iso فائيل کي استعمال ۾ آڻي usb کي بوٽ ائبل بڻايو

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
السلام عليڪم ساٿيو۔اميد ته خوش هوندو۔
اڄ اڳ ۾ مون توهان کي ون ٽو فليش سافٽوير ذريعي يو ايس بي کي بوٽ ائبل بنائڻ سيکاريو هو۔
هاڻي توهان کي iso فائيل کي استعمال ۾ آڻي usb کي بوٽ ائبل بڻائڻ سيکاريندس ڇو ته گهڻا ئي اهڙا سافٽوير اهن جيڪي iso فائيل گهرندا آهن،ان لا فائيل به ٺاهڻ سيکاريندم،تمام آسان آهي فقط ٽي اسٽيپ اچو ته پو سکون۔
سڀ کان پهرين iso فائيل ڪريٽ ڪرڻ لا توهان کي هي سافٽوير ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو۔http://www.poweriso.com پو اهو انسٽال ڪري ان کي کوليو۔پو copy تي ڪلڪ ڪري "Make CD / DVD / BD Image File تي ڪلڪ ڪريو
iso-maker-main1.gif

ان کان بعد هڪ ونڊوز کولي ايندي ان مان توهان iso کي سليڪٽ ڪريو ۽ اوڪي تي ڪلڪ پو ڪجھ منٽ انتظار ڪريو۔ ۽ توهان کي iso فائيل ٺاهن لا پنهنجي سي ڊي روم ۾ ونڊوز سي ڊي وجهو ڇو ته ان سان ئي ونڊوز ٿيندي۔

1.jpg

هاڻي توهان کي iso فائيل ٺاهڻ سيکاريو هاڻي اچو ته ان کي استعمال ڪري يوايس بي کي بوٽ ائبل ڪريون۔

سڀ کان پهرين هي سافٽوير ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پو اوپن ڪريو۔۽ پنهنجي يو ايس بي لڳايو۔
4.jpg

مٿي فوٽو ۾ ڏنل تير جو نشان آهي ان تي ڪلڪ ڪري iso ٺاهيل فائيل ڏيو ۽ اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪريو پو هي آپشن ايندو۔جيڪو فارميٽ جو پچندو۔ اتي اوڪي تي ڪلڪ ڪريو۔
5.jpg

بس ڪجھ منٽ انتظار ڪريو ۽ پو توهان جي يو ايس بي بوٽ ائبل ٿي ويندي۔۔۔۔:D:):rolleyes::oops:
اميد ته پسند ايندو هي ٽوٽريل۔
دعائن ۾ ياد رکندا
پاران فاروق سومرو۔۔۔
 
Back
Top