• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمورين ڊجيٽل شين کي هاڻي هڪ چارجر سان چارج ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڄ جي ڊجيٽل لائيف ۾ جتي توهان وٽ هر وقت کوڙ ساريون ننڍيون وڏيون ڊجيٽل شيون ساڻ رکڻيون ٿيون پون اتي تيز رفتار لائيف جي ڪري انهن کي هر وقت فعال رکڻ به ضروري آهي۔۔۔
اهڙيون شيون هميشه ننڍين يا وڏين بيٽرين تي هلنديون آهن جن کي پاڪستان جهڙي بجلي ناپيد ملڪ ۾ هر وقت چارج رکڻ انتهائي مشڪل ٿيو وڃي۔۔۔ اهڙي صورتحال کي ڏسندي هاڻي اهڙي قسم جا چارجر بڻجي رهيا آهن جن جي ذريعي وقت کي بچائيندي هڪ ئي وقت ۾ چار چار شيون چارج ڪري سگهجن ٿيو۔۔۔ جيئن اسپين ملڪ جي IDAPT ڪمپني جي هن چارجر کي ئي ڏسو۔۔۔۔

72631110.jpg

هن چارجر ذريعي هڪ ئي وقت ۾ چار شيون جهڙوڪ موبائيل، جي ايس پيز، ڪيمراز، بلوٽوٿ پروڊڪٽس، آئي پاڊ، ايم پي ٿري ۽ فور پليئرز ۽ اهڙي ئي 400 قسمن جون اليڪٽرانڪ شيون چارج ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔
في الحال اهڙي چارجر جي قيمت 60 ڊالر آهي۔۔۔
 
جواب: سمورين ڊجيٽل شين کي هاڻي هڪ چارجر سان چارج ڪريو۔۔۔

واه واه واه نئي شيرنگ ادا رشيد ڪٿان هٿ ڪندا آهيو اهڙيون شيرنگ ؟؟؟؟
 
جواب: سمورين ڊجيٽل شين کي هاڻي هڪ چارجر سان چارج ڪريو۔۔۔

ادا جهانداد سائين عبدالرشيد جن وٽ اعلي دين وارو چراغ آهي جڏهن ان کي تري تي رکي ٿورو مهٽو ڏيندو آهي ته ڪا نه ڪا نئين ايجاد سندن اڳيان ظاهر ٿي پوندي آهي پاڻ وري دوستن کي ٻڌائي وٺندا آهن ته ڀلي ڪنهن دوست جو ڀلو ٿئي۔ الله کين خوش رکي۔
 
جواب: سمورين ڊجيٽل شين کي هاڻي هڪ چارجر سان چارج ڪريو۔۔۔

سائين ڪٿي اسپين ڪٿي پاڪستان۔۔۔ الائي جي ڪڏهن پڄندي۔۔
 
Back
Top