ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
آمريڪي شهر ڪينساس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ترڪڻ (واٽر سلائيڊ)ٺاهڻ جون تيريون زور شور سان جاري آهن ڪينساس سٽي جي هڪ واٽر پارڪ ۾ 17 ماڙين(فلورز) تي ٻڌل ورڪٽ نالي هن خطرناڪ واٽر سلائيڊ تائين پهچڻ لاءِ 264 ڏاڪڻيون چڙهڻيون پونديون.جنهن بعد ان تي ويٺل ماڻهو 65 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سانزمين ڏانهن سفر ڪندي اچي پاڻي ۾ پوندو.هن ترڪڻ کي ايندڙ سال مئي ۾ عوام جي لاءِکوليو ويندوهينئر تائين سڀ کان وڏي واٽر پارڪ جو اعزاز برازيل جي واٽر سلائيڊ وٽ آهي، جيڪا 134.5 فوٽ مٿي آهي