شارجا ٽيسٽ شروع ٿيو ته سريلنڪا کي اڳ ئي هڪ ٽيسٽ جي برتري حاصل هئي۔ سيريز جي آخري ٽيسٽ هئي۔ ميچ برابر رهڻ يا هارائڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي آء سي سي رينڪنگ ۾ هڪ درجي جي تنزلي ملي رهي هئي۔ پاڪستان وٽ سواء ميچ کٽڻ جي ٻي راهه ڪانه هئي۔ هن دفعي سريلنڪا پهريون دفعو منفي ڪرڪيٽ کيڏي رهي هئي۔ ڪپتان ميٿيوز سست ترين انگز کيڏي اسڪورنگ ڪرڻ جو موقعو به وڃائيندو رهيو۔ لاڳيتو پهريان چار ڏينهن اسان کي سست بيٽنگ ۽ بيڪار ڪرڪيٽ ڏسڻ لاء ملي۔ پر آخري ڏينهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو هڪ يادگار ڏينهن بڻجي ويو جڏهن پاڪستان جي ٽيم 302 رنسن جو ٽارگيٽ تاريخ جي سڀ کان وڏي رن ريٽ سان حاصل ڪري ورتو يعني 25۔5 رنسون في اوور۔
شروعاتي ٻن ڏينهن ۾ لاڳيتو بئٽنگ ڪندي سريلنڪا سست رفتاري سان اسڪور ڪيو ۽ 428 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ پاڪستان به سست بئٽنگ ڪئي پر احمد شهزاد جي سينچري ۽ تيز اسڪورنگ ريٽ سبب پاڪستان 341 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو۔ هڪ وڏي برتري حاصل ڪرڻ باوجود به سريلنڪا ميچ کٽڻ بجاء ساڳي منفي منصوبندي ڪندي سست رفتاري ڏيکاري۔ چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي 287 رنسن جي ليڊ ۽ سريلنڪا جون 5 وڪيٽن سبب اهو لڳي رهيو هو ته هي ميچ با آساني ڊرا ٿي ويندي۔ پر آخري ڏينهن جي پهرين سيشن ۾ پاڪستاني اسپنرن ۽ طلحه جي شاندار بالنگ سبب پاڪستان کي 59 اورن ۾ 302 رنسن جو ٽارگيٽ مليو ۽ اهڙو اسڪور ٽيسٽ ميچ جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به چيز ناهي ٿيو۔
پاڪستاني ٽيم وٽ سواء جيت جي ٻيو ڪوبه رستو نه هو ميچ هارائڻ يا ڊرا جي صورت ۾ سيريز جي هار هئي۔ پاڪستاني اوپنرز جي شاندار شروعات ۽ سريلنڪن ڪپتان ميٿيوز جي دفاعي حڪمت عملي سبب ميچ سنسني خيز ٿيندو ويو۔ 97 رنسن تي ٽي رانديگر آئوٽ ٿيا ته لڳي رهيو هو ته هاڻ ميچ ڊرا ئي ٿيندي، پر ڪپتان مصباح حڪمت عملي مٽائيندي وڪيٽ ڪيپر سرفراز کي اڳتي موڪليو جنهن اظهر علي سان ملي تيز بيٽنگ شروع ڪئي ۽ اٽيڪنگ اسپنر هراٿ جي لائين ۽ لينٿ جا ڪم ئي لاهي ڇڏيا۔ سرفراز صرف 46 بالن تي 48 رنسون ڪيون۔ پر هن اظهر علي سان گڏ هڪ کٽندڙ بنياد رکيو۔ اظهر علي زندگي جي شاندار واري کيڏي ۽ سينچري اسڪور ڪئي۔ هوڏانهن ڪپتان مصباح الحق مّضبوط ۽ جارحانا راند کيڏندو رهيو۔ سريلنڪن فيلڊرز جي بائونڊري تي هجڻ ڪري پاڪستاني رانديگر با آساني هڪ ۽ ٻه اسڪور وٺي رهيا هئا۔
ان موقعي تي هڪ دفعو وري سريلنڪن رانديگرن ناڪاري راند ڪندي وقت وڃائڻ شروع ڪيو جيئن اوندهه جو بهانو ڪري راند بند ڪرائجي پر امپائرز جي ڇنڊ پٽڻ تي راند جاري رهي ۽ پاڪستان ڏيڍ اوور اڳ 302 رنسون ڪري نه صرف ميچ کٽي ورتي پر سيريز به برابر ڪري ورتي۔
اظهر علي 103، سرفراز 48 ۽ مصباح 68 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔
اسڪور
سريلنڪا
پهرين واري 428 رنسون 9 رانديگر آئوٽ (172 اوور)
ٻي واري 214 رنسون (102 اوور)
پاڪستان
پهرين واري 341 رنسون (109 اوور)
ٻي واري 302 رنسون 5 رانديگر آئوٽ (57 اوور)