سنڌ حڪومت تعليم تي ساليانو 190 ارب روپيا خرچ ڪري رهي آهي جنهن مان 90 ارب روپين تائين استادن جي پگهارن تي خرچ اچي ٿو . هن وقت سنڌ ۾ سنيئر استادن جي پگهار 40 کان 50 هزار روپين تائين ٿي وئي آهي پر افسوس ته ان جي باوجود هو اسڪول ڪونه ٿا وڃن. استاد اسان لاءِ انتهائي قابل احترام لفظ ۽ رشتو آهي پر جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻن ۽ معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏن انهن کي استاد چئي سگهجي ٿو ..؟؟ اوهان جي نظر ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪهڙي سزا هئڻ گهرجي ...؟؟ ڇا کين نوڪرين تان برطرف ڪجي ...؟؟ جيل ڀيڙو ڪج ي يا سندن سوشل بائيڪاٽ ڪجي ...؟؟
مان سمجهان ٿو ته ماستر سان گڏ انتظامي امور ڏسندڙن سان به اها جٺ ڪرڻ گهرجي۔ صرف استادن جو قصور ناهي انهن کي اهو سڀ ڪرڻ ۾ ٻين جو به هٿ آهي۔
سڀ کان پهريان سائين محمد سليمان جهڙو بهترين تعليم جو بالا آفيسر مقرر ڪجي۔باقي ڪم پاڻهي درست ٿي ويندا۔ اسان جي علائقي ۾ هڪ ضلعي ناظم ٿيو ان شروعات ۾ ڪجهه وزٽ ڪري ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ته ڊاڪٽر استاد سڀ بالڪل سڌا ٿي ويا ليڪن ان کي الائي ڪهڙي طاقت وري ڪرسيء سان چنبڙائي ڇڏيو۔ سو ماستر کي ايتري طاقت نه آهي جو ڊيوٽي نه ڪري بلڪه ان کي ڊيوٽي چور بنائڻ ۾ آفيسر جو ئي هٿ آهي۔ اسان توهان جي هٿ ۾ هجي ته پوء ته جلد صفايو ٿي ويندو۔ هڪ ٽائون آفيسر کي هٽايو ويو ان هڪدم مٿ““““““““““““““““““““ي فون ڪئي ته مان جو هيترا لک ڏنا آهن هن سيٽ جي لاء ۔۔۔۔۔ ان کي چيو ويو توهان فڪر نه ڪيو هڪ ڪلاڪ اندر توهان کي بحال ڪيو ويندو ۽ ائين ئي ٿيو۔ جيئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪجهه وقت پهرين جج صاحبن جا اسڪولن تي ڇاپا ۽ انهن جو احــــــــــــــــــــــــــوال اڄ ڪلهه جج صاحبان ڪورٽن مان نڪري ماسترن جي پُٺيان مختيار ڪار ۽ پوليس اٽالي سان گڏ ڇاپا پيا هڻ ، ان ڪري ماسترن ۾ خاص طور گهوسٽ مُنهنجو مطلب آهي “جن” اُستادن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا آهن. اطلاع آهن ته جيڪي ماستر سالن جا سال اسڪولن ۾ نه آيا آهن سي به پنجين بجي تائين اسڪولن ۾ ويٺا آهن سندن چوڻ آهي ته اي ڊي او ۽ ڊي اي او جو کين چوڻ آهي ته پنجي بجي تائين ويٺا هجو، سو اهڙا اُستاد ججن جي ڇاپن جي خوف کان پنجين بجي تائين ويٺا خالي بينچن سامهون اُٻاسيون ڏين. ويٺا دل کي تسلي ڏين ته ادا ڪجهه ڏينهن جي ته ڳالهه آهي پوءِ وري موجن ۾ هونداسين. اهي به اطلاع آهن ته اهڙا ماستر جيڪي ڪڏهن به اسڪول ڪون ويا هاڻي هو پنهنجا اسڪول ڳوليندا وتن، کين خبر نه ٿي پوين ته سندن اسڪول ڪهڙو آهي. جج صاحبان نه صرف پرائمري اسڪولن، ها۽ اسڪولن، بلڪه ڊگري ڪاليجن تي به ڇاپه هڻي انهن ليڪچرارن جي جي پُڇ تي لت رکي آهي جيڪي ڪاليجن ۾ اچڻ ٽائم وڃائڻ جي برابر سمجهندا هُئا. مسئلو انهن مردن سان به ٿيو آهي جن جون زالون ماسترياڻيون آهن، جيڪي ويچارا ڪراچي حيدرآباد ۾ ويٺا آهن انهن جون زالون حال في الحال مجبورن پنهنجي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ پُهچي ويون آهن ان ڪري انهن مردن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ هوٽل جو چپاتيون کائنيون پئجي ويون آهن. سائين ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي ڏکيا سُکيا ڏينهن گُذري ويندا. جج ايترا وندا ٿورئي آهن جيڪي روز روز پيا ايندا. گرلس اسڪولن جي حالت تمام خراب رهي آهي ڇاڪاڻ خواتين ٽيچر ته ڊيوٽي ڪرڻ عيب سمجهن ٿيون. اڄ ڪلهه سائنس جي ترقي جو فائدو به انهن گوسڙو ماســــــــــــــــــــــــــــــــــــــترن ورتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــو آهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ايڏانهن جج چيمبر مان نڪتا ئي مس آهن موبائل فونن ذريعي ايس ايم ايس سمورن ماسترن کي سرڪيوليٽ ٿيو وڃن. معزز جج صاحبان لاءِ انهن نوان نوان اصطلاح ايجاد ڪيا آهن ادا جهنگ ۾ لٿو اٿئو.............. اسانکي نه ٿو لڳي ته عارضي ڇاپن سان جيڪي اصل گهوسٽ ماستر، ليڪچرار آهن انهن تي ڪو اثر پوندو ڪجهه ڏينهن لاءِ ته اهي ماستر اسڪول اچي ويندا رپورٽون به سپريم ڪورٽن ڏانهن هليون وينديون اُن کانپوءِ؟ ٻيو ته گوسڙو اُستادن جي ڪري اُستادن جي هاڻي عزت اها وڃي رهي آهي جو اسڪولن تي جج صاحبان پوليس اٽالي سان مختيارڪار سميت ڇاپا پيا هڻن. مُنهنجي جج صاحبن کي نماڻي گُذارش آهي ته اُهي اُستاد جيڪي منٿلون ڏيئي سالن جا سال اسڪول بند ڪيو ويٺا هُئا، جنهن جا ذميوار اي ڊي او سنوان سڌا آهن انهن کي به سزا ڏين. ڪو اهڙ مستقل حل يا طريقو ڳولين جن سان واقعي اسڪول آباد ٿين سنڌ جي ٻارن جي تعليم جاري ٿئي. باقي ڇاپن سان گوسڙو اُستاد عارضي طور ته اچي ويا اهي وري پوءِ سياسي ليڊرن بالا آفيسرن جي تعاون سان وري گُم ٿي ويندا اوچٽي ڇاپن ۾ وري به زد ۾ اُهي ايندا جيڪي ريگيولر هوندا انهي ڏينهن ڪي 10 منٽ يا اڌ ڪلاڪ ليٽ هوندا سو سائين دلي اڃان پري آهي.بشڪريه هڪ پراڻي رپورٽ۔فيس بڪ پيج سجاڳ ساگر