علم ۽ ادب جو خدمتگار : شيخ محمد اسماعيل طارق عزيز شيخ شيخ محمد اسماعيل مرحوم، سنڌي لوڪ ادب، لغت، لطيفيات ۽ ماهر تعليم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هن 21 جنوري 1924ع تي حيدرآباد جي علائقي گاڏي کاتي ۾ احمد شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، محمد اسماعيل مرحوم سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هتي نامياري اديب آفتاب ابڙي جي طرفان مرحوم اسماعيل شيخ بابت هي لکيل سِٽون درج ڪندس: ”شيخ اسماعيل، سنڌ جي انهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن جي محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ۽ ادب جي عمارت کي لوڏو اچي وڃي“ (ڪتاب: شاهه لطيف بحيثيت مفڪر ) شيخ محمد اسماعيل سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن. اهڙيءَ ريت هن تعليم واري شعبي ۾ به اهم ڪارناما سرانجام ڏنا، هو ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حق لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو، هن استادن جي ڀلائيءَ واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي، ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي، استادن جون پگهارون وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ به هن يادگار جدوجهد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتاب جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي، هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندر ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو، هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو، استاد برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙيءَ ريت عمر ڪوٽ، مڪلي، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ ٻيا تاريخي مقام ڏيکاريندي، انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، شيخ اسماعيل پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو. شيخ اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي، هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان، لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي واقعا، عشقيه قصا، ڳُجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ واقعن کي پنن تي لاٿو ۽ ڪتاب تيار ڪيا، هن انهي پورهئي کي نوڪري بڻائي ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هوته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو، تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پراجيڪٽ سنڌيانا انسائيڪلو پيڊيا جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي، سندس زندگيءَ جا آخر ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پراجيڪٽ شروع ڪيو. مرحوم اسماعيل شيخ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتون نهايت قريب رهيون، جن ۾ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حميد آخوند شامل آهن، شيخ اسماعيل مرحوم جي هڪ ڳالهه پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ديانتدار رهڻ واري هن جي خوبي هئي ۽ اها ئي هن جي ڪاميابيءَ جو راز هو. مرحوم اسماعيل شيخ مطالعي جو تمام گهڻو شوق رکندو هو، اسٽالن تي نوان ڪتاب ڏسندو رهندو هو ۽ ڪيتري به ڳري قيمت وارا هجن، هو خريد ڪندو هو، پاڻ پڙهندو هو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو هو، ڪيترائي قيمتي ڪتاب پاڻ پڙهڻ بعد مطالعي جي دلچسپي رکندڙ دوستن ۽ واسطيدارن کي ڏئي ڇڏيندو هو، ڪچهرين ۾ ڳجهارتون، تاريخ جون ڳالهيون، علمي ڄاڻ، سياسي تجزيه اهڙي دلچسپيءَ سان ٻڌائيندو هو، جو ٻڌندڙ کي ڪچهري ختم ڪرڻ جو جيءُ نه چاهيندو هو، ننڍي توڙي وڏي ڄمار واري کي برابر عزت ڏيندو هو. 2003ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي، جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، وقت سان گڏ سندس طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهي ۽ هو پنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن 22 جنوري 2004ع تي اسان کان وڇڙي ويو۔
اسماعيل شيخ: مشهور اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل 21 جنوري 1926ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي -تعليم- نصرپور ۾ حاصل ڪئي، ورهاڱي کان اڳ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ هن جو ارادو پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو هو، پر والد جي خواهش تي مارچ 1948ع ڌاري -تعليم- کاتي ۾ -استاد- طور ڀرتي ٿيو. 1949ع ڌاري جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- پي. ايڇ. ڊي ڪري واپس آيو ۽ 1951ع ڌاري علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايجوڪيشن شعبي ۾ -استاد- مقرر ٿيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت اسڪيم شروع ڪيائين ته هن شيخ اسماعيل کي به -ان- ڪم ۾ شامل ڪيو. شيخ محمد اسماعيل صاحب نه رڳو انهن ٻنهي اسڪيمن، پر شاهه جي رسالي جي ترتيب واري اسڪيم ۾ به ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب سان همڪار ۽ -ٻانهن- ٻيلي رهيو. لغت اسڪيم ۽ لوڪ ادب اسڪيم جي باقاعدي آفيس اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ قائم ٿي ته شيخ محمد اسماعيل صاحب ڪيترن ٻين ناميارن عالمن، اديبن سان گڏ اتي هڪ پورهيت اديب وانگر ڪم ڪيو ۽ پوري اڌ صدي ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- جي ساٿيءَ طور سندس ڪم ۾ مددگار رهيو. شيخ صاحب سان گڏ محمد بخش واصف، سردار علي شاهه ذاڪر، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، اِبن حيات پنهور، ولي محمد طاهرزادو، -استاد- محمد يعقوب ميمڻ، طالب لوهار، ممتاز مرزا، عزيز شيخ ۽ ٻيا انهن اسڪيمن ۾ شامل رهيا. شيخ صاحب، ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب سان رفاقت دوران ڪيترن علمي مطالعاتي دورن ۽ لوڪ ادب جي ڪچهرين ۾ شامل رهيو. ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب جي اڪثر ڪتابن جي پروف ريڊنگ جو ڪم شيخ صاحب جي حوالي رهيو ۽ ڊاڪٽر -بلوچ- صاحب اڪثر ڪتابن ۾ شيخ صاحب جي انهيءَ پورهئي جو اعتراف ڪيو آهي. شيخ صاحب، ڊاڪٽر صاحب سان ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ به ساٿي رهيو، شيخ صاحب بنيادي طور -استاد- هو، هُو پرائمري استادن جي نمائنده جماعت (پ ٽ الف) جي پهرئين باني صدر مرحوم جان محمد جماليءَ جو مخلص دوست ۽ بيباڪ ساٿي رهيو ۽ استادن جي مسئلي تي جڏهن به اعليٰ اختيارن سان گڏجاڻيون ٿينديون هيون ته هي ڳالهين واري -ٽيم- ۾ شامل هوندو هو. هُو منهن تي سچ چوندڙ شخص هو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ وقت جي صوبائي وزير -تعليم- سان ٿيل جهڙپون -ان- دور جي استادن کي ياد آهن، جنهنڪري کيس 8 مهينن لاءِ ملازمت کان بيدخل ٿيڻو پيو. جنوري 1986ع ۾ رٽائر ڪيائين. شيخ صاحب علامه آءِ. آءِ. قاضي تحقيقي اشاعتي رٿا، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي اشاعتي سلسلي ۽ ٻين ڪمن ۾ به ڊاڪٽر -بلوچ- جو ساٿي رهيو، کيس ادبي ۽ علمي خدمتن جي اعتراف طور 1998ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي ميلي تي لطيف اوارڊ ڏنو ويو. فيبروري 1999ع ۾ سندس علمي خدمتن کي سامهون رکي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا کيس اٿارٽيءَ ۾ وٺي آيو ۽ کيس -انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- سيل جو انچارج ڪيائين. شيخ صاحب لغت آفيس کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، پر ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ -ان- وقت جي سيڪريٽري -ثقافت- ۽ سياحت کاتي عبدالحميد -آخوند- جي گذارش تي هن اٿارٽيءَ ۾ اچي -انسائيڪلوپيڊيا- جي ڪم ۾ هٿ وڌو، کيس ڪارڪنن جي هڪ -ٽيم- مهيا ڪئي وئي، جن هزارين ڪتابن جي اڀياس ۽ مختلف ضلعن ۾ ڪارڪنن جي نيٽ ورڪ رستي انسائيڪلو پيڊيا جو هڪ هزار صفحن تي مشمل الف- پ تائين پهريون جلد تيار ڪري ورتو. جيڪو ايڊيٽنگ کان پوءِ ڇپائيءَ لاءِ وڃڻو هو، پر ڊاڪٽر الانا صاحب اٿارٽي ڇڏي ويو ۽ پوءِ اهو ڪم شيخ محمد اسماعيل جي زندگيءَ ۾ -اشاعت- جي زيور سان آراسته نه ٿي سگهيو. شيخ صاحب جي دل ڀڄي پئي. تُرت ئي 22 جنوري 2002ع تي وفات ڪري ويو، کيس ٽنڊي -آغا- حيدرآباد جي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه تان ورتل
ڊاڪٽر فهميده حسين جڏهن شاھ لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي تڏهن 1999 ۾ "ڪلاسيڪي شاعرن جي لغات " ٺاهي وئي انهي پراجيڪٽ جو پڻ شيخ صاحب نگران رهيو