ننــــــڍا مُلازم، وڏا مُــلازم!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]



    سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا ٻه اهم مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي سرڪار پاران اجايو سُستي ڪئي پئي وڃي. آئون وس وارن جو ان طرف ڌيان ڇڪرائڻ گهران ٿو ته، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي وفاقي حڪومت پاران فنانس ڊويزن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ته جن به سرڪاري ملازمن جا اسڪيل اپگريڊ ڪيا ويا آهن، انهن کي هڪ پري ميچوئر انڪريمينٽ 2002-01-28 کان ڏني وڃي، ان نوٽيفڪيشن مطابق ان جو ڊفرنس 2013-07-01 کان ڏنو ويندو. ان نوٽيفڪيشن کي به چڱو عرصو ٿيو آهي، پر سنڌ حڪومت اهڙي نوٽيفڪيشن ڪڍڻ کان غفلت کان ڪم وٺي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا ملازم انهن جائز حقن کان محروم آهن. ٻيو ته سرڪاري ملازمن جو ميڊيڪل الائونس طبقاتي امتياز جو وڏو مثال آهي، جنهن مطابق پهرئين گريڊ کان 15 هين گريڊ تائين جي ملازمن کي فقط 1000 روپيا ميڊيڪل الائونس ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته گريڊ 16 کان 22 هين تائين جي ملازمن کي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو ميڊيڪل الائونس ڏنو وڃي ٿو، وڏي گريڊ وارن جون پگهارون وڏيون آهن، ان ڪري انهن جو ميڊيڪل الائونس وڏو ٺهي ٿو ۽ جڏهن ته ننڍي گريڊ جي ملازمن کي رڳو هڪ هزار روپيا ڏنا وڃن ٿا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا ننڍا ملازم بيمار نه ٿيندا آهن؟! ڇا اهي ڊاڪٽرن کي نه ڏيکاريندا آهن؟ ۽ ڇا وڏي گريڊ جي ملازمن جي جان ننڍي گريڊ جي ملازمن کان قيمتي آهي، جو هڪڙي کي بيماريءَ لاءِ پگهار جو 15 سيڪڙو ۽ ٻين کي رڳو 1000 روپيا ماهوار ڏنو وڃي ٿو. ملازمن سان اهو ٻٽو معيار ختم ڪيو وڃي ۽ حڪومت ننڍن ملازمن کي به 15 سيڪڙو بنيادي پگهار جو ميڊيڪل الائونس طور ڏي.
    حزب الله آءِ سومرو/خيرپور

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو