هن تصوير تي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟؟ هن تصوير تي ڪهڙو ماتم ڪجي؟؟ عورت جيڪا ڪائنات جي تخليق ڪار آهي، ان کي ڪڏهن ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري ڪڪو ڪولهڻ وانگي حوس جو نشانو بنايو پيو وڃي...!!! پر سڇ ته اهو آهي ته اسان ڪٿي الله جي هن حسين نعمت مان بيزار ته نه ٿيا آهيون يا اسان عورت جي شان ،عزت کي وساري ڇڏيو آهي اسان سڀني کي عورت جي شان لا ڪم ڪرڻ گهرجي ڇوجو عورت اسان جي امڙ به آهي
دادو ٽائيمز جي هن تصوير مان محسوس پئي ٿيو ته تصوير پاڪستاني عورت جي ناهي ڇو ته جيڪو لباس عورت کي پاتل آهي اهو ڪنهن ٻي ثقافت جو ٿو لڳي ، ايتري ننڍي ٻار کي ٻانهن ۾ ڪڙو به عام طور تي اسانوٽ ناهي پارايو ويندو ، بحرحال هن جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ، اسانوٽ به بي انداز ظلم لڳا پيا آهن ، الله پاڪ اسانتي عذاب به موڪلي ٿو ان مان به عبرت نٿا حاصل ڪيون !
او شل موت کي به ڪو موت اچي۔۔۔!!! مذهب ، ٻولي، قوم ، ثقافت، رنگ ۽ نسل کي پاسيرو رکندي بطور هڪ انسان هي تصوير هڪ اهڙو منّظر پيش ڪري رهي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڄ به انسان انهي سطح تي آهي جيڪو پٿر جي دور ۾ هو۔۔۔!!! وحشت، بربريت ۽ درندگي جون مثالون پٿر جي دور ۾ ڇو ڳولهجن۔۔۔!!؟ اسان جي آس پاس هن تصوير جا ڪردار ظالم کان وٺي مظلوم تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ به موجود آهن۔۔۔!!! هي تضوير ڏسي بس اهو ئي جملو ذهن ۾ تري آيو او شل موت کي به ڪو موت اچي۔۔۔!!! منهنجي خيال موجب هن تصوير جو عنوان به اهوئي هئڻ گهرجي۔۔۔