حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحمة الله

'مقالا' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحمة الله
    ابو الفاروق جتوئي الهداد ڻوي
    اسانجي سونهاريءَ سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ جيڪي ڪامل ولي ۽ اهل الله ٿي گذريا آهن، انهن ۾ حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحمة الله جو اسم مبارڪ خاص طرح ذڪر لائق آهي. حافظ صاحب جن شريعت جي پيرويءَ ۽ اتباع سنت جا سخت پابند هئا. اهوئي سبب آهي جو کين پنهنجي وقت جو غوث جنيد سڌيو ويندو آهي. حافظ صاحب جي ديني عظمت جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو جو اسانجي علائقي جا ٽي نشهور ۽ معروف عالم بزرگ (1) سراج السالڪين حضرت مولانا غلام محمد دينپوري (2) رئيس الموحدين حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي ۽ (3) امام الانقلاب حضرت مولانا عبيد الله سنڌي سندن فيض يافته آهن. حافظ صاحب زات جا قريشي هئا.* سندن وڏا عربستان جا رهاڪو هئا. اتان هجرت ڪري ڪيچ مڪران جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ڀرچونڊي شريف جي ويجهو اتر طرف ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي ان وقت جي شاهراه جي طرسان سڪونت اختيار ڪئي هئائون، حافظ صاحب جي والد جو نالو ميان محمد ملوڪ هو جيڪو راهڪي ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. ميان محمد ملوڪ اتي رهندڙ سما قوم مان شادي ڪئي جنهن مان ٻه فرزند تولد ٿيا. هڪ محمد صديق ۽ بيو الله بخش. اهو محمد صديق اڳتي هلي حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ جي مبارڪ نالي سان هن سنسار ۾ ناميارو ٿيو. جنهن جي فيض ۽ عرفان جي چشمي مان هزارين اڃايل سيراب ٿيا ۽ ليڪن ڀٽڪيل ۽ بدڪار انسان حق ۽ سچ جي واٽ تي گامزن ٿيا.حافظ صاحب جي ولادت جو صحيح سن معلوم نه ٿي سگھيو آهي، پر اندازو اهو آهي ته سندن ولادت اٽڪل روءِ 1224 هجري ۾ ٿي هوندي. حافظ صاحب جو والد، سندن ننڍپڻ ۾ ئي سفر آخرت ڏانهن ڪوچ ڪري چڪو هو. هينئر سندن والده ماجده تي هن ٻارڙي جي پروش ۽ پالنا جو بار اچي پيو والده
    ماجده کين پهريائين ڳوٺ جي هڪ حافظ صاحب وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو پر ستت ئي علم جي تحصيل لاءِ بهاولپور رياست جي احمد پور لمه علا.قي جي هڪ ڳوٺ ”جندو ماڙي“ ۾ هڪ مدرسي ۾ داخل ٿيا.
    انهن ئي ڏينهن ۾ ميان محمد حسن شاه، حضرت روضي ڏڻي رحمة الله جي حڪم موجب سوئي شريف کي پنهنجو مسڪن بنائي هدايت ۽ رهنمائي جو ڏيئو روشن ڪيو جنهن جي نور جي لاٽن چوڏس کي منوپر ڪري ڇڏيو. حافظ صاحب ان مدرسي لي خيرآباد چئي ميان محمد حسن شاه جي خدمت ۾ ظاهري ۽ باطني علمن جي تڪميل لاءِ اچي هاضر ٿيا. هتي ئي حافظ صاحب جن ظاهري ۽ باطني علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيو ۽ پنهنجي مرشد وٽان خلافت جي خلعت عطا ٿين. خلافت جو خرقو جڏهن عطا پي ٿين ته مرشد سڳوري کين ارشاد فرمايو ته هاڻي وڃي خدا جي خلق کي هدايت ڪر!
    حافظ محمد صديق صاحب مرشد جي حڪم جي تعميل ۾ موجوده ڀرچونڊي ڳوٺ کي اچي پنهنجو مسڪن بنايو ۽ دعوت ۽ تبليغ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا. فقيرن ۽ درويشن جي آمد شروع ٿي وئي. هزارين ماڻهو اچي. ذڪر اذڪار وٺڻ لڳا. ڪيترائي ڪٽيل دلين وارا، پنهنجي دلين تان رنگ ۽ ڪٽ لهرائڻ آيا.
    تماڪو ۽ نسوپار کي حضرت حافظ صاحب رحمة الله تمام گھڻو خراب سمجهندا هئا ۽ نسواري پيش امام جي وٺيان نماز پڙهڻ کان پاسو ڪندا هئا. جنهن کوه تي تماڪ جي پوک هوندي هئي (احتياطن) ان کوه جو پاڻي مان وضو به نه ڪندا هئا. پر پنهنجي جماعت کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ کان منع ڪندا هئا. حافظ صاحب جي شريعت جي اتباع ۽ بلند اخلاقيءَ بابت ٻه چار واقعا هيٺ ڏجن ٿا.
    حضرت حافظ محمد صديق صاحب ڀوچونڊوي کي هڪ عالم جيڪو سندن مريد هو دعوت ڏني. حضرت جن پنهنجي جماعت سميت ان ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ مسجد ۾ قيام فرمايائون. ڳوٺ
    جا ڪيترائي ماڻهو سندن زيارت لاءِ اچي گڏٿيا. ان ميڙ ۾ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو به هيو جنهن جي هٿن ۾ چانديءَ جا ڪنگڻ پيل هئا. حضرت حافظ صاحب جي جڏهن نظران ڇوڪري تي پيئي ته پڇيائون هي ڇوڪرو ڪنهن جو آهي؟ ماڻهن وراڻيو ته جنهن مولوي صاحب توهان جي دعوت جهلي آهي، هيءُ ڇوڪرو ان جو پٽ آهي. حافظ جن مولوي صاحب کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو ته مولوي صاحب! چانديءَ جا زيور ته مردن لکي پائڻ حرام آهن. مولوي صاحب وراڻيو ته سائين! هن جي نانيء مجبوري ڪري پارايا آهن. حضرت جن سخت ناراض ٿيا ۽ پنهنجي جماعت کي فرمايائون ته هلو هتي الله جي دين نه آحي، نانيء جو دين آهي. چنانچه ان وقت ئي پنهنجي جماعت وٺي هليا ويا.
    حضرت حافظ صاحب جن وٽ هڪ دفعو ڪوڙو گدرو آيو ۽ اهو سڄو پاڻ کائي ويا باقي صرف هڪ ڦاڪ پنهنجي مريد کي ڏنائون ۽ چيائون ته وٺ تون به چکي ڏس، متان چوين ته اڄ مونکي پنهنجو حصو نه مليو هن جڏهن اها ڦاڪ زبان تي رکي ته ٿوٿو ڪري اڇلي ڇڏيائين. پاڻ ان تي فرمايائون ته جيڪو روزانو مٺا موڪليندڙ هيو اڄ ان ڪوڙو موڪليو آهي ۽ تون اهو اڇلائين ٿو؟
    حضرت حافظ صاحب نماز جي مامت پاڻ ڪندا هئا. هڪ دفعي هڪ مهمان عالم کي نماز پڙهائڻ لاءِ پنهنجي مصلي تي بيهاريائون. حضرت جن جو هڪ فدائي مريد، اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگھيو ۽ مصلو کڻي ڀڄي ويو ۽ چيائين ته منهنجي سائينءَ جي مصلي تي ڪو ڌاريو ماڻهو ڇو بيهي؟ حضرت حافظ صاحب پنهنجهي پٽڪي مان هڪ ٽڪرو ڦاڙي مصلي جي جاءِ تي وڇايو ۽ ان عالم سڳوري کي ان تي بيهاريائون.
    وفات. حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊوي تاريخ 10 جمادالثاني سال 1308 هجري ۾ وفات ڪئي. کين جامع مسجد جي متصل دفن ڪيو ويو.
    * مشهور ۽ معتبر روايتن موجب پاڻ سميجه قوم مان هئا. مرتب.
    شريعت سوانح حيات نمبر،مرتب مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو