ولر کان وڇڙيل ڪونجڙيون.....!! اعجاز منگي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    ولر کان وڇڙيل ڪونجڙيون.....!! اعجاز منگي۔ هو صبح جو گهر وارن لاءِ ناشتو ٺاهي نڪتيون هيون. پر انهن پنهنجي لاءِ ڪا لنچ باڪس نه کنئي. ڇو ته انهن کي سمورو ڏينهن پلاسٽڪ جون پيتيون کڻي اهي گهٽيون گهمڻيون هيون، جن ۾ اڳ رولو ڪتا ۽ آواره مرد انهن جي ڪارن برقعن ٿي ڀوڪندا ۽ ڀڻڪندا هئا. پر هاڻي انهن گهٽين ۾ موت جو خوف به سندن پيڇو ڪرڻ لڳو هو. جڏهن کان پوليو ورڪرن جي مٿان قاتلاڻا حملا شروع ٿي چڪا هئا، تڏهن کان انهن کي گهروارن اهڙو خطرناڪ ڪم ڪرڻ کان منع ته ڪئي هئي پر ”پنهنجي مارن جون ٻوليون سڃاڻڻ“ وارين انهن نارين کي به معلوم هو ته عورتن کي منع ڪرڻ جا الڳ الڳ انداز هوندا آهن. جڏهن انهن کي ڪنهن ڪم کان حقيقي طور تي روڪڻو هوندو هو، تڏهن گهر وارن جا لفظ ۽ لهجا ٻيا هوندا هئا پر هي انداز فارملٽيءَ وارو هو. ان ڪري انهن روڪيندڙن کي اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته ”اسان اڪيليون ته ناهيون، ٻيون به ته آهن“ ۽ هر غريب ناريءَ ۽ بيروزگار نوجوان پنهنجي پنهنجي گهر ۾ اهو ئي جواب ڏنو هو ۽ اهڙي طرح هو انتهائي گهٽ اجرت واري پر تمام گهڻي رسڪي ڪم جي راهه تي وري هلي پيا هئا. هو جيڪي ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ واري مهم جا مذدور هئا ۽ عالمي سياست ڪنهن سرمائيدار وانگر انهن جي حفاظت جو ٺيڪو نه کنيو پر ان هن ملڪ کي اهو ٺيڪو ڏنو هو ته هو ڪنهن به طرح سان پنهنجي ملڪ کي پوليو کان محفوظ ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪن. پاڪستان جي ڪامورن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي معلوم هوندو ته هن ملڪ ۾ غربت ماڻهن کان ڇا ڇا نه ٿي ڪرائي سگهي؟ ان ڪري انهن هيٺين سطح تي ٺيڪيداريءَ واري انداز سان ان ڪم کي هلايو ۽ ڏسندي ڏسندي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر وستي واهڻ ۾ پوليو ورڪرز جا ولر زمين تي هلندڙ ڪونجن وانگر ڪاهي پيون هيون ۽ هر گهر جي دري تي پوليو جا نشان لڳڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ ان ڪم جي دوران انهن پورهيت عورتن جي هر قسم جي تحفظ جو ڪو به بندوبست نه هو. ايترو به نه ته جيڪڏهن ڪو گهٽيءَ جو غنڊو انهن کي تنگ ڪري ته هو شڪايت ڪري سگهن. جيڪڏهن انهن کي شڪايت ڪرڻ جي سرڪاري سهولت ملي به وڃي ها، تڏهن به هو پاڻ سان ٿيندڙ زيادتيءَ جي ڪنهن کي دانهن نه ڏين ها! ڇو ته انهن جي سينن ۾ ڌڙڪندڙ دل ڪبوتريءَ جيان ڪمزور ۽ ڊڄڻي هوندي آهي. هو جيڪي هڪ لفظ چوڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچينديون آهن. اهي دشمنيون ڪيئن ٿيون افورڊ ڪري سگهن!!؟ پر پوءِ به هڪ نالي ماتر تحفظ به حاصل نه هو، انهن نارين کي جن هن ملڪ جي عجيب غريب ۽ بد دماغ قسم جي سازشي پر دهشتناڪ نوعيت واري سياست سبب پنهنجيون حياتيون تمام وڏي خطري حوالي ڪيون هيون. جڏهن ته هن ملڪ جا حڪمران حفاظت جي حصارن ۾ ويٺي اهي بيان جاري ڪندا رهيا ته هو انتهائي خطرن جي باوجود ملڪ جي خدمت ڪندي، ايندڙ نسل کي پوليو کان پاڪ معاشرو فراهم ڪري رهيا آهن پر انهن خطرن ۾ وڌيون هيون اهي نازڪ ناريون، جيڪي ڪنهن وڏي عزم سان لاڳاپيل نه هيون. انهن کي ته پاڻ کي بچائڻ جي ڪا ٽريننگ به مليل نه هئي. انهن کي گرميءَ توڙي سرديءَ ۾ سموري ڏينهن جي پورهئي جا ملندا به هئا ته صرف ڏيڍ سئو روپيا! پر پوءِ هو اهو ڪم وڏي جفاڪشيءَ ۽ ايماندريءَ سان سرانجام ڏينديون رهيون ۽ انهن جي تمام گهڻن مطالبن کان پوءِ انهن جي اجرت ۾ اضافو به ٿيو ته پنجاهه روپين جو!! اها دنيا جنهن ۾ جانورن جي حقن جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي، تنهن دنيا هن ملڪ جي انهن عورتن جي تحفظ تي تر جيترو به نه ويچاريو، جن کي پوليو ختم ڪرڻ واري مشن جي مذدوريءَ ۾ دهشت مخالف جنگ جو اهو موڙ ڪراس ڪرڻو پئجي ويو آهي، جتي هو انتهاپسندن جي اکين ۾ ”ڪاريون“ بڻجي ويون آهن. هو جيڪي انهن جي نئين نسل کي معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پوليو جا ڦڙا پيئارڻ نڪرن ٿيون پر انهن سان اهڙو سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي ته ڄڻ هو امرت نه پر انهن جي ٻارن کي زهر جا ڦڙا ٿيون پيئارين ۽ انهن ٻارن جون مائرون به انهن عورتن جو انتظار ڪن ٿيون ۽ انهن کي چون ٿيون ته ”اسان جي ٻارن کي ڦڙا پيئاريو پر نشان نه لڳايو. ڇو ته اسان جا مرد اسان کي مارين ٿا“ جنهن ملڪ ۾ مسيحائي مجرمي بڻجي وڃي، ان ملڪ جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ اهو ملڪ جنهن ۾ پهاڙن کان وٺي سمنڊ جي ساحلن تائين مقتل بڻيل هجي، ان ملڪ ۾ پوليو بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ وارين نارين سان گهٽ ۾ گهٽ اهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، جهڙو سلوڪ ميدان جنگ ۾ نرسن سان ڪيو ويندو آهي. پر هيءَ ڪهڙي جنگ آهي؟ جنهن ۾ نرسين کي قتل ڪيو وڃي ٿو. بلڪل ائين جئين گذريل ڏينهن ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ڪراچيءَ جي علائقي قيوم آباد ۾ ٻن نارين ۽ هڪ نوجوان کي پوليو مهم ۾ حصو وٺڻ واري ڏوهه سبب سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. بنون ۽ پوءِ پنڊيءَ جي دهشتگرد ڪارروائين جو پلاند اڃان تائين اتر وزيرستان جي علائقي مير عليءَ مٿان اڏامندڙ جهازن جا اهي پر وٺي رهيا آهن، جن جو پاڇو پئجي رهيو آهي، انهن ٽٽل ڦٽل گهرن جي مٿان جن ۾ هڪ گهر مشهور طالبان ليڊر عدنان رشيد جو به آهي. سرڪاري جي پڌرائيءَ مطابق هوائي حملن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا آهن، جڏهن ته مقامي پڌرائيءَ جي دعويٰ آهي ته انهن ڪارروائين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ظاهر ته هوائي حملو، هوائي حملو هوندو آهي. جيڪڏهن اوهان زميني جنگ ۾ به صرف ٽارگيٽ کي هٽ ڪرڻ جي باري ۾ سئه سيڪڙو پڪ نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ ان ايئر اسٽرائيڪ ۾ صرف گهربل همراهن کي ڳولي ڳولي ڪئين ٿا ماري سگهو ۽ جڏهن عورتن ۽ ٻارن جي لاشن جو ذڪر اچي ٿو ته انهن وٽ به چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هو به هن وقت تائين سون خودڪش حملن ۾ مري ويل هزارن عورتن ۽ ٻارن جا تفصيل پيش ڪري سگهن ٿا. ان ڪري فوج کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، اهو ڪندي آهي. ان لاءِ هن کي حڪومت کان هدايت يا اجازت وٺڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي. هن ڀيري به ميان نواز شريف امن مذڪرات تي آنچ نه اچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر فوج پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو. هن دهشتگردن لاءِ ڪو مذمتي بيان جاري نه ڪيو. آءِ ايس پي آر ڪا پريس رليز نه ڪڍي. انهن سڌا سنوان جهاز ڪڍيا ۽ ان ميران شاهه مٿان بم وسائڻ لڳا جيڪا طالبان جي لاءِ سک جي وسندي رهندي آئي آهي. پر اهم سوال آهي انهن مسڪين پورهيت عورتن جو، جن جو بدلو ڪير به نه وٺندو. اهي مسڪين مايون جن کي ڪراچيءَ جي علائقي قيوم آباد ۾ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. اهي غريب ناريون جن کي ميڊيا ”پوليو ورڪر“ لکندي ۽ چوندي آهي. جيڪي سڄو ڏينهن ڀٽڪنديون آهن ۽ هڪ هڪ در کڙڪائي ٻارن کي پوليو جي بچاءَ جا ڦڙا پيئارينديون آهن ۽ انهن کي ڏينهن جو مانيءَ جا ٻه گرهه به نصيب نه ٿيندا آهن ۽ سڄي ڏينهن جي سخت پورهئي جو معاضو انهن کي مشڪل سان ٻه سئو روپيا ملندو آهي. سرڪار انهن کي ڀلي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ”صحت جون سپاهي خواتين“ قرار ڏئي پر هو ڪنهن مشن جي ڪري اهو ڪم نه ڪنديون آهن. اهو ڪم انهن جي لاءِ مذدوري آهي. هو پنهنجي مسڪين حاليءَ سبب انتهائي سخت خطرن ۾ به ملڪ جي گهٽيءَ گهٽيءَ جي گهر گهر تي وڃي صدا ڏينديون آهن. انهن عورتن ۾ اڪثريت هوندي آهي، انهن جي جن کي پنهنجا ٻچڙا پالڻا هوندا آهن ۽ انهن ۾ چڱو خاصو انگ هوندو آهي، انهن نوجوان نارين جو جن کي پنهنجي شاديءَ لاءِ ڏاج ڪٺو ڪرڻو هوندو آهي. پر جڏهن هڪ ماءُ آڏو جوان ڌيءَ جو لاش ايندو آهي ۽ هوءَ جن هٿن تي ميندي ڏسڻ جا خواب ڏسندي آهي، تن تي لهوءَ جا داغ ڏسي اها امڙ ڪهڙي ڪيفيت مان گذرندي آهي؟ ان سوال جو جواب لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. پر پيڙا جي ان پل کي اسان جي مانواري ميڊيا صرف ۽ صرف انتظامي اپائن جي روشنيءَ ۾ ئي ڏسندي آهي. عجيب ونهوار آهي، هن انتظامي جهان جو! جنهن ۾ هڪ انتهائي تڪراري پروفائيل رکندڙ پوليس آفيسر جڏهن دهشتگرديءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، تڏهن پورو ملڪ هن سان همدردي ڪرڻ جو ڀرپور مظاهرو ڪري ٿو. هن جي امير علائقي ۾ موجود گهر تي عذرخواهيءَ لاءِ وڏيون وڏيون شخصيتون پهچي وڃن ٿيون پر انهيءَ شهر ۾ جڏهن ٻه جوان عورتون پنهنجي هڪ نوجوان ورڪر ساٿيءَ سميت بي گناهه گولين جو بک بڻجن ٿيون ته اسان جي حڪمرانن وٽ افسوس جي اظهار وارو اهو روايتي بيان آهي. جڏهن ته اصل مسئلو انهن عورتن جو تحفظ ۽ انهن جي معاوضي ۾ واڌاري وارو آهي. پر انتظاميا لاءِ اڃان به وڏو مسئلو اهو ناهي ته انهن جي حفاظت کي يقيني ڪئين بڻائجي؟ هو اڃان به ان ڳالهه تي ويچاري رهيا آهن ته ٽن پوليو ورڪرن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ بند ويل پوليو مهم کي ٻيهر ڪيئن هلائجي؟ جڏهن ته هن شهر جي پوليس ۽ هن ملڪ جي حمڪران ڌرين جي جماعتي سگهه کي انهن مسڪين عورتن سان گڏجي پوليو جي خلاف مهم محفوظ مهم کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ڇو ته اهو مسئلو عالمي تنقيد کان گهڻو مٿي وارو آهي. اهو نئين نسل کي اپاهج بڻجڻ کان روڪڻ وارو آهي. اهو معاملو هڪ عظيم مشن ٿي سگهي ٿو. پر سرڪار جو انتظامي انداز هڪ فارملٽيءَ وارو آهي. ان غريب عورتن جي هڪ عدد تنظيم به آهي ۽ اها مطالبا به ڪندي رهي ٿي پر ڪير ٿو ٻڌي؟ جيڪا سياست مسڪين، محتاج ۽ مظلوم ماڻهن جا سڏڪا به نه ٻڌي سگهي، اها انهن مطالبن جو صدائون ڪيئن ٻڌندي، جن جو انهن جي ووٽ بينڪ مٿان ڪو امڪاني اثر به نه پوي!! اهڙي بيحس معاشري ۾ ڪارا برقعا ۽ سليٽي چادرون پائي گهٽين ۾ ڪونجن جي ولرن وانگر گهمندڙ ناريون اهڙي طرح دهشت گرد شڪارين جو نشانو ڪيئن نه بڻبيون، جئين قيوم آباد ۾ اهي ٻه ناريون قتل ڪيون ويون، جن جي لاشن تي انهن جون امڙيون پار ڪڍي روئي رهيون هيون. انهن اڪيلن لاشن جو منظر ته ائين پئي لڳو ته ڄڻ دهشتگرد شڪارين گولين سان ٻن ڪونجن کي ولر کان وڇوڙي ڇڏيو هجي!!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 جنوري 2014
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو