• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاش تون سمجهي ها منهنجي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ حبيب
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

حبيب

سينيئر رڪن
ڪاش تون سمجهي ها منهنجي

اڪيلائي کي

ڏس چنڊ به مونکي اُداس ڏسي مرڪي

آهي پيو

چنڊ جي مرڪ شايد اهو پڇي ٿي

ته ڪيڏانهن ويو تنهنجي چاهتن جو حسين چنڊ

جنهن کي تون چانڊوڪين راتين ۾

ٻانهن ۾ ڀري مونتان

مزاڪون ڪندو هُئين

ته آسمان جي چنڊ کان منهنجو چنڊ

هزار ڀيرا خوبصورت آهي

اڄ اُهوئي آسمان جو چنڊ

ستارن جي سيج تان آرس موڙي

ڄڻ ته منهنجي تنهائي تي مرڪي

چئي رهيو آهي ته

آئون اڄ به آسمان جي ستارن سان گڏ

ڌرتيءَ سان چاڳ ۽ چاهتون ورهائي رهيو آهيان

۽ تون اُداس راتين جي

اُجهاميل ڪهاڻي جئيان

اڪيلائپ جي انڌيرن ۾ گُم ٿي ويوآهين

اُها چنڊ جي چٿر ڄڻ ته

منهنجي هانوءَ ۾ خنجر جيان

کپيل آهي

جنهن کي صرف ڪا اُداس اڪيلائپ

ئي محسوس ڪري ٿي سگهي
سارنگ چانڊيو
 
چنڊ جي مرڪ شايد اهو پڇي ٿي
ته ڪيڏانهن ويو تنهنجي چاهتن جو حسين چنڊ


خوبصورت خيال
 
Back
Top