ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ثقافت ۽ 1 کان 15 فيبروري 2014ع تائين ٿيندڙ سنڌ فيسٽيول بابت ڪيل تقرير.
*اڄ اسان جي ثقافت، ميراث خطري ۾ آهي، هي ثقافت ۽ تهذيب اسان جي زندگي آهي.*پاڪستان اسٽڊي جي نالي تي اسان کي غلط تاريخ پڙهائي وئي آهيي.
*اسلاميات جي نالي تي اسان جي مذهب جو چهرو تبديل ڪيو ويو.*اسان عرب ۽عربن کان اڳ واري ثقافت جو واضح فرق چاهيون ٿا.
*پنج هزار سال پراڻي موئن جي دڙي جي تهذيب جا اسان مالڪ آهيون ۽ ان تهذيب، ثقافت کي بچائڻ اسان جو فرض آهي هي اسان جي امانت ۽ شناخت آهي.*هڪ ڀيرو ٻيهر موئن جو دڙو ۽ مڪلي زنده ٿيندا.
*اسان اهي ناهيون جيڪو دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي، اسان هڪ جديد ۽ روشن خيال قوم آهيون.بلاول ڀٽو زرداري
۔