سُريلي شام ۾ جڏهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ حبيب
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

حبيب

سينيئر رڪن
سُريلي شام ۾ جڏهن

بهار جي ٿڌڙي هير گُلهندي آهي

اُن ويلي تون مونکي شدت سان ياد ايندين

آهين

جڏهن آءُ آسمان ڏانهن نگاھ ڪندو آهيان

ته اُنهي ۾ به تنهنجو عڪس نظر ايندو

آهي

سُندر پکين جي ٻولي ۾ به

تنهنجي مُرڪ جو احساس اندر ۾

اُڀرڻ لڳندو آهي

ايڏي چاهت ڏئي

پوءِ ڇو تون مونکي رات جي انڌيري ۾

اڪيلو ڪري

رڃ جي رڻ ۾ رولي وئينءَ

پاڻ ته ڪنهن خوشي جي

حسين وادي ۾ گُم ٿي وئين

۽ مونکي اڪيلائي جي عذاب ۾ اڇلي

وئين

ڇا اهو ئي تنهنجو پيار هو

منهنجي لاءِ منوا
سارنگ چانڊيو
 
Back
Top