاليجي شريف وارن،حضرت سيد محمد شاه امروٽي رحه،حضرت سائين ٻير وارن،حضرت مولانا عبدالله چانڊئي،مولانا غلام محمد رحه،حضرت مولانا تاج محمد مدني رحه جهڙن بزرگن جون دعائون هجن امام المخلصين حضرت سيد عبدالله شاه بخاري رحه جهڙن جوانن جي تربيت هجي پوءِ اهو ڇو نه حقيقي ”امدادالله“ بڻجي.هن دور جي انقلابي ديني شاعرن جي ته حاجي صاحب جان آهي.حاجي صاحب جي فني ڪمال ۽ عظمت کي مڃيو موافقن ۽ مخالفن سڀني آهي پوءِ ڪن محبت سان ته ڪن حسد سان ان جو اعتراف ۽ اظهار ڪيو آهي.(3) پسنديده شاعر: حاجي صاحب ته ڪيترن شاعرن جي شاعري چئي آهي انهن ۾ مناظرالاسلام حضرت مولانا عبدالله ”عبد“ چانڊيو(جيڪو قادرالڪلام شاعر ۽ مولانا عبدالڪريم ڪور واري جو شاگرد ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو هم سبقي هو.) ،مولانا عبدالله ”ڪارو“چانڊيو،حضرت مولانا عبدالله شاه بخاري ،مولانا عبدالغني منصور ،نثار بزمي،سليم ڳاڙهوي،جوهر بروهي(جيڪومولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو شاگرد آهي،سيد رفيق احمد شاه امروٽي،مولانا ثناءُالله جتوئي،شهزادو ميراڻي جن جا نالا قابل ذڪر آهن. ايوارڊ: حاجي صاحب کي ڪجهه ايوارڊ به ملي چڪا آهن ۽ سيرت النبي ﷺجي موقعي تي کين اڪثر تفسيرايوارڊ طور ڏنا ويندا آهن منهنجي ڏاڏا سائين (مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ) حاجي صاحب کي سيرت النبي ﷺجي موقعي تي به پنهنجو لکيل تفسير (تفسير سهل البيان) به ڏنا آهن. انهن بي بحا خدمتن جي ڪري ريڊيو خيرپور جي پنجين سالگره جي موقعي تي کين ”الڪبير ايوارڊ“ سنه 1988ع سان کين نوازيو ويو. حاجي صاحب بحيثيت هڪ نعت خوان: سنڌ جو جڳ مشهور عالم،مفڪر،اسڪالر،دانشور،محقق،مورخ،شاه جو شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مولود جي معنيٰ هن ريت لکي ٿو ته: مولود: جنم ڏينهن،پيدائش جو ڏينهن،پيدا ٿيڻ وارو زمانو ،حضور اڪرمﷺ جن جي صفت ۾ چيل نظم،جنازي جي اڳيان سر سان پڙهڻ لاءِ نبي ڪريم ﷺ جن جي ثنا جا شعر.(4) سنڌ جي مايه ناز نعت خوان الحاج امدادالله لڳ ڀڳ چاليھ سال مولود چوندي گذاريا آهن مولود چوڻ جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي .حاجي صاحب پنهنجي نعت خوانيءَ جي ميدان ۾ هڪ بهادر ۽ بي باڪ انسان آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ،واهڻ واهڻ ،وستي وستي،شهر ،ڳوٺن ۾ خوب نعتون چئي پنهنجو نالو نرالو ۽ روشن ڪيو آهي.پاڻ سنڌ کان ٻاهر جهڙوڪ بلوچستان،سرحد،پنجاب،سعودي عرب ۾ نعتون چيون آهن پاڻ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو،فارسي،عربي،بلوچي،براهوي،سرائڪي ۽ انگلش ٻولين ۾ نعتون چيون آهن.پاڪستان جي شاعرن مان هي پهريون شاعر نعت خوان آهي جنهن کي حرم پاڪ ۾ مسجد الحرام جي امام۽ خطيب الشيخ صالح بن عبدالله بن حميد جي موجودگيءَ ۾ نعت خوانيءَ جو شرف حاصل ٿيو آهي. حاجي صاحب نعت خوانيءَ ۾ خوب نالو ڪمايو آهي پر پاڻ هڪ سٺو شاعر پڻ آهي . حاجي صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن،بزرگن جي وفات کان بعد ڪيسٽون ڪڍيون جن ۾ سائين عبدالله شاه بخاري سکر وارو رحه ، علامه علي شير حيدري رحه ،امام العصر مولانا علامه عبدالڪريم قريشي رحه وغيره شامل آهن پاڻ ڪيترن ئي عالمن تي مولود چيا آهن . حاجي صاحب جي مقبوليت ۽ شهرت خيرپور ريڊيو اسٽيشن تان ٿي جڏهن پنهنجو پهريون مولود منتظر عام ٿيو هو اهو هي آهي: شل مديني پار ڏي قادر پنهنجي قسمت ڪري گنب خضراء ڏسان منهنجي دل ٺري منهنجو من ٺري مولود حاجي صاحب کي ايترو ته روشن ڪيو جو هر ننڍو ۽ وڏو ماڻهو اڄ تائين وڏي چاھ سان ٻڌندي ڏٺا ويا آهن. حاجي صاحب جڏهن به گهوٽڪي ڪنهن پروگرام تي ايندا آهن ته راقم الحروف وٽ ضرور ايندا آهن . الله جي تعريف: حاجي صاحب پنهنجي نعتن ۾ الله تعاليٰ جي تعريف(حمد) به پنهنجي مٺڙي ۽ سريلي آوا زسان خوب ڪئي آهي ۽ ڪيترا مولود به چيا اٿس انهن مان نموني جي طور تي هڪ پيش ڪجي ٿو. مٺا مالڪ تون ۽ خالق تون، معبود به تون الله به تون محتاج پيغمبر پير سندءِ ،آهين باري بي پرواه به تون رسول الله ﷺ جي تعريف: سنڌ جي نامياري نعت خوان الحاج امدادالله ڦلپوٽي پڻ پنهنجي نعت خوانيءَ ۾ رسول الله ﷺجي تعريف(نعت) خوب ڪئي آهي انهن مان نموني جي طور تي ٻه پيش ڪجن ٿا. واه نبي تاريخ تنهنجي فلسفو ۽ انقلاب طرز ۽ تعليم تنهنجي بي مثل ۽ لا جواب حوالا ۽ حاشيون: (1) ڊاڀو حاجي صاحب جو اصل ڳوٺ آهي ان کانپوءِ حاجي صاحب پنهنجي والد الحاج مولابخش جي نالي سان منسوب ڪري ان جو نالو ”مولا آباد“ رکيائين. (2) عبدالمومن ميمڻ،سنڌ جو بي تاج بادشاھ الحاج امدادالله ڦلپوٽو،مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو مقالو، پيغمبر ﷺ جي دعا ماڻيل نعت خوان الحاج امداد الله ڦلپوٽو،ص87. (4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،جامع سنڌي لغات،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،جلد5ڇاپو پهريون 1988ع ص2733