نائين ڪلاس جي هڪ يادگار تصوير گل ڦل 1991 واري رسالي جي لنڪ لاء هت ڪلڪ ڪريومان جڏهن 14 سالن جو هئس ته مان رسالو گل ڦل وڏي شوق سان پڙهندو هئس، ۽ ان ۾ قلمي دوستي واري سيڪشن ۾ به حصو وٺندو هئس، جنهن جو( 1991 ع جو گل ڦل عڪس سنڌي ادبي بورڊ جي سائيڊ وارو ) عڪس هت پيش ڪجي ٿو۔ ڇا؟ توهان ڪڏهن قلـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــمي دوستي ڪئي آهي۔
اهو ڪم پاڻ ڪونه ڪيوسين ۔۔۔۔ ادب کان به پري رهياسين، پر سنڌي ٻولي جي بهتري ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي لاء ڪجهه ڪرڻ سبب ئي اتفاقي طور هيڏانهن اچي وياسين۔
ها بلڪل ڪئي۔ اُن وقت اهو جنون هوندو هو۔ اڄ انهن ڏينهن کي گذرئي ڏهه ٻارنهن سال گُذري چُڪا۔ بابا سدائين دڙڪا ڏِنا ته پڙهو ته نصاب پڙهو ڇڏيو هنن ڪم کي۔ پر لڪي لڪي گُل ڦُل ۽ ارچڪ مرچڪ پڙهڻ نه ڇڏيوسين۔ اوسته محمد جو طالب حُسين ريٽي وڏو وقت قلمي دوست رهيو۔ پوءِ وقت جي واچوڙي ۾ اهي شؤق سُڪل پنن وانگي وکري ويا۔ اڄ به طالب حُسين ياد آهي پر رابطو ناهي۔ متان ڪڏهن فيس بُڪ تي ملي وڃي،
ننڍپڻ جي يادن ۾ قلمي دوستي سان لاڳاپيل کوڙ ساريون کٽيون مٺيون يادون وابسته آهن۔۔ منهنجا ايترا ته قلمي دوست هئا جو روز هڪ ٻه خط ته ايندا ئي ايندا هئا۔۔۔ويچارو پوسٽ مين ايئن سُڃاڻي ويو هو جو خط تي جيڪڏهن رڳو ممتاز قريشي مڪلي لکيل هوندو هو ته به پاڻهي گهر اچي پهچائيندو هو۔۔۔۔ مان مختلف اڙدو توڙي سنڌي ٻارن جي رسالن ۾ تمام گهڻو لکندو هئس۔۔انعام به ڪافي ملندا هئا۔۔۔۔ اهي ڏينهن وسارڻ جهيڙا نه آهن۔ مونکي اڄ به ياد آهي ته رسالن ۾ پنهنجا ڇپيل نالا، تحريرون ۽ تصويرون قئنچي سا ڪٽي هڪ رجسٽر تي کنؤر سان چنبڙائي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هئس۔۔۔ خوشقسمتي سان مون وٽ اڄ به اهو رجسٽر محفوظ آهي ۔ان جا ڪجهه صفحا دوستن لا۔۔۔
واهه سائين واهه اوهان ته اسان جي جوڙ جا نِڪتا، ۽ اسان کان ڪيئي قدم اڳتي۔ اهي ڏينهن ڪڏهن وسارڻ جا ناهن يار۔ ڪيڏي خوشي ٿيندي هئي جڏهن اهي سڀ ڇپبا هئا۔ مون به رڪارد رکيو۔ ڪافي سنڀاليم پر جڏهن يونيورسٽي ويس ته امان پوڙهي اهي سنڀالي سنڀالي ٿڪي جو ننڍا ڀائر سدائين انهن جي ڪڍ هوندا هئا۔ ۽ نيٺ اهو ذخيرو ويو لئي مٽي ٿي۔ هاڻي سنڌي ادبي بورڊ اهي پراڻا ورق نيٽ تي آڻي يادون تازيون ڪيون آهن خوشي ٿي۔
ها ادا مون قلمي دوستي ڪئي ۽ پنهنجي رسالي ماهوار گلڙا ۾ کوڙ سارن لکندڙن جي دوستي پڻ ڪرايم، پر افسوس جو اڄ منهنجو سمورو رڪارڊ مون وٽ ناهي۔
بلڪل صحيح پيا چئو ادا شبير ساگر۔۔مونکي ياد اچي پيو۔۔۔توهان جي رسالي جا ڪجهه شمارا شايد مون وٽ اڃا به هجن۔۔۔ ۽ ادا عبدالحفيظ۔۔۔سچ پچ ننڍپڻ جي انهن مٺڙين يادن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي۔۔مون ڪوشش ڪري پنهنجو ذخيرو محفوظ رکيو آهي۔الحمدُ الله مون وٽ گل ڦل سميت ڪافي ٻارڙن جا رسالا محفوظ آهن۔۔ بس هڪ ڏک آهي ۔۔۔قلمي دوستي ڪندي مختلف دوستن جي خطن جي به هڪ ٻوري اڌ ڀرجي وئي هئي۔۔ ڪافي عرصو سانڍي به رکيم پر بدقسمتي سان مينهن جي پاڻي ۾ پسجي اهڙي ٿي وئي جو خط خط سان چنبڙي پيا۔۔نه چاهيندي به سمنڊ حوالي ڪرڻي پئي۔۔۔ انهن ڏينهن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جو وڏو جنون هوندو هو۔۔۔اسان وٽ مڪلي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري هوندي هئي۔ مونکي اڄ به ياد آهي۔۔لائبريري ۾ موجود سڀ ڪتاب پڙهڻ باوجود منهنجي سڪ ڪو نه لٿي هئي۔۔پو وي پي ذريعي لاهور ۽ ڪراچي مان ڪتاب گهرائيندو هئس۔۔۔ان وقت مان سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڇپجندڙ ڪافي رسالن ۾ لکندو هئس۔۔۔ايتريون ته تحريرون ڇپيون جو هاڻ ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ لکڻ جو ڪو شوق ئي نه آهي۔۔۔۔ جڏهن 1994 ۾ ايل ايم سي ڄامشورو ۾ ايڊميشن ٿي ته پو اهي سڀ شوق جاري رکي نه سگهيس۔۔۔ميڊيڪل جي تعليم، هاؤس جاب، ايف سي پي ايس، گورنمنٽ جاب ، شادي ۽ ٻارن جي مصروفيتن ڄڻ پنهنجون سڀ خواهشون ختم ڪري ڇڏيون آهن۔۔۔۔ادب پڙهڻ به وسري ويو ته لکڻ به وسري ويو۔۔۔ پر۔۔۔سلام آهي سنڌ سلامت فورم کي۔۔هتي اچي ٻيهر پراڻي شوق جي تڪميل ٿي ويندي آهي۔۔۔هاڻ سنڌ سلامت تي ئي سنڌي ادب کي پڙهندو آهيان ۽ ٿورو گهڻو لکڻ جي به ڪوشش ڪندو آهيان۔۔۔
ادا ممتاز قريشي صاحب توهان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي سڀ منهنجن ڳالهين سان ميچ ڪن ٿيون،۽ ائين ٿو لڳي ته توهان پنهنجي نه پر منهنجي ڳالهه ڪري رهيا آهيو۔ادا انهن ڏينهن ۾ مان دادو ۾ ٻارن جي شيء ۽ سگريٽن جي ڪيئبن هلائيندو هئس۔ ادا قريشي صاحب منهنجا به ان دور ۾ ڪيترائي قلمي دوست هوندا هئا، ۽ روزانه سنڌ جي مختلف شهرن ۽ سنڌ کان ٻاهران پڻ پنج ڇهه خط مون وٽ ايندا رهندا هئا،۽ اهي خط مان روزانه پڙهندو به هئس ۽ وري انهن خطن جا جواب به ڏيندو هئس، ۽ انهن خطن مان ڪيترائي خط مون وٽ اڄ به محفوظ آهن،جيڪي منهنجن يادن جو هڪ خزانو آهن۔ادا قريشي صاحب مون سان به اهيا ساڳي ڳالهه لاڳو هئي ته خط تي صرف منهنجو نالو ممتاز علي وگهيو دادو لکيل هوندو هو ته خط مون کي اچي ملندو هو ۽ اهيا ڳالهه به توهان جي درست آهي ته انهن ڏينهن ۾ انهن ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ تمام گهڻي خوشي ملندي هئي۔۽ مان به توهان وارا ساڳا ڪم ڪندو هئس،۔۔۔۔۔۔ ادا ممتاز قريشي صاحب مان ڏسان ٿو ته توهان جون مشغليون به مون واريون ساڳيون مشغليون آهن پر پوء به توهان مون سان هرو ڀرو اختلاف ڇو؟ ڪندا آهيو۔۽ اهي به تمام وڏا اختــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــلاف ادا مزي جي ڳالهه توهان کي ٻڌائيندو هلان تهانهن ڏينهن ۾ منهنجو هڪ قلمي دوست هو فرزند علي ڪيريوڀريا روڊ وارو ( جيڪو ٽي وي تي ڪچهري پروگرام به ڪندو هو ) جيڪو ڇوڪري بنجي ڪري مون سان ڪيترا سال خط ڪتابت ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجو شارٽ نالو لکندو هو۔ ايف اي ڪيريو۔۽ آخرڪار پوء مون کي حقيقت کان واقف به ڪيو هئائين۔جنهن سان پوء ڪيترا سال گذرڻ کانپوء هت ڪراچي ۾ ڪشور هائيٽس ۾ ملاقات ٿئي هئي۔۽ پاڻ ڪراچي ۾ گلستان جوهر ۾ رهندو هو۔ادا ڇا ته انهن ڏينهن جو مزو هو، ادا مطلب ته اهي ڏينهن هئا، بقول شيخ اياز صاحب۔ ڪي ڏينهن هئا، ۽ نينهن هئا، ڪنهن جي سونهن به ڪا ورونهن هئي، نه رهي نه رهي گذري به وئــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي۔ انهن ڏينهن ۾هڪ يادر ڪيئبن تي ورتل تصوير