استاد العلماء حضرت مولانا نور محمد سجاولي سان ملاقات مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو لکيل آهي ان وقت اجمير ۾ ٻه مدرسا هئا. هڪ ۾ مولانا عبدالله ڪوئٽه وارو پڙهائيندو هو جيڪو فلسفه ۽ رياضي ۾ مشهور هو. ٻي ۾ مولانا معين الدين پڙهائيندو هو. اهو به معقولات ۾ نهايت مشحور هو. دوره حديث ۾ صحيح بخاري، مسلم، ترمذي، ابو دائود ۽ طحاوي سڀ ڪتاب سجاول ۾ مولانا جن وٽ پڙهيم. دوره حديث کان پوءِ نحو جا ڪتاب عبدالغفور، رضي متن متين ۽ تڪمله مولانا محمد خليل (رحيم يار خان واري) وٽ پڙهيم. مولانا محمد خليل حضرت مولانا انور شاه ڪشميري رحمة الله جا شاگرد هئا. هڪ سال ڍابيل به ويم جتي مولانا عبدالرحمان امروهي (حضرت نانوتوي رحمة الله جا شاگرد هئا) تفسير جلالين پڙهيم. مشڪواة ۽ موقوف عليه جا ڪتاب به پڙهيم. ڍابيل کان پوءِ ديوبند شريف وڃي حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني رحمة الله وٽ دوره حديث پڙهڻ جو شوق هو مگر ڳوٺ وهچڻ تي مونکي مدرسه جو استاد ڪري رکيائون. اهڙيءَ طرح حضرت مدني جي شاگردي جي شرف کان مشرف نه ٿي سگھيم. مونکي انهيءَ جو افسوس آهي. استاد مقرر ٿيڻ وارو سال 1375 هجري هو. گڏ پڙهڻ پارن فاضلن جي پڇا تي فرمايائون. گڏ پڙهڻ وارا تمام گھڻا هئا جن مان مولانا عبدالله لاهوري ولد خضر ميمڻ وڏو فاض: ۽ ذهين هو. دوره حديث ۾ ممتاز هوندو هو. شروع ۾ پڙهائڻ ۾ مشغول ٿئي ها ته نهايت ڪامياب وڃي ها) مولوي محمد عمر مالاڻو (سجاول جي پسگردائي جو آهي) مولوي سيد هاشم شاه (ور شلع ٺٽو) پڙهائڻ. 1375 هجري ۾ سجاول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيم 11 سال اتي پڙهايم. مولانا خليل احمد اسان جا صدر مدرس هئا. 11 سالن بعد سجاول جي مندرسي کان الڳ ٿيم ۽ ڪجهه سال مولوي محمد خان نوحاڻي وٽ ڪنگوره (ڊگڙي کان اولهندي اترين ڪنڊ تي) پڙهايم. اتي 3 سال پڙهايم. پير ضياء الدين جهنڊي وارن ماڻهو موڪليو ته اچو ته مدرسو توهان جي حوالي ڪريون انهيءَ وچ ۾ مولانا خليل احمد صاحب جن سجاول کي ڇڏي ويا سو سجاول وارن مجبور ڪيو ته اسان جي مدرسه ۾ اچي پڙهايو. ان وقت کان هيل تائين سجاول ۾ آهيان. 1372 هجري کان صدر مدرس آهيان. ان وقت مدرسه جو ناظم مولوي عبدالله لاهوري هو. سيد عبدالرحيم شاه 6 رجب 1367 هجري ۾ فوت ٿي ويا. پاڻ مدرسه جا سرپرست هئا ۽ مهتمم پير مهر علي شاه هو.جڏهن مان سجاول ۾ آيم تڏهن مدرسه جو سنڀاليندڙ مولوي عبدالله هو. مهر علي شاه منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ فوت ٿي چڪا هئا. شاگردن بابت پڇا ڪرڻ تي فرمايائون. شاگردن تمام گھڻا آهن. انهن مان خاص خاص هي آهن. مولوي عبدالرحمان جنهاڻ وارو (اهو مون وٽ مختصر المعاني پڙهجيو هو) مولوي عبدالغفور صدر مدرس سجاول وارو، مولوي محمد ابراهيم صدرس ڀينڊي وارو، مولوي محمد اسمائيل پنهور ٽنڊي غلام وارو، مولوي محمد يعقوب نظاماڻي، حافظ عبدلاقيوم جاڙيجو (ميرپور بٺوري جي لڳ) مولوي قائم الدين اوٺو (چوهڙ جمالي) مولوي محمد سومرو (استاد جنهاڻ سومرو). سلسله طريقت ۾ توهان جو تعلق ڪنهن سان آهي؟ جواب ۾ فرمايائون 1374 هجري ۾ ديوبند شريف وڃي حضرت شيخ الا سلام مدني رحمة الله جي هٿ تي بيعت ڪيم شعبان جا ڏه ڏينهن ۽ رمضان شريف سڄو يعني 40 ڏينهن سندن خدمت ۾ رهيم. حضرت مدني رحمة الله جي وفات بعد مولانا خورشيد احمد (قصبه عبدالحڪيم پنجاب) جي خدمت ۾ ويم جيڪي حضرت مدني رحمة الله جا خليفا هئا. سلوڪ جا اشغال ۽ اذڪار ڏسيائون پي بيعت نه ڪيائون. فرمايائون ته پنهنجي (حضرت مدني واري) پهرين بيعت ڪافي آهي. تحريڪ آزادي ۾ حصي وٺڻ متعلق فرمايائون ته جمعيت علماء هند جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئاسين. مدارس عربيه ۾ رائج درس نظامي جي نصاب بابت فرمايائون ته ان ۾ تاريخي طالبن، استادن ۽ مهتمم جي تعلقيات بابت فرمايائون. مدرسه هو9 مهتمم ۽ صدر مدرس جيڪڏهن مخلص هجن. طالبن تي شفقت ڪن ۽ طالبن جي خدمت کي سعادت سمجهن ته مدرسن جا حالات ۽ ماحول نهايت پرسڪون رهي. اهائي جماعت آهي جن جي لاءِ حضرت رسول الله ﷺ فرمايو. پري پري کان ماڻهو توهان وٽ علم حاصل ڪرڻ ايندا انهن جو خيال رکجو! گورنمينٽ جي مالي تعاون بابت فرمايائونم. صحيح معنيٰ سان اسلامي حڪومت هجي، علم دوست حڪمران هجن ته ان صورت ۾ اهاه غنيمت آهي. ٻي صورت ۾ بيجا مداخلت جو خطرو آهي جنهن سان مدرسن جي روح ۽ اصلي مقصد متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. معاشري جي بگاڙ بابت فرمايائون ته انجو اصلي علاج صحيح اسلامي حڪومت آهي جنهن سان معاشرو آسانيءَ سان سڌري ويندو. ”شريعت“ پبليڪيشن متعلق فرمايائون اهو سلسلو سٺو، ضروري ۽ مفيد آهي.